ايئرپورٽ ويجهو ٿيل ڌماڪي جو ڪيس سي ٽي ڊي ۾ داخل

ڪراچي (رپورٽ:حفيظ ڦلپوٽو)ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو ڌماڪي جو ڪيس 2 ڏينهن کانپوءِ سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو،  جنهن ۾ چيو ويو آهي ته حملو ملڪ جي وقار کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڪيو ويو. ڌماڪي ۾ چيني شهرين کي نشانو بڻايو ويو. ڪيس ۾ دهشتگردي، قتل، قتل جي ڪوشش ۽ ٻيا قلم شامل ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف مارجي ويل حملي آور فهد صدر جي 2 هوٽلن ۾ ترسيل هو، اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ (ايس آءِ يو) صدر جي مختلف هوٽلن ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، مارجي ويل حملي آور جي هوٽل ۾ رهائش ۽ ٻين سرگرمين جو به جائزو ورتو ويو. ان دوران اتي هوٽل ۾ رهندڙ ماڻهن جي ڊيٽا به چيڪ ڪئي وئي ۽ رهائش بابت معلومات پڻ ورتي وئي. ايس آءِ يو پوليس جو چوڻ آهي ته هوٽلن ۾ سرچ آپريشن دوران ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.