سائين جي ايم سيد کي جيئن مون ڏٺو …

تحرير: احمد خان جمالي

مون 1965. 66 کان سنڌ جي شاگرد جدوجهد ۾ سرگرمي سان حصو وٺڻ شروع ڪيو. ون يونٽ جي خلاف چاڪنگ ڪندي سائين شاھ محمد شاھ سان ان وقت ملاقات ٿي جڏهن اسان نوابشاهه ۾ سڪرنڊ روڊ تي  آڌي رات جو سندس رهائش واري گھر جي ڀت تي “ ون يونٽ ٽوڙيو “ ۽ “ جيئي سنڌ “ لکي رهيا هئاسين.  سائين شاھ محمد شاھ ، اسان جي چاڪنگ پڙهي، پرجوش انداز سان چيو ته “ هي ته منهنجي ڏاڏي جي جماعت آهي “ . شاھ محمد شاھ ان وقت گورنمينٽ ڪاليج نوابشاه ۾ داخلا ورتي هئي ۽ سائين امداد محمد شاھ صاحب سان گڏ رهندو هو.  ان ڏينهن کان آئون ۽ سائين شاھ محمد شاھ پاڻ ۾ دوست به ٿي وياسين ته نوابشاه اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ به گڏجي جدوجهد ڪندا رهياسين.

جنهن شخص جي سياسي زندگي ستن ڏهاڪن تي ٻڌل هجي، ان شخص جي باري ۾ منهنجي طرفان لکڻ “ ڇوٽا منهن بڙي بات ٿيندي “. سائين جي ايم سيد سان آمهون سامهون پهرين ملاقات 1972 ۾  سن ۾ ان وقت ٿي جڏهن سنڌ ۾ ٻولي جا فساد هلندڙ هئا.  آئون، سائين شاھ محمد شاھ ۽ سڪندر بنگوار سڪرنڊ کان ٿيندي، ننڍي محراب پور وٽان ٻيڙي رستي سن پهتا هئاسين.  ان موقعي تي مون سائين کي عرض ڪيو ته “ سائين اوهان جا بلوچ اڳواڻن سان به سٺا لاڳاپا آهن، ان ڪري هن موقعي تي اوهان جيڪڏهن انهن سان صرف ملاقات ڪندا ته ان سان به  فسادين ڏانهن “ چتاءِ “ جو پيغام ويندو.  جنهن جي جواب ۾ سائين وراڻيو ته بلوچ اڳواڻ هاڻي پنهنجي  مطمع نظر تان ڦري ويا آهن. “. سائينءَ اسان کي به هدايت ڪئي ته پاڻ سان هٿيار نه کڻو،  هٿيار کڻندئو ته پاڻ جهلي نه سگهندئو ۽ هروڀرو به استعمال ڪندئو. سائين پنهنجو مثال ڏيندي چيو ته “ ڪالهه منهنجي هٿ ۾ به بندوق هئي ۽ جڏهن منهنجي نظر ڪتي تي پيئي ته خيال آيو ته وهائي ڪڍانس، پر پوءِ سوچيم ته ماڻهو ڇا چوندا ته“ هن جهڙي پرئي مڙس هي ڇا ڪيو “ . سائين چيو ته اوهان ڪجهه به نه ڪيو، ڏسون ته پيپلزپارٽي جي حڪومت ۽ هي فسادي هڪ ٻئي سان ڇا ٿا ڪن؟. پر ٽن چئن ڏينهن کان پوءِ جڏهن پاڻ سائين چئن پنجن شهرن جو تڪڙو تڪڙو دورو ڪندو ۽ جلسن کي خطاب ڪندو شاھپور چاڪر پهتو ته کيس گرفتار ڪري نظر بند ڪيو ويو.

ان کان پوءِ سائين سان ٻي ملاقات حيدر منزل تي ان وقت ٿي جڏهن آئون حفيظ پيرزادي واري ڪيس ۾ شنوائي تي حاضر ٿيڻ لاءِ مرحوم عبدالمجيد جمالي سان گڏ ڪراچي آيس. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن يوسف جکراڻي، اسرار سرڪي ۽ شاهنواز شاھ وارن انٽرنيشنل هاسٽل جي ھڪ ڪمري ۾ ويٺل سائين علي مردان شاهه، جان احمد کهڙو ۽ سندس ساٿين تي هٿيارن سان حملو ڪيو هو، جنهن ۾ مٿيان ٻئي دوست فوت ٿي ويا هئا ۽ مجيد جمالي پيٽ ۾ گولي لڳڻ جي ڪري سخت زخمي ٿي پيو هو.  صحت ياب ٿيڻ کان پوءِ عبدالمجيد جي سائين جي ايم سيد وٽ اها پهرين حاضري هئي.  سائين جي ايم سيد، ملاقات دوران عبدالمجيد کي چيو ته “ پاڻ ۾ ٺهي وڃو،  ڀلا وڌيڪ نه ته گهٽ ۾ گهٽ اسان جي عزيز يعني شاهنواز شاھ سان ٺھي وڃو “. عبدالمجيد جمالي، سائين جي اڳيان ته خاموش رهيو پر ملاقات کان پوءِ ٻاهر اچي ڏک جو اظهار ڪيو.

سائينءَ سان ٽيون ڀيرو حيدر منزل تي،  ڪامريڊ ڄام ساقي سان گڏ ملاقات ٿي.  اسان شام جو جڏهن حيدر منزل پهتاسين ته سائين جي خدمتگار  پريشاني مان  ڪامريڊ ڄام کي ٻڌايو ته “ سائين صبح کان ناراض آهي ۽ ڪجهه به کائي پيئي نٿو.  سائين جي ايم سيد، ڄام ساقي کي ڏاڍو ڀائيندو هو، جڏهن ته ڄام ساقي هميشه سائين جي پيرن تي هٿ رکي ادب ۽ احترام سان ملندو هو. سائين سان ملڻ کان پوءِ، ڄام ساقي،  جوس جو گلاس گھرائي پيئاريو ۽ سائين کان پڇيو ته “ کاڌي ۾ ڇا کائيندا “ جنهن جي جواب ۾ سائين وراڻيو ته “ دال چانور.

ان کان پوءِ سائين سان آخري ملاقات تڏهن ٿي جڏهن سنڌ ۾ ڄام صادق علي وڏو وزير هو ۽ سائين امتياز شيخ، وڏي وزير جو خاص سيڪريٽري هو.  ان وقت ڪي اي ايس سي ۾ 150انجنيئرن جي ڀرتي جو سلسلو شروع ٿيڻ وارو هو.  آئون انجنيئرس اينڊ آفيسرس ايسوسيئيشن جو صدر هوس. ايم ڪيو ايم جو دور هو، ڄام صادق سان گڏ هئا.  آئون، ٺٽي جي سائين سجاد شاھ حسيني کي ساڻ وٺي سائين جي ايم سيد وٽ حاضر ٿيس ۽ کيس عرض ڪيو ته “ سائين اوهان ڄام صادق علي کي چئو ته وڌيڪ نه ته گهٽ ۾ گهٽ پنجاھ سيڪڙو ته پنهنجا اميدوار به اچڻ گهرجن.  سائين چيو ته“ آئون ان سلسلي ۾ شام جو امتياز شيخ سان ضرور ڳالھائيندس “ . امتياز شيخ، حيدر منزل جي ڀرسان سچل هائوس ۾ رهندو هو ۽ سائين سان ملندو رهندو هو.  ان موقعي تي ٿاڻي بولا خان مان آيل هڪ ملاقاتي سائين جي ايم سيد کي چئي رهيو هو ته “ سائين، ضياءِ الحق اوهان جو دوست آهي، اوهان هن کي چئي منهنجي مٿان 26 لکن جو چڙهيل قرض معاف ڪرائي ڏيو”.  سائين سندس سادگي تي کلي ڏنو ۽ کيس وڌيڪ ڇا چوي.  اسان کي به حيرت ٿي ته اسان ڪيڏا نه سادا آهيون. ڪٿي سائين جي ايم سيد ۽ ڪٿي ضياءِ الحق کي قرض معاف ڪرڻ لاءِ چوڻ

انساني زندگي ۽ خاص ڪري سياسي زندگي ڪنهن جي لاءِ  بي پاڙي ول جيان ته ڪنهن جي لاءِ “ وڻ ويڙهي مثل. سائين جڏهن جذباتي جوان هئا ته ننڍي کنڊ جي آزادي ۽ آزاد، خودمختيار رياستن تي مشتمل مسلمانن جي لاءِ جدا ملڪ جي لاءِ محمد علي جناح جو ساٿ ڏيندا رهيا پر جڏهن، کين احساس ٿيو ته ساڻس ويساه گهاتي ٿي رهي آهي ته جناح صاحب کان جدا ٿيڻ ۾ ته دير نه ڪيائون پر ان وقت تائين گهڻي دير ٿي چڪي هئي.  ان کان پوءِ جيڪو ڪجهه ٿيندو رهيو، اهو هاڻي نه صرف پڇتاءِ آهي پر قابل غور ۽ قابل سبق تاريخ آهي.

سائين جي ايم سيد، بنيادي طور تي روايتي سياستدان نه هو.  سائين کي وطن پرست ۽ انسان دوست دانشور چوڻ ۽ سمجهڻ گهرجي.  سياست ۾ سائين گهڻو ڪري “ وضعداري”جو شڪار ٿيندو رهيو. سائين سان سندس واسطو رکندڙ جهونا سياسي ساٿي به روايتي سياست ڪندا ، قبلا مٽائيندا ۽ موقعي پرستي جو مظاهرو ڪري فائدا حاصل ڪندا ۽ سائين کي اڪيلو ڇڏيندا رهيا. سائين پنهنجي ننڍين توڙي وڏين غلطين جو کلي دل سان اعتراف به ڪندا رهيا، ته ازالو ۽ ڪفارو به ادا ڪندا رهيا.

” وضعداري “ سائين جي بنيادي ڪمزور رهي.  وضعداري سائين کي ماريندي ۽ اڪيلو ڪندي رهي. جيڪڏهن سائين وضعدار  نه هجي ها ته ته سندس نالي تي سياست ڪندڙ ايترا  گروپ به شايد نه هجن ها. روايتي سياست ۽ نظرياتي جدوجهد ۾ فرق هوندو آهي. نظرياتي جدوجهد ۾ وضعداري جي گنجائش ئي نه آهي.  ڪوبه ماڻهو ڄمندي ڄام نه هوندو آهي.  انسان سڄي عمر سکندو آهي، پنهجو پاڻ کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.

انسان خوبين ۽ خامين جو مجموعو هوندو آهي. ڪنهن م خوبيون حاوي هونديون آهن ته ڪنهن ۾ ڪمزورين ۽ ڪچاين جو پاسو ڳرو هوندو آهي.  سائين جي ايم سيد، هڪ عام رواجي ماڻهو نه هو پر هڪ ڀرپور ۽ يادگار “ شخصيت “ هو. تاريخ ننڍي کنڊ جي هجي يا پاڪستان جي هجي، سٻاجهي سنڌ جي هجي يا آزادي جا خواب ڏسندڙن جي هجي، سائين جي ايم سيد جي ذڪر کان سواءِ اڻ پوري ضرور محسوس ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.