ڳالهين ۾ دير، ٽرمپ ايران جي بجلي گهرن ۽ پُلن کي نشانو بڻائڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو: آمريڪي ميڊيا جي دعويٰ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي انفراسٽرڪچر تي نون حملن بابت غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.
آمريڪي خابرو اداري فوڪس نيوز ٽرمپ جي ٽيليفونڪ انٽرويو جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته هو ايران جي بجلي گهرن ۽ پلن تي نون حملن جو حڪم ڏئي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ايران معاهدي ڪرڻ ۾ دير ڪري رهيو آهي.
ان کان اڳ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ ٽرمپ چيو هو ته ايران جي فوج مڪمل طور تي تباهه ۽ برباد ٿي چڪي آهي، سامونڊي ۽ هوائي فوج هاڻي عملي طور تي موجود ئي نه رهي آهي، کين مڪمل شڪست ملي چڪي آهي.
ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ايران رڳو ڳالهيون ڪري ٿو پر ڪو به عملي قدم نٿو کڻي، وچ اوڀر جو هي غنڊو هاڻي ختم ٿي چڪو آهي.
آمريڪي صدر موجب ايران اهڙي معاهدي تي ڳالهين ۾ گهڻي دير ڪئي جيڪو انهن لاءِ بهتر ثابت ٿي سگهي پيو، هاڻي کين ان جي قيمت چڪائڻي پوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.