اڄ شنگهائي سهڪار تنظيم جو اجلاس، پاڪستان جي ترقي لاءِ ڪم ڪنداسين: چيني وزيراعظم

اسلام آباد(م ڊ) ايس سي او سمٽ لاءِ چيني وزيراعظم لي چيانگ 11 ورهين بعد چئن ڏينهن جي دوري تي ڪالهه کان اسلام آباد پهچي ويو آهي، شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت  لاءِ پرڏيهي وفدن جي آمد جو سلسلو به جاري آهي، وزيراعظم شهباز شريف نور خان ايئر بيس تي چيني وزيراعظم جو آڌرڀاءُ ڪيو، ان موقعي تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطا تارڙ ۽ احسن اقبال به موجود هئا، جتي معزز مهمانن جو ريڊ ڪارپٽ استقبال ڪيو ويو.، چيني وزيراعظم کي 21 توپن جي سلامي ڏني وئي، ثقافتي لباس پهريل ٻارن کيس گل پيش ڪيا، بعد ۾ وزيراعظم هائوس اسلام آباد پهچڻ تي لي چيانگ کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، ان موقعي تي آرمي چيف جنرل عاصم منير به چيني وزيراعظم جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو، جنهن کان پوءِ اسلام آباد ۾ پاڪ چين معاهدن تي صحيحن بابت تقريب ٿي، تقريب دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ سمارٽ ڪلاس رومز جي حوالي سان هڪ دستاويز جي مٽا سٽا ڪئي وئي، ان کان سواءِ سي پيڪ تحت گوادر ۾ 7هين جوائنٽ ورڪنگ گروپ جي اجلاس جي نقطن تي به هڪ دستاويز جي مٽا سٽا ڪئي وئي.تقريب ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ انساني وسيلن جي ترقي بابت دستاويزن جي مٽا سٽا ڪئي وئي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ اطلاعات ۽ مواصلات جي شعبن ۾ سهڪار جي حوالي سان مفاهمت جي ياداشت تي به صحيحون ڪيون ويون.تقريب ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ فوڊ سڪيورٽي جي شعبي ۾ مفاهمت جي يادداشت به پيش ڪئي وئي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل ليبارٽريز جو قيام ۽ ڪرنسي جي مٽاسٽا بابت مفاهمت جي يادداشت تي به صحيحون ڪيون ويون، تقريب دوران نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو ورچيوئل افتتاح ڪيو ويو، تقريب کي خطاب ڪندي چيني وزيراعظم لي چيانگ  چيو ته گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي مڪمل ٿيڻ هڪ اهم سنگ ميل آهي، منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۽ چين جي افرادي قوت جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، گوادر ٻنهي ملڪن جي علائقائي ترقي جو محور هجڻ سان گڏ اهو ٻنهي ملڪن جي مضبوط دوستي جو عڪس آهي، هن چيو ته چين پاڪستان جي ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، پاڪستاني عوام جي خوشحالي اسان جي دل جي تمام ويجهو آهي، ٻنهي ملڪن جي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي، ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ چين صنعت، زراعت ۽ واپار جي شعبن ۾ مفاهمت جي ڪيترن ئي يادداشتن تي صحيحون ڪيون آهن، ٻطرفا معاهدا ٻنهي دوست ملڪن وچ ۾ هڪ نئين باب جو اضافو آهي، هن چيو ته هو پاڪستان جي ترقي لاءِ چين جي پختي عزم کان واقف آهن، چين اقتصادي ترقي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ ٻنهي ملڪن جي مضبوط دوستي جو مظهر آهي، ياد رهي ته اڄ کان شروع ٿيندڙ ايس سي او سربراهي ڪانفرنس لاءِ تياريون ۽ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، اسلام آباد شهر کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو آهي، شهر ۾ هر پاسي پاڪ چين دوستي ۽ چيني وزيراعظم جي آجيان وارا بينر ۽ پينافليڪس لڳايا ويا، سيڪيورٽي ۽ ٽريفڪ جا خصوصي انتظام ڪياويا آهن، اجلاس ۾ چين، روس، بيلاروس ۽ قازقستان جا وزيراعظم، ايران جو اول نائب صدر ۽ ڀارت جو پرڏيهي وزير به شريڪ ٿيندا، منگوليا جو وزيراعظم ۽ ترڪي جو پرڏيهي وزير خصوصي مهمان طور شرڪت ڪندا، وزيراعظم شهباز شريف ايس سي او سربراهي ڪانفرنس جي صدارت ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.