مونال ريسٽورنٽ کي ڊاهڻ واري فيصلي تي اسٽي ڏيندڙ جج معطل

اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) مونال ريسٽورنٽ ڪيرائڻ جي سپريم ڪورٽ جي فيصلي باوجود اسٽي ڏيندڙ سينيئر سول جج انعام الله کي معطل ڪيو ويو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق اسٽي ڏيندڙ سينيئر سول جج انعام الله کي او ايس ڊي بڻائي هاءِ ڪورٽ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سينيئر سول جج خلاف انڪوائري جو حڪم به ڏنو.سينيئر سول جج انعام الله جو انڪوائري آفيسر ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڪامران بشارت مفتي هوندو. عدالتي ذريعن موجب هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق اڄ سينيئر سول جج انعام الله کي عدالت به طلب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.