اسلام آباد(م ڊ) وفاقي ڪابينا جي انرجي ڪميٽي انڊيپينڊنٽ سسٽم اينڊ مارڪيٽ آپريٽرز (آئي ايس ايم او) پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت بجلي استعمال ڪندڙ نه رڳو حڪومت پر پرائيويٽ آپريٽرز کان به بجلي خريد ڪري سگهندا.وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل پڌرائي موجب آءِ ايس ايم او اليڪٽرڪ مارڪيٽ کي ملٽي پليئر آزاد مارڪيٽ ۾ تبديل ڪندو ۽ شفاف مقابلي واري مارڪيٽ قائم ڪئي ويندي، فيصلي تي عمل ٿيڻ سان بجليءَ جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿيندي ۽ بجلي جي واحد خريدار جي حيثيت سان حڪومت جو ڪردار به آهستي آهستي ختم ٿي ويندو.