ٿرڪول تائين ٺهندڙ ريلوي لائين ۽ ڳوٺاڻن جا خدشا

تحرير: غازي بجير

ٿرڪول جي بلاڪن مان نڪرندڙ ڪوئلي کي کڻڻ لاءِ نيو ڇور کان ٿرڪول تائين 105 ڪلوميٽر ريلوي ٽريڪ ٺاهڻ لاءِ ڪم جي تيزي سان شروعات ٿي رهي آهي،نيو ڇور کان ٿر طرف نڪرندڙ ريلوي لائين جيڪو عمرڪوٽ جي ايريا مان ٿيندي ڇاڇري ۽ اسلام ڪوٽ جي ڳوٺن مان گذري ٿي،ريلوي لائين لاءِ جيڪا ٽريڪ جو رستو سليڪٽ ڪيو ويو آهي اُهو ڳوٺن مان گذري ٿو،جنهن سبب اُنهي ٽريڪ جي ڪري ٿر جي ٻهراڙي وارن ڳوٺن مان ڳوٺاڻن جا رستا،لنگھ توڙي چوپائي مال جا وٿاڻ،ماڻهن جون سروي زمينون متاثر ٿينديون،ٻُڌايو پيو وڃي ته ريلوي ٽريڪ جيڪو زمين کان 6 کان 8 فوٽ مٿي ٺهندو،وڏي ٽريڪ ٺهڻ ڪري ظاهر آهي ڳوٺن جا رستا لنگهھ بند ٿيندا،

هن وقت ريلوي ٽريڪ ٺاهڻ لاءِ ڪمپنين ڳوٺن اندر مقامي ماڻهن سان گڏجاڻيون ڪري مسئلا معلوم ڪري حل ڪرڻ بدران خاموشي سان پنهنجو ڪم جاري رکيو آهي،ٻُڌايو پيو وڃي ته ريلوي کاتي خاص ڪري وفاقي حڪومت جي ادارن پاران ماڻهن کان اجازت وٺڻ بدران پنهنجي مرضي موجب ايڪٽوٽي شروع ڪئي آهي،جتان ريلوي ٽريڪ جو گذر ٿيندو اُتان جي ڳوٺن ۾ وڏيرن جي ماڻهن کي عارضي طوڙ ڏهاڙي جي مزدوري تي رکيو ويو آهي،جنهن سبب عام غريب مسڪين ماڻهو پنهنجن حقن لاءِ به ڳالهائڻ کان لنوائي رهيو آهي،معلوم ٿيو آهي ته ڳوٺن مان جتان ريلوي ٽريڪ جو گذر ٿيندو اُتي ڳوٺاڻن جي سروي زمينن اندر جهنڊيون لڳايون ويون آهن،زمينن جي مالڪن کان ڪا به اجازت ناهي ورتي وئي،ماڻهن کي ڪا به مڪمل ڄاڻ ناهي ڏني وئي،

نيوڇور کان ٿرڪول تائين ٺهندڙ ريلوي ٽريڪ بابت ڪنهن به ماڻهو کي اِها معلومات ناهي ڏني وئي ته وچ۾ ڪيترا ڪراسنگ ٽريڪ ٺاهيا ويندا،ڪيترن هنڌن تي گيٽ ڇڏيا ويندا،ريلوي ٽريڪ کي مڪمل ڪنڊيدار تار لڳائي ويندي يا اوپن ڇڏي ويندي،ٿر کليو ميداني علائقو هجڻ ٿر ۾ چوپايو مال سيم ۾ ولرن جي صورت ۾ گمندو رهي ٿو،جنهن جي گذرڻ جا مسئلا سامهون ايندا اُنهي سان گڏ ٿر ۾ ٿوري ٿوري فاصلي تي ڳوٺ قائم هجڻ سان گڏ ڍاڻيون ٺهيل آهن جتان ٿري مردن ٻارن سميت عورتون صبح ۽ شام جهنگ ويندا آهن،ٿري ماڻهن جي جياپي جو سمورو دارومدار ٻني ٻاري ۽ چوپائي مال تي آهي،هاڻي سوال اِهو ٿو پيدا ٿئي ته ڪيترن ڪلوميٽرن تي ريلوي ٽريڪ جا اسٽيشن قائم ٿيندا يا دروازا هوندا جنهن سبب ماڻهن کي ٽريڪ تان گذرڻ ۾ آساني ٿئي اُنهي بابت به ڪا واضع پاليسي ناهي آنڌي وئي،ڳوٺن جا ماڻهو ٻُڌائين ٿا ته اسان وٽ اڃان تائين ڪير به هلي ناهي آيو،ريلوي ٽريڪ بابت ڪا به ڄاڻ نٿي ڏني وڃي،اسان جو مطالبو آهي ته اسان جون زمينون ليز تي ورتيون وڃن ۽ ريلوي ٽريڪ بابت سمورو پلان جاري ڪيو وڃي ته خبر پوي،سموريون سهولتون ڏنيون وڃن ۽ ڳوٺن ۾ اسٽيشنون قائم ڪيون وڃن،ريلوي لائين رڳو ڪوئلي کڻڻ لاءِ نه استعمال ڪئي وڃي ماڻهن کي سفري سهولتون به ڏنيون وڃن،ٽريڪ تي مقامي ماڻهن کي روزگار جا موقعا مُهيا ڪيا وڃن،انهيءَ سلسلي ۾ ٿر جي سڄاڻ ڌرين ٿر ۾ نيو ڇور کان ٿرڪول تائين ايندڙ ريلوي ٽريڪ ۾ مقامي ماڻهن جي حق تلفي جو خدشو ظاهر ڪندي ڳوٺاڻن جي ايندڙ سروي زمين،مڪانن،مهاڳن سميت اويڪي،اينمي پراپرٽي واري زمين ۽ يڪسالا خريد ڪرڻ بجاء ليز تي وٺڻ،سموري لائين تي سيفٽي تار لڳائي گيٽ ٺاهي مقامي ماڻهن کي روزگار مُهيا ڪرڻ ۽ ريلوي لائين جو ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ ماڻهن جا خدشا دور ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي،ٿر سٽيزن فورم جي چيئرمين اوڀايو جوڻيجو،ميڊيا ڪوآرڊينيٽر اعجازبجیر،جي ايم سونهاراڻي ۽ ٻين جو اسلام ڪوٽ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چوڻ هو ته نيو ڇور کان ريلوي ٽريڪ 105 ڪلوميٽر تي آهي جنهن ۾ مقامي ماڻهن جي هزارين ايڪڙ سروي زمين ۽ ان کان علاوه قبولي ۽ ناقبولي زمين سميت هزارين ايڪڙ گوئچر ۽ آسائش واري زمين متاثر ٿيندي جنهن ۾ ڪافي ماڻهن جا گهر به متاثر ٿين ٿا ۽ هڪ ڳوٺ جي قبرستان جي وچ مان به ٽريڪ جو گذر ٿئي ٿو ۽ ٽريڪ جو ڪم هنگامي بنيادن تي شروع ڪيو پيو وڃي ڪئمپس قائم ٿي ويون آهن،هنن جو چوڻ هو ته جن ڳوٺن مان ماڻهن جي آباد زمينن مان بلڊور هلائي فصل جو نقصان ڪيو ويو آهي پر ماڻهن کي سرڪار توڙي ٺيڪيدار ڪمپني پاران ڪابه آگاهي نه ڏني وئي آهي.

ريلوي لائين ۾ جيڪي ڳوٺ ۽ هزارين ايڪڙ زمين اچي ٿي انهن ماڻهن کي ڪابه آگاهي نه ڏني وئي آهي جنهن ڪري ماڻهو پنهنجي حقن واري ڄاڻ کان اڻ ڄاڻ بڻيل آهن،ريلوي لائين ۾ درجنن ڳوٺ متاثر ٿين ٿا ۽ هزارين ايڪڙ زمين ۽ لکين وڻ، ٻوٽا ۽ جهنگلي جيوت پڻ متاثر ٿيندي پر مقامي چونڊيل نمائندا ۽ سرڪار انهي معاملي تي خاموش تماشائي بڻيل آهن ۽ ڪنهن قسم جي ماڻهن جي مالڪي ۽ وارثي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان ماضي ۾ ٿرڪول سميت مختلف پروجيڪٽن تي اڳواٽ ماڻهن کي آگاهي ڏني هئي پر جڏهن ماڻهن سڀ ڪجهھ کسجي ويو ۽ زمين پيرين هيٺان نڪري وئي تڏهن احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيا پر انهن جي هاڻي ڪير به نه ٿو ٻڌي، هنن موجب ته هن ميگا پروجيڪٽ تي پڻ ڪم جي شروعات ٿيڻ وڃي پيو انهن کي اڳواٽ آگاھ ڪري رهيا آهيون ته انهن سان مسئلا درپيش ايندا پر اڳواٽ سجاڳ نه ٿيندا تيستائين حق تلفي ٿيندي رهندي، هنن چيو ته اسان ٻه ڏينهن کان مختلف ريلوي لائين ۾ ايندڙ ڳوٺن جو دورو ڪري ماڻهن جا مسئلا ٻڌا آهن ۽ ان سلسلي ۾ سمورن ڳوٺن جي ماڻهن کي گڏ ڪري لاعمل جوڙيو ويندو، هنن چيو ته اسان اڳ ۾ به چيو آهي ته اسان ڪوئلي سميت ڪنهن به منصوبي جي مخالف ناهيون پر تبديلي جي نالي اسان جي ماڻهن جي تباهي نه گهرجي، هنن چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته وفاقي توڙي صوبائي سرڪار انهن پروجيڪٽن جي حوالي سان ماڻهن کي روزگار سميت انهن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪري زمين ليز تي وٺي مسئلا حل ڪيا وڃن،هنن چيو ته ريلوي لائين ۾ ايندڙ ڳوٺن جي ماڻهن کي مختلف ادارن جي نالي تي خوف ڏياري ڌمڪايو پيو وڃي جنهن سبب ماڻهن ۾ وڏو خوف حراس پکڙيل آهي جيڪي ڳالهائڻ کان ڊڄن پيا،هنن چيو تج ريلوي لائين جي منصوبي تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين کي عالمي توڙي قومي ۽ صوبائي قانونن کي فالو ڪري متاثر ٿيندڙ ماڻهن جا جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن نه ته ٻئي صورت ۾ متاثر ٿيندڙ ماڻهن سان گڏ تحريڪ جي شروعات ڪئي ويندي،

وفاقي حڪومت کي گهرجي ته ريلوي ٽريڪ بابت ٿيندڙ سموري ڪم بابت شيون اوپن ڪري مقامي ماڻهن کي آگاهي ڏيڻ سان گڏ اُنهن جا سمورا مسئلا ٻُڌي حل ڪيا وڃن،وفاقي سرڪار اعلان ڪري چُڪي آهي ته 2025ع تائين ريلوي ٽريڪ جو ڪم هر صورت ۾ مڪمل ٿيڻو آهي،ڪم کي مڪمل ڪرڻ کان اڳ متاثر ٿيندڙ ماڻهن جا مسئلا حل ڪري اُنهن کي رليف ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.