آڪٽوبر جي مھيني ۾ سياري جي آمد جا آثار ظاھر ٿي رھيا آھن پر ملڪ جي راڄڌاني اسلام آباد ۾ سياسي گرمي پد وڌي رھيو آھي، بلڪھ معاملو هٿن مان نڪرندي نظر اچي رهيو آهي.اپوزيشن جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف جمعي واري ڏينھن کان ڊي چوڪ تي احتجاج ڪرڻ جي بھاني وڳوڙ پکيڙڻ جو بندوبست ڪيو آھي ۽ ڪي پي ڪي جي حڪومت پنھنجي مڪمل تياري سان اسلام آباد تي ڪاھه ڪرڻ جي رٿ رٿي آھي. حڪومت معاملو ھٿن مان نڪرندي محسوس ڪري ملڪ جي گادي واري شھر جو سمورو انتظام فوج جي حوالي ڪري ڇڏيو آھي.پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني اڳواڻ جي ڀيڻن سميت ڪارڪنن جو مختصر انگ گرفتار ٿيو آھي ۽ ڇڪتاڻ برقرار آھي.چوٻول آھن تھ وفاق ڪي پي ڪي ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ لاءِ ويچار ڪري رهيو آهي.
ملڪ جي سياسي صورتحال ڪنھن بھ طرح درست نھ پئي ٿئي،حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ پھرين ڏينھن کان جاري تڪرار وڌائڻ ۾ نھ اپوزيشن ڪا ڪسر ڇڏي نھ ئي وري حڪومت ڪو ھٿ پير هنيو، جنھن ڪري ھن وقت ھلندڙ ڇڪتاڻ ڪنھن خطري جي گھنٽي لڳي رھي آھي.جنھن جو مجموعي طور تي نقصان عوام ۽ ملڪ کي پھچڻ جو خطرو آھي.
اسلام آباد کانسواءِ پنجاب جي اڪثر شهرن ۾ قلم 144 لاڳو آهي، جنهن تحت ڪنهن به قسم جي جلسي جي اجازت ناهي. ان جي باوجود عمران خان بار بار پرامن احتجاج جو سڏ ڏئي رهيو آهي ۽ تحريڪ انصاف جا اڳواڻ الزام هڻي رهيا آهن ته هو پرامن احتجاج لاءِ نڪتا آهن پر حڪومت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ذريعي تشدد جو سھارو وٺي رھي آهي، جنهن ڪري صورتحال خراب ٿي رهي آهي. پر حقيقت اها آهي ته تحريڪ انصاف ڪجهه وقت کان ڪوششن باوجود ڪنھن وڏي احتجاج ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آھي.اها به حقيقت آهي ته حڪومت اهڙين ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر نھ ڇڏي آهي ۽ جلسن لاءِ اجازت ۽ ان ۾سخت شرط لاڳو ڪيا.
اسلام آباد ۾ ريلي دوران شرطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي تحريڪ انصاف جي اڳواڻن خلاف ڪيس داخل ٿيا آهن، لاهور ۾ به اهڙي ئي ريلي کي پوليس ڦٽائي ڇڏيو.ايترا ماڻھو بھ اتي موجود نھ ھئا جيڪي پوليس يا انتظاميه جي طاقت جو مقابلو ڪري سگهن.ان حڪمت عملي جي ناڪامي بعد عمران خان گذريل آچر تي لياقت آباد ۾ جلسي وارو اعلان واپس ورتو ۽ اوچتو احتجاج ۽ جلوس ڪڍڻ جو حڪم ڏنو. تحريڪ انصاف جي اها ڪوشش به ناڪام ٿي وئي. ڪي پي ڪي جو وڏو وزير وڏي ميڙ ۽ مشينن سان لياقت باغ طرف وڃي رهيو هو ته اوچتو هن پشاور واپس وڃڻ جو فيصلو ڪيو.اهڙي ناڪامي کانپوءِ تحريڪ انصاف ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي. جنهن سبب باني پي ٽي آءِ علي امين گنڊاپور تي سخت ناراض ٿيو ھو. جنھن بعد 4 آڪٽوبر تي ڊي جي گرائونڊ تي احتجاج جو سڏ ڏنو ويو ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي چيو ويو ته کيس ڊي گرائونڊ پهچڻو آهي.
جنھن بابت حڪومت جو خدشو آهي ته تحريڪ انصاف احتجاج جي نالي تي ماڻهن کي گڏ ڪرڻ ۽ حساس ادارن يا پارليامينٽ تي حملا ڪرڻ واري تاريخ ورجائيندي جنھن ڪري ھن ڀيري سرڪار پڻ ان موجب بندوبست ڪيو آھي.گهرو وزير محسن نقوي تحريڪ انصاف کي اپيل ڪئي آهي ته ملائيشيا جو وزيراعظم پاڪستان جي دوري تي اچي رھيو آهي، ان ڪري احتجاج جو پروگرام ملتوي ڪيو وڃي. اڄ گهرو وزير جي ڳالھھ کي ليکي ۾ آڻڻ بعد پي ٽي آءِ جي ضد تي گھرو وزير چيو تھ هي ڪو معمولي احتجاج ڪندڙ نه پر اسلام آباد تي حملو ڪرڻ لاءِ اچي رهيا آهن. اهڙي لاقانونيت ۽ احتجاج جي اجازت نه ڏني ويندي. جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان به تحريڪ انصاف کي صلاح ڏني ته هن وقت اسلام آباد ۾ احتجاج نھ ڪيو، ڇاڪاڻ ته پرڏيهه مان اهم مهمان راڄڌاني پهچي ويا آهن.جيتوڻيڪ تحريڪ انصاف حڪومت خلاف سياسي اتحاد ٺاهڻ لاءِ مولانا سان گڏ ٿي رهي آهي، پر ان جي صلاح تي عمل نه ڪيو.
پي ٽي آءِ جي پريشاني جو وڏو سبب عمران خان جي مسلسل نظربندي آهي. پارٽي جو موقف آهي ته باني کي بنا جواز جي جيل ۾ رکيو ويو آهي ۽ هو کيس آزاد ڪرڻ جو آئيني ۽ قانوني حق استعمال ڪري رهي آهي. حڪومتي اهلڪارن سميت هر ماڻهو ملڪ جي موجوده جمهوري نظام تحت پرامن احتجاج جي حق کي تسليم ڪري ٿو. پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته وفاقي ۽ پنجاب حڪومت اڃا تائين تحريڪ انصاف کي جلسو ڪرڻ يا احتجاجي جلوس ڪڍڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. انتظامي سبب ٿي سگهن ٿا، پر حڪومت وٽ ان جو ڪو به اخلاقي يا قانوني جواز ڪونهي.
تحريڪ انصاف پڻ پرامن احتجاج جي ڳالهه ڪري ٿي پر ان جي اڳواڻن جا بيان ۽ رويا ظاھر ڪن ٿا تھ سندن نيت ڪا گھڻي صاف نھ آھي.انقلاب جي اصل جوھر کان اڻ واقف ڪارڪنن جو وڏو تعداد وڳوڙ ۽ گوڙ گھسان کي انقلاب جو نالو ڏئي رھيو آھي.سياسي طور تي نابالغ قيادت ڪارڪنن جي اھڙي ئي تربيت ڪئي آھي ۽ اھڙا ئي نعرا نھ ڏنا آھن، جنھن مان ملڪ بدران مخصوص سياسي جماعت کي فائدي رسڻ جي خوش فھمي جھلڪي ٿي جڏھن تھ اھو پڻ بلڪل غلط آھي.
سياسي اختلاف پرامن طريقي سان حل ٿيڻ گهرجن. حڪومت کان مطالبو ضرور ڪيو وڃي پر مخالف ڌر کي قانون ٽوڙڻ جو رستو نه وٺڻ گهرجي.ووٽ وٺي عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ بدران عوام لاءِ مشڪلات ڪندڙن خلاف به ساڳي راءِ قائم ٿيندي.صورتحال مان پڌرو ٿي رھيو آھي تھ حڪومت تھ مايوس ٿي هارائي وئي آهي پر خود تحريڪ انصاف به ڇڪتاڻ جو شڪار آهي.
سياسي احتجاج لاءِ سوشل ميڊيا تي مخالفن جي بي عزتي ڪرڻ سان پارٽي جي ساک کي سخت نقصان پهچندو. اها حقيقت به آھي تھ سرٽوڙ ڪوشش باوجود تحريڪ انصاف خاص اڪثريت کي پاڻ سان گڏ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي.
اڃان وقت ويو نھ آھي جيڪڏھن سياسي سوچ رکي ڪري مثبت سياست کي اڳتي وڌايو وڃي تھ ان جا مثبت نتيجا نڪري سگھن ٿا نھ تھ پاڪستان تحريڪ مان بھ ماڻھو مايوس ٿي ويندا.