پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو شهنگائي تنظيم جو اجلاس ٿي رهيو آهي. هن وقت به اسلام آباد ۽ ان جي پس گردائي ۾ زندگيءَ جو نظام ڊانواڊول بڻيل آهي. ملڪ جي گاديءَ واري شهر ۾ احتجاجن ۽ جلوسن جو پڙاڏو نه رڳو پاڪستان پر دنيا ۾ ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي. پاڪستان جي بدنامي ڏاڍي خوب ٿي رهي آهي. اسان کي دنيا جي ٽوڪن ۽ ٺٺولين جي ڪابه پرواهه ناهي. پاڪستان پنهنجي سياسي پس منظر نامي ۾ هڪ نئين تاريخ کي جنم ڏئي رهيو آهي. تحريڪ انصاف جو چوڻ آهي ته هو سپريم ڪورٽ جي اختيارن ۾ گهٽتائي ڪرڻ تي سراپا احتجاج آهن ۽ انهن جو بنيادي مقصد آهي ته عدالت سڳوري جي خودمختياري کي بچائڻ آهي. حڪومت سپريم ڪورٽ جا اختيار گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي. پر وري تحريڪ انصاف ان کي عدالت مٿان حملو تصور ڪري رهي آهي. تحريڪ انصاف عدالت جي آزادي لاءِ سڀ حدون پار ڪرڻ جي موڊ ۾ آهي.
بهرحال دنيا آڏو پاڪستان جو ميسيج ڏاڍو خراب ويو آهي. 15 کان 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ شهنگائي تعاون تنظيم جو اجلاس ٿيئڻو آهي جنهن ۾ چين، روس ۽ وچ ايشيا جي ملڪن جا اهم اڳواڻ شرڪت ڪندا. ان کان علاوه ڀارت جو پرڏيهي وزير جي شنڪر پڻ هن اهم اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. ملڪ جي سياسي ۽ معاشي ويڙهه پاڪستان کي دنيا آڏو رسوا ڪري ڇڏيو آهي. سوال اهيو به آهي ته سرحد جا ماڻهو صرف اسلام آباد احتجاج ۾ شرڪت لاءِ ڇو اچي رهيا آهن؟ ڇا سندن ارادا ڪي ٻيا ته ناهن؟ ملڪ هڪ نئين بحران طرف وڌي رهيو آهي. سياسي سائنسدان اسٽيبلشمينٽ ۽ تحريڪ انصاف جي هلندڙ ويڙهه سان لطف اندوز ٿي رهيا آهن. حڪومت صوبن سان ٻه اکيائي ڪري رهيو آهي. صوبا خاص ڪري سنڌ وفاق مان ناخوش آهي. ڇاڪاڻ ته وفاق کي ٻوڏ ستايلن لاءِ مليل رقم به هڙپ ڪئي ويئي. جيڪڏهن تحريڪ انصاف ۽ اسٽيبلشمينٽ سميت حڪومت جو پاڻ ۾ ڪو ٺاهه نه ٿيو ته پوءِ ملڪ سنگين بحران جو شڪار ٿي ويندو. بهرحال ڪجهه سڄاڻ ڌريون ان ڪوشش ۾ آهن ته جلد ڪونه ڪو حل نڪرڻ گهرجي ورنه پاڪستان انتهائي ڪمزور ۽ اپاهج ٿي ويندو. چين جي وزيراعظم پاران 11 سالن کان پوءِ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. حڪومت چيني وزيراعظم جي هن دوري سان ڀرپور فائدو وٺڻ چاهيندي. حڪومت چيني انجنيئرن جي حفاظت وغيره لاءِ فوج کي 45 ارب روپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن.
جيڪڏهن پاڪستان ۾ سياسي ڀونچال نه آيو ته پوءِ يقينن چين 25 ارب ڊالرن جي 25 اهم منصوبن بابت ڊيل ٿي سگهي ٿي. ۽ ائين پاڪستان مٿان چين جا بقايا 16 ارب ڊالرن جو قرض به سندس ڪنڌ تان لهي ويندو. ان سان بجلي به تمام سستي ٿيندي. هن وقت ملڪ ۾ بجلي سستي ڪرڻ لاءِ وفاقي وزير پاور ڊويزن سردار اويس لغاري پنهنجي ٽيم سميت اهم منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي. ياد رکڻ گهرجي ته 2014 ۾ چيني صدر جو دورو به تحريڪ انصاف جي احتجاجن ۽ جلوسن سبب معطل ٿيو هو. هن وقت حڪومت 1200 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ واري منصوبي لاءِ پلانٽ لڳائڻ وڃي رهي آهي. حالانڪه ملڪ ۾ پهريان ئي وافر مقدار ۾ بجلي موجود آهي. ان ۾ سنڌ جي ڪوئلي ٿر جو وڏو ڪردار آهي. هن وقت ملڪ ۾ بجلي جي کپت 22 هزار ميگاواٽ آهي. جڏهن ته پيداوار 42 هزار ميگاواٽ آهي.
بهرحال تازو وزيراعظم ملائيشيا، انور ابراهيم پاڪستان جو دورو مڪمل ڪري واپس روانو ٿي ويو. انور ابراهيم جو پاڪستان جو هي مختصر دورو وڏي اهميت وارو هو. دوري دوران انور ابراهيم وزيراعظم شهباز شريف / صدر آصف علي زرداري ۽ آرمي چيف سان اهم ملاقاتون ڪيون. ملائيشيا جي وزيراعظم حڪومت تي واضح ڪيو ته هو عمران خان ۽ سندس ساٿين کي فورن آزاد ڪيو وڃي. ملائيشيا جا معاشي حوالي سان دنيا ۾ جيڪي چرچا هئا اهي هاڻي دم ٽوڙي رهيا آهن. هن وقت اسلام آباد ۾ شينهن ۽ هاٿي جي ويڙهه هلي رهي آهي. شينهن هميشه هاٿيءَ کي شڪار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندي ڏٺو آهي. ڀارت جي وزير دفاع پاڪستان جي قرض ڏيڻ جي آڇ ڪندي پاڪستان جي منهن تي وڏي چماٽ وهائي ڪڍي آهي جنهن جو پڙاڏو پوري دنيا ۾ ٻڌو ويو. پاڪستان کي ڀارت جي اهڙي آڇ کان پوءِ سوچڻ گهرجي ۽ ملڪ مان سياسي خلفشار کي فورن ختم ڪرڻ لاءِ سنجيدگيءَ سان قدم کنيا وڃن.