آئيني عدالت ۽ آئيني ترميم تي سواءِ پ پ پ ۽ ن ليگ جي باقي سياسي اتحادي ڌريون متفق ناهن چيو وڃي ٿو ته ن ليگ به ٻڏتر جو شڪار آهي کيس پ پ پ کان تحفظات آهن جنهن لاء ڳالهيون هلن پيون ڇاڪاڻ ته اڳتي هلي آئيني ۽ آئيني عدالت جو فائدو پ پ پ کي ئي ملي سگهي ٿو جو ان عدالت جو چيف ڪنهن ٻئي کي مقرر ڪيو ويندو ۽ ن ليگ جو قاضي فائز عيسي کي جسٽس مقرر ڪرڻ وارو خواب شايد ئي پورو ٿي سگهي۔مجوزه آئيني عدالت ۾ چيف جسٽس سميت سمورا جج رٽائر هوندا جن کي مقرر ڪرڻ جو اختيار وزيراعظم وٽ هوندو جيڪا ڳالهه سوچڻ ۽ سمجهڻ واري آهي۔ميان محمد نوازشريف آئيني ترميمن ۽ آئيني عدالت جي حق ۾ ناهي هو قاضي فائز عيسي کي ٽن سالن جي واڌ ڏيڻ ۽ چيف جسٽس جي عهدي تي رهڻ پسند ڪري ٿو پرهو به مجبور آهي جيئن بلاول زرداري ڀٽو اڳ ۾ ئي چئي چڪو آهي ته آئيني عدالت ضروري به آهي ته مجبوري به آهي. اها ڪهڙي مجبوري آهي هرڪو ڄاڻي ٿو ته هو وزيراعظم ٿيڻ چاهي ٿو جنهن لاء کيس غيبي آسرو مليو آهي جهڙي ريت چيف جسٽس قاضي فائز عيسي کي به مليل آهي۔ن ليگ سربراهه اندروني توڙي ظاهري طور بلاول ڀٽو کي وزيراعظم طور ڏسڻ نٿو چاهي ۽ انهن قوتن آڏو مجبور به آهن جن کيس پروٽوڪول ۽ آسرا ڏئي واپس وطن اچڻ جي اجازت ڏني هئي پر کيس وزارت اعظمي کان پري رکي کيس اڪيلو ڪري ڇڏيو.
تڪراري آئيني عدالت جي قيام واري مسئلي کي ترت حل ڪرڻ لاءِ ايوان صدر کي اختيار ملي چڪا آهن ته صدر مملڪت آصف علي زرداري آئيني عدالت لاءِ راهه هموار پئدا ڪري ميمبرن جو انگ پورو ڪري جيئن 25 آڪٽوبر کان اڳ ۾ اهڙو بل آڻي آئيني ترميمون منظور ڪرايون وڃن ڇاڪاڻ ته 25 آڪٽوبر بعد سياسي صورتحال تبديل ٿي سگهي ٿي ۽ حڪومت کي آئيني عدالت جي قيام لاءِ ڏکائين کي منهن ڏيڻو پوندو. 25 آڪٽوبر تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسي رٽائر ٿي رهيو آهي جنهن کي ڄاڻايل آئيني عدالت جي سربراهه طور آسرو مليل آهي پر باقي وڃي ڪو هفتو ڏيڍ رهيو آهي نئين ۽ متوقع چيف جسٽس سيد منصور علي شاهه جي مقرري وارو نوٽيفڪيشن اڃا نڪري ناهي سگهيو ۽ اهي پڻ امڪان به آهن ته ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت سپريم ڪورٽ ڪجهه ڏينهن لاءِ بنا ڪنهن چيف جسٽس جي ڪم ڪري جيڪو ملڪ ۽ انصاف لاءِ وڏو الميو ٿيندو۔نوٽيفڪيشن جو نه نڪرڻ به سواليه نشان آهي ۽ اهي امڪان به ظاهر ٿي رهيا آهن وچان ڪو نئون رستو نڪري ۽ ڪنهن جونيئر کي باءِ پاس ڪري جواز ڄاڻائي نئون چيف جسٽس مقرر ڪيو وڃي جيڪو قاضي فائز عيسي وانگر حڪومت ۽ ادارن جو سهولتڪار رهي ۽ فيصلا ڪري۔جيڪڏهن واقعي ڪا اهڙي رٿابندي ٿي چڪي آهي ته ان سان عدالتي نظام تي وڏو منفي اثر پوندو ۽ اهي جج جن حڪومت مخالف فيصلا ڏنا آهن سي باغي ٿي استعفائون ڏين يا ڪو ٻيو قدم کڻن جنهن سان حڪومت پريشان ٿي وڃي.
البته هاڻ اها پڪ ٿي چڪي آهي جسٽس قاضي فائز عيسي رٽائر ٿيڻ وڃي رهيو آهي جنهن کي سپريم ڪورٽ بار الوداعي آجياڻي ڏيڻ جا به اڳواٽ بندوبدست ڪري ڇڏيا آهن ۽ سندس پرڏيهه وڃڻ جا به اطلاع آهن۔هن وقت عدالت اندر توڙي ٻاهر حڪومت مخالف رٿائون تيار ٿي رهيون آهن جنهن ۾ وڪيلن جي وڏي اڪثريت ۽ سياسي ڌريون به سرگرم عمل آهن جنهن سان سياسي ڇڪتاڻ ۽ بي آرامي وڌي سگهي ٿي ۽ انجا منفي اثر پئجي سگهن ٿا جنهن کان بچڻ گهرجي. آئيني عدالت جي قيام تي اڳ ۾ پي ٽي آءِ اڪيلي سر مخالف هئي ۽ ان کي تحفظات هئا هاڻ جي يو آءِ عوام پاڪستان پارٽي ۽ ٻيا ننڍا گروپ به ساڻس گڏ آهن جيڪي امڪاني آئيني عدالت کي ملڪ ۽ قوم لاءِ هاڃيڪار سڏي رهيا آهن.
جي يو آءِ پنهنجو آئيني مسودو تيار ڪيو آهي ۽ پي ٽي آءِ پنهنجو مسودو آڻي رهي آهي ۽ پ پ پ به پنهنجو مسودو تيار ڪيو آهي پر اهي اڃا تائين منظر عام تي اچي ناهن سگهيا ۽ منظرعام تي آڻڻ جو مطالبو ٿي رهيو آهي۔نيشنل پارٽي بلوچستان جيڪا حڪومت جي اتحادي آهي تنهن به اهڙن متوقع مسودن کي منظرعام تي آڻڻ ۽ انتي بحث ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي۔حڪومت جي اتحادي ڌر متحده قومي موومينٽ بظاهر آئيني عدالت جي حق ۾ آهي پر هن حڪومت تي اهو شرط وجهي ڇڏيو آهي اهڙي عدالت جي قيام ۽ آئيني تبديلي آڻڻ کان اڳ ڪوٽا سسٽم جو خاتمو آندو وڃي جنهن کي پ پ پ شايد ئي قبول ڪري ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ پ پ پ جو ووٽ متاثر ٿي سگهي ٿو پر ايوان صدر متحده کي اهڙي مطالبي تان وقتي طور هٿ کڻائي سگهي ٿو۔ق ليگ ۽ سگهارين ڌرين جو ماضي ۾ سگهارو ليکيو ويندڙ محمد علي دراني به پي ٽي آءِ جو هم خيال بڻجي چڪو آهي تنهن به اهڙي تڪراري آئيني عدالت جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي.
مجوزه آئيني عدالت هاڻ ڌرين جي ضرورت بڻجي چڪي آهي جنهن تي سگهاري ڌر ايوان صدر ايوان وزيراعظم متفق آهن ۽ آئيني عدالت جي قيام لاءِ سرگرم آهن ته اها ڪنهن به صورت ۾ 25 آڪٽوبر کان اڳ قائم ٿي وڃي ۽ اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهندو جڏهن پارليامينٽ ۾ 2 ڀاڱي 3 جي اڪثريت حاصل ٿئي جنهن لاءِ سپريم ڪورٽ هر پارليامينٽر کي ووٽ وجهڻ جي آزادي ڏئي ڇڏي آهي ۽ اهو ووٽ ڳڻيو ويندو جنهن کي مخالف ڌر ايوان اندر هارس ٽريڊنگ سڏيو آهي ۽ اهو به ممڪن آهي ته مخالف ڌر جا ڪجهه ميمبر ڦيرايا وڃن جيڪڏهن ڦري ٿا وڃن ته آئيني اصلاحات ممڪن آهن ۽ پ پ پ جو پلڙو ڀاري ٿي سگهي ٿو جنهن لاءِ بلاول ڀٽو زرداري بضد آهي پنهنجي مجبوري سمجهي ٿو. اها ڪهڙي مجبوري اٿس هر ماڻهو ڀلي ڀت سمجهي چڪو آهي.
هوڏانهن اهي به خبرون آهن ته پ پ پ ۽ ن ليگ جي اڳواڻن ۽ چڱن مڙسن جو هڪ گڏيل اجلاس ٽيون ڏينهن پنجاب هائوس اسلام آباد تي ٿي گذريو آهي جنهن ۾ اهو طئي ڪيو ويو آهي ته 18 آڪٽوبر تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ڪوٺائي مجوزه آئيني بل پاس ڪرايو وڃي پر ڪجهه اينڪر ان کي ناممڪن ڪوٺي رهيا آهن۔بلاول ڀٽو زرداري جيڪو ڪنهن به صورت ۾ تڪڙي ترميم چاهي ٿو ن ليگ سربراهه ميان محمد نواز شريف سان وڃي مليو ۽ سهڪار گهريو جنهن مان لڳي ٿو ته ن ليگ ڪو به تڪڙو قدم کڻڻ نٿي چاهي ۽ قومي سطح تي مشاورت ۽ سهڪار حاصل ڪرڻ جو حامي آهي۔بلاول ڀٽو زرداري ن ليگ سربراهه کي اها به آگاهي ڏني ته جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان به ڪجهه تجويزون ڏنيون آهن جن کي به شامل ڪري سگهجي ٿو جنهن سان جي يو آءِ جو سهڪار ملي سگهي ٿو پر جي يو آءِ حلقن جو چوڻ آهي ته هنن پنهنجو الڳ تفصيلي مسودو تيار ڪيو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري ۽ نواز شريف وچ ۾ ٿيل ملاقات بعد پ پ پ وفد شيرين رحمان ۽ نويد قمر کي مولانا فضل الرحمان ڏانهن موڪليو ويو پر ڪو خاص کڙ تيل نه نڪتو ۽ وفد بنا ڪنهن گڏيل بيان جاري ڪرڻ جي واپس وريو۔ساڳي وقت اهي به اطلاع آهن ته جي يو آءِ اهڙي ڪنهن به تڪڙي تڪراري بل جي مخالفت ڪندي جيڪو انجي گهرجن کان هٽي ڪري هوندو ۽ انساني حق صلب ٿيندا هجن۔جي يو آءِ کي ٽائيم فريم تي به اختلافات ۽ خدشا آهن ۽ انتي غور ڪرڻ لاءِ وقت گهريو آهي ۽ اهو معاملو ڊسمبر تائين کڻي وڃڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي۔ساڳي وقت حڪومت ۽ اتحادين ۾ اها به ڦڙڦوٽ پيل آهي ته ن ليگ جا چار ميمبر پي ٽي آءِ جي صفن ۾ پهچي چڪا آهن ڪجهه پ پ پ طرف وڃڻ چاهين ٿا جڏهن ته پي ٽي آءِ به دانهون پئي ڪري ته سندن ميمبر ۽ ڪارڪن اغوا ڪري مٿن ذهني دٻاءِ وڌو پيو وڃي جنهنڪري به ڇڪتاڻ واري صورتحال پئدا ٿي سگهي ٿي۔ سگهارن قوتن وٽ ٻيا به آپشن موجود آهن ۽ ن ليگ ڪٿي اڪيلي نه رهجي وڃي جيئن پي ٽي آءِ جو حال آهي.
آئيني عدالت جي قيام لاءِ بل آڻڻ جي شروعات ن ليگ پاڻ ڪئي هئي جيڪا هاڻ پ پ هائيجيڪ ڪري ڇڏي آهي ڏسجي ته ڪيتريقدر ڪامياب وڃي سگهي ٿي۔ خدا نه ڪري جيڪڏهن اهو آئيني بل وقت تي پاس ٿي نٿو سگهي ته نومبر ۾ سياست جي ميدان ۾ ڪو سامونڊي طوفان به برپا ٿي سگهي ٿو جنهن جون قياس آرائيون هلن پيون ۽ ڪجهه نون آپشنز تي به غور هلي پيو جنهن ۾ نيون چونڊون يا في الحال قومي حڪومت جو قيام شامل آهي.