جيڪڏهن توهان 10 يا 11 سال پراڻو آءِ فون استعمال ڪري رهيا آهيو ته ان کي تبديل ڪرڻ ئي بهتر آهي، ٻي صورت ۾ جلد ئي واٽس ايپ استعمال ڪرڻ ممڪن نه رهندو
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، نومبر 2026 کان پراڻن آءِ فونز لاءِ واٽس ايپ سپورٽ ختم ڪئي ويندي.
واضح رهي ته واٽس ايپ کي مسلسل اپڊيٽ ڪيو ويندو آهي ۽ رپورٽ موجب ڪجهه پراڻن آءِ فون ماڊلز تي 30 نومبر 2026 کان واٽس ايپ استعمال ڪرڻ ممڪن نه هوندو.
هن وقت آءِ فونز تي واٽس ايپ استعمال ڪرڻ لاءِ آءِ او ايس 15.1 يا ان کان پوءِ وارو آپريٽنگ سسٽم گهربل آهي.
پر تمام جلد رڳو ” آءِ او ايس 15.5 يا ان کان پوءِ وارا ورجن آءِ فون ماڊلز تي ئي واٽس ايپ استعمال ڪرڻ ممڪن هوندو.
آءِ فون 6 ايس يا ان کانپوءِ وارا ماڊل استعمال ڪندڙ واهپيدان کي واٽس ايپ هلائڻ لاءِ پنهنجي فون کي آءِ او ايس 15.5 يا ان کان مٿي واري آپريٽنگ سسٽم تي اپڊيٽ ڪرڻو پوندو.
جيئن ته اڃا به گهڻن آءِ فونز ۾ 15.5 يا ان کان پوءِ جا ورجن موجود آهن، پر اهڙن پراڻن فونن جو انگ به گهٽ ناهي جن ۾ پراڻا آپريٽنگ سسٽم استعمال ٿي رهيا آهن.
ياد رهي ته واٽس ايپ پنهنجي يوزر انٽرفيس ۽ پرائيويسي سيٽنگز کي مسلسل بهتر بڻائيندو رهي ٿو، جنهن لاءِ اهڙا فيچرز متعارف ڪرايا ويندا آهن جيڪي ايپل ۽ اينڊرائيڊ جي جديد ترين آپريٽنگ سسٽم سان هڪجهڙائي رکن ٿا.
ان کان اڳ هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو هو ته واٽس ايپ طرفان 8 سيپٽمبر 2026 کان ”اينڊرائيڊ 6“کان پراڻن آپريٽنگ سسٽم تي هلندڙ اينڊرائيڊ فونز لاءِ به واٽس ايپ سپورٽ ختم ڪئي ويندي.
8 سيپٽمبر کانپوءِ واٽس ايپ جو استعمال رڳو ”اينڊرائيڊ 6“ يا ان کان پوءِ واري ورجن تي هلندڙ فونز تي ئي ممڪن هوندو.