اسلام آباد (م ڊ) پ پ ۽ ن ليگ آئيني ترميمن تي اتفاق ڪري ورتو آهي، مسودي ۾ مولانا فضل الرحمان جون تجويزون شامل ڪيو ويون آهن، جڏهن ته خصوصي ڪميٽي جو اڄ ان ڪئميرا اجلاس گهرايو ويو آهي، آئيني ترميمن جي حوالي سان ڪالهه ن ليگ صدر نواز شريف سان ملاقات لاءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پنجاب هائوس پهتو، جتي اڳوڻي وزيراعظم پ پ چيئرمين جي آجيان ڪئي، ملاقات ۾ ن ليگ طرفان مريم اورنگزيب، راڻا ثناءُ الله، پرويز رشيد، احسن اقبال موجود هئا، جڏهن ته پ پ جي يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، خورشيد شاهه، مرتضيٰ وهاب، نويد قمر به ملاقات ۾ شرڪت ڪئي.ملاقات دوران ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته آئيني ترميمون پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو مشاورت سان ڪيو ويندو، بلاول ڀٽو مولانا فضل الرحمان جي شرطن ۽ تجويزن کان آگاهه ڪيو، نواز شريف مولانا فضل الرحمان جي تجويزن تي اتفاق ڪيو، ان موقعي تي نواز شريف چيو ته وقت ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته 2006ع ۾ ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪرڻ اسان جو تاريخي فيصلو هو، ميثاق جمهوريت جي نتيجي ۾ ڌرڻن، ڏڦيڙ ۽ حملن جي سياست ڪندڙ غير جمهوري قوتن جو سڀني سياسي پارٽين گڏجي مقابلو ڪيو، نواز شريف چيو ته سمورين جمهوري قوتن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ته پارليامينٽ ذريعي انصاف جو نظام قائم ڪيو وڃي، اهڙو انصاف وارو نظام ٺاهيو وڃي جنهن ۾ ڪنهن فرد جي بالادستي نه هجي پر عوام جي راءِ ۽ ادارن جو احترام ڪيو وڃي ته جيئن ڪنهن به فرد کي اها طاقت ۽ اهو اختيار نه حاصل نه هجي ته هو سٺي جمهوري نظام کي جڏهن چاهي پٽڙي تان لاهي ڇڏي، ايئن نه ٿئي ته هڪ فرد ملڪ ۽ عوام کي اونداهين ۾ ٻوڙي ڇڏي، اڄ جيڪا معاشي ڪاميابي حاصل ٿي آهي ان جو بنياد به سياسي اتحاد ۽ اتفاق آهي.هن چيو ته چارٽر آف ڊيموڪريسي ۾ ان خواهش جو اظهار ڪيو ويو هو ته پاڪستان کي معاشي ۽ سياسي استحڪام ڏيڻ لاءِ سموريون قوتون گڏجي ڪم ڪن، جنهن سان پاڪستان خوشحال ٿيندو.ملاقات دوران بلاول ڀٽو زرداري چيو ته محترمه بينظير ڀٽو شهيد ۽ اوهان ميثاق جمهوريت جي صورت ۾ ملڪ کي اڳتي وڌڻ جو تاريخي قدم کنيو، اهو سفر جاري رکڻ جي ضرورت آهي.جنهن تي نواز شريف چيو ته اسان سياسي رواداري، اخلاقيات، آئين ۽ قانون ۽ پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ هڪ آهيون، ارڙهين ترميم ادارن کي مضبوط ڪيو.نواز شريف بلاول ڀٽو جي سياسي ڪردار کي ساراهيو ۽ شاباش ڏني.بلاول ڀٽو نواز شريف کي مخاطب ٿيندي چيو ته مان اوهان جي سياسي سرمائي، ويزن، سوچ ۽ تجربي جو قدر ڪريان ٿو، ملڪ ۽ قوم کي اوهان جي سياسي تجربي، سوچ ۽ سياسي ويزن جي ضرورت آهي.مسلم ليگ ن کانپوءِ پيپلز پارٽي جي وفد مولانا فضل الرحمان سان به ملاقات ڪئي ۽ کيس تجويزن جي منظوري جي موجوده صورتحال کان آگاهه ڪيو.ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيري رحمان چيو ته مولانا فضل الرحمان سان ملاقات هميشه سٺي رهندي آهي، مولانا فضل الرحمان سميت سمورا اسٽيڪ هولڊر مشاورت سان اڳتي وڌڻ چاهين ٿا، بلاول ڀٽو زرداري سمورين سياسي پارٽين سان مشاورت ڪرڻ جو چيو آهي.صحافي سوال ڪيو ته ڇا 25 آڪٽوبر کان پوءِ به آئيني ترميم ٿي سگهي ٿي؟ جنهن تي شيري رحمان جواب ڏنو ته ڇو نٿي ٿي سگهي، صحافي سوال ڪيو ته ڇا آئيني ترميم تي گڏيل ڪميٽي ٺاهي سگهجي ٿي؟ ٻي پاسي پ پ اڳواڻ نويد قمر دعويٰ ڪئي ته 25 آڪٽوبر کان اڳ آئيني ترميم منظور ٿي ويندي.