سانگهڙ ۾ عمراڻي ۽ بگٽي برادري جي پراڻي تڪرار تان 2 ڄڻا مارجي ويا

سانگهڙ (رپورٽ: محمد حسين بلوچ)سانگهڙ ۾بگٽي ۽ عمراڻي برادري جي ڌرين وچ ۾ ڊگهي عرصي کان هلندڙ تڪرار ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا مارجي ويا. واقعو سانگهڙ ٿاڻي جي حد اندر ڳوٺ در محمد لغاري ڀرسان ان وقت پيش آيو، جڏهن مارجي ويل عزيز گل عرف پپو عمراڻي ۽ اعجاز عمراني مبينه موٽرسائيڪل تي ميرپورخاص ۾ چوپائي مال جي پڙي تي وڃي رهيا هئا ته نامعلوم ماڻھن مٿن فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب اعجاز عمراني ۽ عزيزگل عرف پپو عمراڻي موقعي تي ئي مارجي ويا. اطلاع ملڻ تي سانگهڙ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ايس ايڇ او گلزار مري ۽ ڊي ايس پي لونگ خان شر پوليس ٽيم سميت واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال پهچايا. واضح رهي ته 5 سال اڳ پسند پرڻي تان شروع ٿيل تڪرار سبب هي واقعو پيش آيو، هن مهل تائين تڪرار دوران هڪ عورت سميت 5 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.