اسلام آباد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جو اجلاس ٿي رهيو آهي. ھي اجلاس 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي ٿيندو. پاڪستان ۾ هن وقت ڪيترن ئي قسمن جا احتجاج جاري آهن. هٿياربند گروهه دهشتگردي جون ڪارروايون به ڪري رهيا آهن. ڪراچي ۾ چيني مهمان ھڪ حملي جو نشانو بھ بڻيا آھن.
پاڪستان ۾ ھلندڙ سياسي عدم استحڪام ۽ احتجاجن باوجود شنگهائي تعاون تنظيم جو اجلاس وقت تي ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. چين ۽ روس جا وزيراعظم، ايراني نائب صدر، وچ ايشيا جي ميمبر ملڪن جا اڳواڻ پاڪستان اچي رهيا آهن. ھندوستاني پرڏيهي وزير جي شنڪر به اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد پهچندو. ھندوستاني پرڏيهي وزير چيو آھي ته هي هڪ گهڻ طرفو اجلاس آهي.ھن ۾ ٻه طرفيون ڳالهيون نه ٿينديون.ان ھوندي جي شنڪر جو اچڻ ھڪ وڏي خبر آهي.ھندوستان هن وقت هڪ دلچسپ صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي. ھندوستان جي پاڙيسري ملڪن ۾ ھندوستان مخالف حڪومتون آهن.انورا ڪمار ڊيسانائيڪي سري لنڪا جو نئون صدر چونڊيو ويو آھي.
ھي ڪنھن وقت ۾ سنھالي قومپرست بھ رھيو آھي.اليڪشن مھم ۾ ماھيگير ٽرالرز جي سري لنڪا جي پاڻي مان نڪري وڃڻ جي ڳالھھ ڪري ٿو.ڊيسانائيڪي جو کٽڻ ھندوستان جي لاءِ امڪان ۽ مشڪلات گڏ آنديون آھن.ھندوستان جي لاءِ سري لنڪا مشڪل گرائونڊ رھيو آھي.جتي جي تامل آبادي پنھنجي آزادي جي لاءِ وڙھي رھي آھي. تامل مخالفت ھڪ ھندوستاني وزير اعظم راجيو گانڌي جي زندگيءِ بھ وٺي چڪي آهي،ھندوستان جا افغانستان سان پڻ ڪي مثالي لاڳاپا نه آهن.سارڪ تنظيم ب هندستان جي ضد ۽ ھٺ ڌرمي جي سبب معطل ۽ سردخاني ۾ پئي آهي.چين جي سفارتڪاري ۾ اڳڀرائي ھندوستان جي ڳڻتي کي وڌائي رھي آهي. نيپال، ميانمار، افغانستان، پاڪستان ۽ بنگلاديش هر جاءِ تي چين پنهنجا پير ڄمائي چڪو آهي. سري لنڪاھڪ معاشي بحران کي منهن ڏيڻو پيو.جنھن جو سبب چيني قرض ۽ ڪووڊ جي وبا کي قرار ڏنو وڃي ٿو. سري لنڪا هاڻي هندستان ۽ چين ٻنهي لاءِ برابر جا موقعا ۽ چئلينجز رکي ٿو.چيني سفارتڪاري ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ، آل ، گڏيل مستقبل سان گڏ ڪميونٽي جھڙيون ڳالھيون ڪري ۽ ان تي ڌيان ڏئي ٿي. بنيادي ڍانچي جي منصوبن تي زور ڏئي ٿي. بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو چين کي ھڪ طرح سان برتري ڏئي ٿو. چين آفريڪا ۽ وچ اوڀر ۾ مضبوطيءَ سان پنهنجا پير پختا ڪيا آهن.
ھندوستان ريجن کان ٻاهر اهم اتحاد ٺاهيو آهي.آءِ ٽو يو ٽو الائنس جنھن ۾ ھندوستان اسرائيل،يو اي اِي ۽آمريڪا شامل آهن. ڪواڊ الائنس جنھن ۾ جاپان، ھندوستان، آسٽريليا ۽ آمريڪا شامل آهن. هندستان انهن نون اتحادن ڏانهن گھڻو متوج ٿيو آهي. شنگھائي تعاون تنظيم ۽ برڪس ٻھ اتحاد اھڙا فورم آھن. جتي روس ۽ چين سڀ کان وڌيڪ بااثر ملڪ آهن. هندستان سان روس جا دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا تمام گهرا ۽ پراڻا آهن. يوڪرين جي جنگ کانپوءِ ھندوستان روس کان سستي توانائي حاصل ڪئي آھي ۽ تمام گهڻو ڪمايو آهي. ھندستان روس جو واپاري ڪاٿورڪارڊ 65 بلين ڊالر تائين پهچي ويو آهي. ان مان 60 بلين ڊالر انرجي جا آهن جيڪا ھندوستان روس کان خريد ڪري ٿو.ھندستان چين سان چٽاڀيٽي ڪري ٿو، ھاڻي ريجنل اتحادن ڏانهن ڌيان ڏئي رهيو آهي. هو انهن مان حاصل ٿيندڙ فائدن کي ڇڏڻ نٿو چاهي. روسي صدر يوڪرين جي جنگ کانپوءِ ايشيا ڏانھن ڌيان ڏنو آهي. يورپ، جيڪو ڪڏهن روسي توانائي جو هڪ وڏو گراهڪ هو. اھو روس تي پابنديون لڳائي چڪو آهي. روس نئين مارڪيٽون ڳولڻ ۽ علائقائي تڪرار ختم ڪرڻ جي لاءِ سرگرم آهي.
پاڪستان کي روسي صدر 2023 ۾ پنهنجي اسٽيٽ آف دي يونين خطاب ۾ اترڏکڻ ڪوريڊور ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني هئي. پاڪستان هڪ سال بعد ان شرط سان اها دعوت قبول ڪرڻ جو اعلان ڪيو. شرط اهو هو ته پاڪستان کي برڪس اتحاد ۾ پڻ شامل ڪيو وڃي. برڪس اتحاد روس، چين، برازيل، ڏکڻ آفريڪا ۽ هندستان گڏجي ٺاهيو ويو. اهو اتحاد هاڻي وڌي چڪو آهي، نوان ميمبر ملڪ ان ۾ شامل ٿي چڪا آھن.هندستان، جنهن جي پاڙي ۾ ھن جون مخالف حڪومتون آهن. ھندوستان چين سان پنھنجي ڇڪتاڻ برقرار رکندي پاڪستان سان لاڳاپن بھتر ڪرڻ جا مڪس سگنل ڏئي رهيو آهي. سفارتي معاملن ۾ پيش رفت سست رفتار ھوندي آهي.سرپرائز گھٽ ملندا آھن،ايس سي او ڪانفرنس هڪ ٻئي قسم جو سگنل ڏئي رهي آهي.اھو ھي تھ پاڪستان ۾ سياسي عدم استحڪام، احتجاج کي دنيا هاڻي معمول سمجهي رهي آهي. جيڪا سٺي ڳالهه آهي.