هندستان ۽ پاڪستان پاڙيسري ملڪ آھن پر ٻنھي وچ ۾ ڪڏھن بھ بھتر لاڳاپا نھ رھيا آھن.ٻنھي ملڪن جنگون بھ ڪيون آھن ۽ ھن وقت بھ ڪافي اڻ نبريل تڪرار موجود آھن، ڏکڻ ايشيا جي ٻنھي وڏن ملڪن ۾ ڇڪتاڻ سبب خطي جا ٻيا ملڪ بھ دٻاءَ جو شڪار رھن ٿا. شنگھائي تعاون تنظيم جو اھم اجلاس پاڪستان ۾ ٿي رھيو آھي. ان موقعي تي ھندستان جو پرڏيھي وزير ايس جي شنڪر پڻ پاڪستان اچي رھيو آھي.جنھن سان ھڪ ڀيرو وري ٻنھي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جي پس منظر تي بحث ۽ تبصرا جاري آھن.
ايس سي او جو اجلاس 15 کان 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي. ھن تنظيم جو بنياد 2001 ۾ ڪرغزستان، قزاقستان، روس، تاجڪستان ۽ چين رکيو ھو، جنھن ۾ بعد ۾ هندستان ۽ پاڪستان بھ شامل ٿيا. ايران ۽ بيلاروس پڻ هاڻي تنظيم جو حصو آهن. ھندستان جي پرڏيهي وزارت جمعي جي شام اوچتو اعلان ڪيو ته پرڏيهي وزير ايس جي شنڪر هن مهيني جي وچ ڌاري پاڪستان ۾ شنگھائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد جو دورو ڪندو.جنھن کي ميڊيا ۾ نمايان جاءَ ڏني وئي.
پنھنجي ھڪ بيان ۾ جي شنڪر چيو ته ھو ھتي اتي هند پاڪ لاڳاپن تي ڳالھائڻ لاءِ نھ پيو وڃان، پر اتي رڳو ايس سي او ، جي سٺي رڪن ھئڻ ڪري وڃي رھيو آھيان.ساڳي ريت پرڏيهي وزارت جي ترجمان رنڌير جيسوال جو پڻ چوڻ ھو تھ ھندستان جو پرڏيهي وزير ، ايس سي او اجلاس شرڪت ڪندڙ ھندستاني وفد جي قيادت ڪندو.سوال ڪيو ويو تھ ڇا دوري کي پاڪستان ۽ ھندستان جي لاڳاپن ۾ بهتري جي نشاني طور ڏسڻ گھرجي، جنھن تي سندس جواب هو ته دورو ايس سي او جي اجلاس لاءِ ٿي رهيو آهي. ان ڪري ان دوري مان ڪو ٻيو مطلب ڪڍڻ ٺيڪ نھ آهي.
سشما سوراج جي دوري جي ڪجهه ڏينهن بعد ھندستان جو وزيراعظم روس جي دوري کان واپسي تي اوچتو لاهور آيو ھو، جتي هن افغانستان جي رستي ھندستان ايندي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي ھئي. ان وقت تعلقات بھتري طرف وڃي رھيا هئا.ان کان پوءِ 2016 ۾ ان وقت جي گهرو وزير راج ناٿ سنگهه سارڪ اجلاس لاءِ اسلام آباد جو دورو ڪيو ھو. پر پٺاڻ ڪوٽ ايئر بيس تي حملي کانپوءِ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا خراب ٿي ويا. 2019 ۾ جڏهن ھندستان ڪشمير کي خاص حيثيت ڏيندڙآرٽيڪل 370 کي ختم ڪيو تھ ٻنھي ملڪن ۾ لاڳاپا ٽٽي ويا.
ھندستان جي. بي جي پي حڪومت پاڪستان خلاف انتهائي سخت موقف اختيار ڪيو آهي.تجزيه نگار نروپما سبرامنين جو چوڻ آهي ته مودي حڪومت پاڪستان لاءِ هڪ اهڙو بيانيئو ٺاهي ڇڏيو آهي جو هاڻي ماڻهو سمجهن ٿا ته پاڪستان سان لاڳاپا ڪڏهن به سٺا نٿا ٿي سگهن. تنهن ڪري ان بابت سوچڻ بيڪار آهي.لڳاپن ۾ بھتري جي امڪان لحاظ سان هندستان جي پرڏيھي وزير جي شنڪر جي اسلام آباد جي امڪاني دوري دوران ڪا توقع نھ آھي. حڪومتي موقفن جي حمايت ڪندڙ دانشور تھ اھو ئي سمجهن ٿا. بي بي سي هندي سان ڳالهائيندي حڪومتي حامي ماھر ڊاڪٽر برش ورڌن جو خيال آھي تھ هن وقت ڪا حوصلا افزائي واري صورتحال ناهي ۽ ٻيو ته پاڪستان جي اندروني صورتحال به غير مستحڪم آهي. انهن حالتن ۾ پاڪستان جي قيادت سان ڪا سڌي ڳالهه ٿيندي، اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي.
پرڏيھي معاملن جي تجزيھ ڪار نينيما باسو چيو ته مونکي جي شنڪر جو هي دورو گھڻو اهم لڳي ٿو. پهرين ڳالهھ ته ھندستان پاڪستان سان ڳالهيون بند ڪري ڇڏيون آهن. ھندستان پاڪستان ۾ ڪنهن اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري رهيو آهي، جنهن ڪري سارڪ جو عمل به تعطل جو شڪار آهي.هن جو چوڻ آهي ته 2017ع ۾ جڏهن ھندستان ۽ پاڪستان کي ايس سي او جي ميمبرشپ ڏني وئي ته ان وقت انهن کي چيو ويو هو ته اهي پنهنجا گڏيل تڪرار گروپ کان ٻاهر رکن ۽ ان ڪري ايس سي او، جا اجلاس نھ رڪجڻ کپن. ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي ھندستان اجلاس ۾ شرڪت جو فيصلو ڪيو آهي.ساڳئي وقت هندستان جي پاڙي ۾ هر جڳهه تي هندستان لاءِ صورتحال مشڪل ٿي رهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ ممڪن آهي ته ھندستان سوچيو تھ اسين ئي پاڪستان ڏانهن پھريون قدم کڻون.
نينيما جو چوڻ آهي ته هي دورو ان لحاظ کان به اهم آهي ته اهو 9 سالن کانپوءِ ٿي رهيو آهي. اهو موجوده جمود واري صورتحال ۾ اهم قدم آهي. اهو چوڻ مشڪل آهي ته ڪيتريون سڌيون ڳالهيون ٿينديون يا نه پر موقعا ضرور ايندا ۽ پاڪستان به ان سلسلي ۾ اڳڀرائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. ظاھر آھي تھ تاڙي ٻنهي هٿن سان وڄندي آھي.ڪيترين ئي اهم رياستن ۾ چونڊون ٿيڻ واريون آهن. سالن کان پاڪستان خلاف سخت موقف اختيار ڪرڻ کان پوءِ، مودي سرڪار اوچتو پنهنجي حامين کي اهو پيغام ڏيڻ نھ چاهيندي ته هو هاڻي نرم ٿي رهي آهي. پر هي دورو يقيناً ان جمود کي ٽوڙڻ جو رستو کوليندو.
اها ڳالهه به ذڪر جوڳي آهي ته پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي شنڪر جي دوري جي اعلان وقت اسلامي اسڪالر ذاڪر نائڪ جو به ذڪر ڪيو جيڪو پاڪستان جي دوري تي آھي.ترجمان جو چوڻ ھو تھ ذاڪر نائيڪ جي پاڪستان دوري تي اسان کي تعجب نه ٿيو آهي. پر ان جو دورو افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي.
آمريڪي تجزيه نگار مائيڪل ڪوگلمين ”ايڪس“ تي پنهنجي تبصري ۾ لکيو ته سالن جي وقفي کانپوءِ ھندستان جي پرڏيهي وزير جو پاڪستان جو دورو اهم آهي. ھن اھو بھ لکيو آھي تھ جيتوڻيڪ اھو دورو وڌيڪ ايس سي او جي سرگرمين تي مرڪوز رھندو، پر ان جي باوجود ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي حوالي سان ان جي اهميت کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.ماھرن جو خيال آھي ته ايس جي شنڪر اسلام آباد جي دوري دوران ميڊيا سان جيڪو ڪجھه ڳالھائيندو ان مان اندازو ٿي سگھندو تھ ھندستان ڇا سوچي رھيو آھي ۽ سندس پاليسي ۾ ڪھڙي تبديلي آئي آھي.
اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اجلاس ان ڪري به اهم هوندو، ڇاڪاڻ ته ان ۾ ايران، روس ۽ چين جا پرڏيهي وزير به شرڪت ڪندا، جن جو فلسطين جي مسئلي تي آمريڪا ۽ يورپ کان مختلف موقف آهي.