پشاور(م ڊ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور پابندي مڙهيل تنظيم سان ڳالهين جي اجازت گهري ورتي.وزيراعليٰ هائوس پشاور ۾ علي امين گنڊاپور جي صدارت هيٺ گرينڊ جرڳو ٿيو، جنهن ۾ سمورين سياسي پارٽين جي سربراهن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي. جرڳي ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي به شرڪت ڪئي، جڏهن ته ايمل ولي خان، پروفيسر ابراهيم، محسن داوڙ، ميان افتخار، محمد علي شاهه باچا، سڪندر شيرپائو سميت مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، ذريعن موجب گرينڊ جرڳي ۾ وڏي وزير علي امين گنڊاپور پابندي مڙهيل تنظيم سان ڳالهين جي اجازت گهري ورتي، وڏي وزير چيو ته هو ٻئي ڌر سان ڳالهين لاءِ زمين تي ويهڻ لاءِ تيار آهن، هن وقت تائين رياست جي ايڪشن تي خاموشي اختيار ڪئي آهي، جيڪڏهن وڌيڪ ڪجهه ٿيو ته پڇاڻو ڪيو ويندو، ذريعن موجب وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته توهان ميزباني ڪريو، اسان کي ڳالهين تي ڪو به اعتراض ناهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته وڏي وزير يقين ڏياريو ته هو هڪ جرڳو ڪندو جنهن ۾ ٻين سياسي پارٽين کي به نمائندگي ڏني ويندي، ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته پابندي مڙهيل تنظيم رياست خلاف نه وڃي، جلد کان جلد مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.ٻي پاسي نيشنل ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (اين ڊي ايم) جي چيئرمين محسن داوڙ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته حڪومت 11 آڪٽوبر تي پشتون تحفظ موومينٽ (پي ٽي ايم) کي قومي جرڳو ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي، اهڙو فيصلو ڪي پي اجلاس ۾ ڪيو ويو، هن چيو ته اسان جا مطالبا مڃيا ويا آهن ۽ قومي جرڳو سڀاڻي ٿيندو،