ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتاز سنڌي/ عرفان علي کوسو) ڪنڌ ڪوٽ شھر سميت ضلعي اندر ڌاڙيل راڄ ۽ بدامني خلاف آل پارٽيز موومينٽ، شھري اتحاد ۽ جي يو آءِ جي سڏ تي ڪنڌڪوٽ شھر ۾ ٻئي ڏينهن تي به مڪمل شٽربند ھڙتال ڪئي وئي، مختلف سياسي سماجي تنظيمن ۽ شھرين گھنٽا گھر چوڪ تي شامياڻو ھڻي ٻھ ڪلاڪ احتجاج ڪيو، آل پارٽيز موومينٽ ۽ شھري اتحاد جي احتجاج ۾ ھزارين شھرين شرڪت ڪري امن جي ڌرتي امن ٿي چاھي، امن زندهه باد، ڏوھارين جو يار آ غدار آ غدار آ جا نعرا هنيا، ان موقعي تي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالھيندي ڊاڪٽر ميھر چند، دلمراد ڏاھاڻي، حاجي حضور بخش مغل، طارق خان باجڪاڻي، اشوڪ ڪمار سونارا، غلام مصطفيٰ ميراڻي، شاھنواز مرھٽو، شعبان جکراڻي، احسان جکراڻي، عزيز سومرو، والي ڏنو سنڌي، ڪامريڊ عباس، ولي محمد سھرياڻي، پرڪاش ڪمار، ھريش لال، ڊاڪٽر تلسي داس، اصغر شيخ، ڇوٽو جکراڻي، شمن علي باجڪاڻي، سنتوش اگروال، رميش ميگھواڙ، ديوان لال ميگھواڙ، چيلا رام ۽ ٻين چيو ته پوليس جي وس جي ڳالهه نه آهي جو ڏوھارين سان مقابلو ڪري سگھي پوليس صرف آپريشن جي نالي تي آيل پيسا ھڙپ ڪرڻ ۾ پوري آهي، ايس ايڇ او اي سيڪشن رفيق کيڙو سميت پوليس ۾ ڪيتريون ئي ڪاريون رڍون موجود آهن، جن جا نمبر ٽريس ڪيا وڃن ته ڏوھارين ۽ ساٿارين سان رابطا نڪريندا، اسين امن خاطر سرن تي ڪفن ٻڌي نڪتا آهيون، امن جي بحالي تائيم خاموش نه وينداسين، اسين ميڊيا ذريعي آرمي چيف کان مطالبو ڪيون ٿا ته ڪچي ۽ پڪي جي ڏوھاري دھشتگرد خلاف بي رحماڻو فوجي آپريشن ڪري ڪنڌ ڪوٽ شھر سميت ضلعي جو امن بحال ڪري عوام کي سک جو ساھ کڻڻ ڏنو وڃي.
-
رفيق کيڙو پاڻ بشنين، چورن ۽ ڌاڙيلن جو ساٿاري آهي: قوم پرست
ڪنڌڪوٽ: ايس ايڇ او اي سيڪشن رفيق احمد پاران هنيل الزامن ۽ احتجاج تي ويٺل شهرين ۽ قوم پرست ڪارڪنن کي گارگند واري واقعي تي شهري اتحاد جي صدر ڊاڪٽر ميهر چند، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ دلمراد ڏهاڻي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي جيوڻ سبزوئي، جسقم جي والي ڏنو سنڌي، قومي عوامي تحريڪ جي سجاد بروهي، جماعت اسلامي جي امير غلام مصطفيٰ ميراڻي چيو ته ايس ايڇ او رفيق کيڙو پاڻ بيشني، چور ۽ ڌاڙيلن جو سهولت ڪار ۽ هر ڏوهه ۾ برابر جو حصيدار آهي ۽ اسان جي پرامن احتجاجي ڪئمپ تي چڙهائي ڪري پرامن ڪارڪنن کي هراسان ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ سميت سخت نتيجا ڀوڳڻ جا دڙڪا ڏنا، هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ کي اپيل ڪئي ته ايس ايڇ او رفيق خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
-
ايس ايڇ او بشنين ۽ چورن جي يارن جا نالا کڻي: شهري
ڪنڌڪوٽ: شهري اڳواڻن چيو آهي ته ايس ايڇ او جيڪي اسان مٿان الزام لڳايا آهن اهي ثابت ڪري ۽ جيڪي بشنين چورن جا سپوٽر آهن ۽ جيڪي ٿاڻن تان انهن کي ڇڏائي ٿا وڃن انهن جا نالا ظاهر ڪري، هنن چيو ته اسين ايس ايڇ او جي لڳايل الزامن کي رد ڪريون ٿا ۽ ان جي مذمت ڪريون ٿا، هنن چيو ته اسان جا چونڊيل نمائندا اسان جي هنن سورن دردن اهنجن کان ڄڻ اڻ واقف آهن، اڄ تحريڪ کي 16هون ڏينهن آهي پر هن وقت تائين چونڊيل نمائندن مان ڪوبه اسان سان وٽ لڙي نه آيو آهي، اسان چورن، ڌاڙيلن ۽ لٽيرن حوالي ٿيل آهيون، اسان جو هڪ ئي مطالبو آهي ته اسان کي امن امان کپي، ٻي صورت ۾ هي تحريڪ وڌيڪ تيز ٿيندي.
-
لڏپلاڻ جاري، ملڪيتون اڌ رقم ۾ به ڪير وٺڻ لاءِ تيار ناهي!
ڪنڌڪوٽ: ڏوھارين پاران واپارين، شھر جي مشھور ڊاڪٽرن، شريف زميندارن کان ڀتو وٺڻ لاءِ فون ڪري تنگ ڪيو ويو آهي جنهن ڪري اهي مجبورن ھتان لڏ پلاڻ ڪري ٻين شھرن ڏي ھليا ويا آهن جنهن ڪري شھر جو ڪاروبار سخت متاثر ٿيو آهي، مالدار واپاري ھتان لڏڻ ڪري ويا، جنهنڪري ڪيترائي مزدور به روزگار کان محروم ٿي ويا آھن، بدامني، ڏوھارين جي دھشت سبب پراپرٽي وڪرو ٿيڻ به بند ٿي ويون آهن، لکين روپيا جي جاءِ اڌ رقم، ڪروڙين جي زمين لکين روپين ۾ به ڪير خريد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
-
پوليس ڪارروايون فوٽو سيشن تائين محدود، جي يو آءِ جي ريلي
ڪنڌڪوٽ: ڪنڌڪوٽ ۾ امن جي بحالي لاءِ ڌار ڌار تحريڪون هلندڙ آهن، جعميت علماء اسلام پاران به مدرسا دارالقران کان ٽاور چوڪ تائين ضلع امير مولانا شمس الدين ڀيري، جنرل سيڪريٽري مولانا جمال الدين اوڳاھي، خان محمد ملڪ، حافظ عرفان الله کوسو، مولانا محمد ابراھيم خاڪي، حافظ عبدالقادر سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ امن جي بحالي لاءِ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته جمعيت علماء اسلام پاران مرحليوار تحريڪ جو اعلان ڪيو ويو آهي، پهريان احتجاجي تحريڪ ذريعي امن امان جي بحالي لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪري رهي آهي ان بعد مرحليوار تحريڪ کي تيز ڪيو ويندو، هنن چيو ته بدامني تي ضابطو آڻڻ لاءِ پوليس کي متحرڪ نه پيا ڏسون، پوليس جون ڏوهارين خلاف ڪارروايون صرف فوٽو سيشن تائين محدو آهن، پوليس هن مهل تائين ڪنهن به ڌاڙيل کي مارڻ يا وري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي ڪابه ڪاروائي عوام آڏو سامهون نه آئي آهي، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته امن امان جي بحالي يقيني بڻائي شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
-
ڪرمپور، گڊو، ڊيراموڙ ۽ مگسي اسٽاپ روڊ غير محفوظ
ڪنڌڪوٽ: بدامني سبب روزانو انڊس ھاءِ وي بند ٿيڻ معمول بڻجي ويو آهي، ڪرمپور کان گڊو ۽ ڊيراموڙ، مگسي اسٽاپ کان ڪنڌڪوٽ روڊ مسافرن ۽ مقامي ماڻھن لاءِ مڪمل غير محفوظ بڻجي ويو آهي، مسافر گاڏين کان ڦرلٽ ۽ مقامي ماڻھن کان موٽر سائيڪلون، موبائيل فونون ۽ روڪ رقم ڦرڻ معمول بڻيل آهي، اھڙي خوف سبب مقامي ماڻھن غير ضروري سفر ڪرڻ به ڇڏي ڏنو آهي، شام جو ڇھه وڳي کان پوليس ڪانوائي لڳي ٿي جنهن سبب منٽن جو سفر ڪلاڪن ۾ مڪمل ٿي ٿو.
-
اناج منڊي، رائيس ملون ۽ فلور ملون به بند، پورهيت لڏو پريشان
ڪنڌڪوٽ: بدامني ۽ ڀتاخوري سبب متاثر واپارين ايشيا جي وڏي اناج منڊي ۽ رائيس ملون ۽ فلورملون به بند ڪري ڇڏيون آهن، ڪنڌڪوٽ ضلعو زرعي علائقو ھجڻ ۽ سارين جي فصل جي سيزن سبب واپارين آبادگارن، زميندارن، مزدورن کي نقصان ٿي رھيو آهي، ھڙتال سبب حڪومت کي به نقصان ٿي رھيو آهي، ڪارخانا بند ھجڻ ڪري بجلي جي کپت به بند ٿي وئي انھي مد ۾ ملندڙ آمدني به گھٽ ٿي وئي آهي.