ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ سڪيورٽي فورسز فرنٽيئر ڪور (ايف سي) جي چوڪي تي حملي کي ناڪام بڻائيندي آپگهاتي بمبار سميت 2 دهشتگرد ماري ڇڏيا، آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردن ڪالهه صبح سوير ايف سي جي چوڪي کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي سيڪيورٽي فورسز ناڪام بڻائي ڇڏيو، سڪيورٽي فورسز انتهائي گهربل دهشتگرد عمر عرف عماري کي به ماري ڇڏيو، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد ڊپٽي ڪمشنر شيراني جي قافلي تي حملي سميت ڪيترن ئي ڪاررواين ۾ ملوث هو، پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ حوالدار جمشيد خان شهيد ٿي ويو، 39 ورهين جو حوالدار جمشيد خان شهيد ڊيرا بگٽي جو رهواسي هو، بلوچستان جي شهر تربت ۾ دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻايو ويو، سيڪيورٽي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته هڪ گاڏي مان هٿ آيل بارودي مواد 280 ڪلوگرام آهي، ڌماڪيدار مادو تربت ۾ دهشتگرد حملي ۾ استعمال ٿيڻو هو، ٻي پاسي پاڪ افغان سرحد جي نوشڪي غزنيلي سيڪٽر تي افغان فورسز طرفان ڪنڊيدار تارن جي مرمت دوران پاڪستاني چيڪ پوسٽن تي فائرنگ ڪئي وئي، پر سڪيورٽي فورسز جوابي ڪارروائي ڪندي افغان چيڪ پوسٽن کي نشانو بڻايو، سڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي جي نتيجي ۾ افغان فورسز کي وڏو نقصان پهتو، پاڪستان واضح ڪيو آهي ته هو پنهنجي سرحدن جي حفاظت لاءِ موثر قدم کڻندو رهندو ۽ ان جي علائقائي سالميت تي ڪنهن به صورت ۾ سمجهوتو نه ڪيو ويندو.