خيرپور ناٿن شاهه (رپورٽ: ارشد ٻگھيو) ڪي اين شاهه ڀرسان انڊس هاءِ وي ڳوٺ لڌاڻ وٽ تيز رفتار ٽرڪ جي زوردار ٽڪر لڳڻ سبب موٽر سائيڪل سوار خيرپورناٿن شاهه جو نوجوان واپاري عبدالسميع شيخ ولد اياز شيخ ۽ سندس ملازم 27 سالا ديدار علي ٻگهيو ٽرڪ هيٺان اچي چيڀاٽجي موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، ٽرڪ ڊرائيور موقعي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويو، اطلاعن تي ڪي اين شاهه پوليس پهچي لاش کڻائي تعلقه اسپتال ڪي اين شاهه پهچايا ويا، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو آهيs.