اوٻاوڙو/ ڏهرڪي/ ميرپورماٿيلو (نمائندن وٽان) اوٻاوڙي جي ڪچي رانوتي واري علائقي بيا ون واري علائقي ۾ ڏوهارين پاران اڳوڻي ايم پي اي مير شھريار شر جي گاڏي مٿان فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ سندس گارڊ علي محمد شر قتل ٿي ويو، جڏهن ته فائرنگ دوران عمر شر به مارجي ويو، جڏهن ته سهراب شر، جان محمد بگٽي سميت 2 ڄڻا سخت زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن، واقعي جي اطلاع ملڻ تي گھوٽڪي ضلعي جي پوليس ۽ شر برادري جا ماڻهو ڪچي واري علائقي ۾ پهچي اڳوڻي ايم پي اي مير شھريار شر کي باحفاظت بڪتر بند گاڏي ذريعي اوٻاوڙي پهچايو. جڏهن ته مارجي ويل عمر شر جو لاش اوٻاوڙو اسپتال آندو ويو جڏهن ته زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيميار خان اسپتال منتقل ڪيو آهي، واقعي بعد پوليس ۽ شر برادري جا ماڻهو به وڏي تعداد ۾ ڪچي واري علائقي ۾ پهچي ويا، هوڏانهن اڳوڻي ايم پي اي مير شھريار شر جي پٽ جهانگير شر جو چوڻ آهي ته بابا مير شھريار خان شر مٿان حملو ٿيو آهي جنهن ۾ هڪ ڄڻو علي محمد شر قتل ٿي ويو آهي،