اسلام آباد(م ڊ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي شادي جي حوالي سان دلچسپ تبصرو ڪري ڇڏيو، زرداري هائوس اسلام آباد ۾ سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي ان وقت دلچسپ صورتحال پيدا ٿي وئي جڏهن هڪ صحافي بلاول ڀٽو زرداري کان سوال ڪيو ته اوهان جي شادي ڪڏهن ٿي رهي آهي؟ جنهن جو بلاول ڀٽو زرداري کلندي جواب ڏنو ته منهنجي شادي منهنجي مرضي.بلاول ڀٽو زرداري جي اهڙي جواب تي ٽهڪڙو مچي ويو،