ڪراچي(رپورٽر) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) واضح ڪيو آهي ته هو موجوده جعلي ۽ اڻ چونڊيل اسيمبلين کي تسليم نه ٿا ڪن. اهو ئي سبب آهي جو جي ڊي اي جي سنڌ اسيمبلي جي ٽن ميمبرن اڄ تائين اسيمبلي ميمبر شپ جو حلف نه کنيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار جي ڊي اي جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيو، سيد صدرالدين شاهه راشدي جي صدارت هيٺ اجلاس ڪراچي ۾ سندس رهائشگاهه تي ٿيو، اجلاس ۾ ڊاڪٽر صفدر علي عباسي، سيد زين شاهه، لياقت علي جتوئي، سردار عبدالرحيم، عرفان الله خان مروت، مسرور خان جتوئي ۽ حسنين مرزا سميت ٻين شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ چيو ويو ته جيڪڏهن جعلي اسيمبلي آئين ۾ ڪنهن به قسم جي ترميم ڪري ته جي ڊي اي ۽ عوام ان کي ڪڏهن به تسليم نه ڪندا، اجلاس ۾ ملڪ ۾ جاري انتشار ۽ عدم استحڪام تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اڃا به وقت آهي ته ڌريون پاڪستان جي بچاءَ لاءِ ڳالهين جا دروازا کولي ملڪ کي وڌيڪ نقصان کان بچائين.اجلاس ۾ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ سنڌو درياءَ تي 6 نون ڪئنالن جي تعمير بابت گڏيل اپوزيشن جي ڄامشورو اجلاس جي فيصلن جي توسيع ڪئي وئي، جي ڊي اي سان تعلق رکندڙ سمورين پارٽين جي ڪارڪنن ۽ عوام کي اپيل ڪئي آهي ته 18 ۽ 19 آڪٽوبر تي ڪراچي، ٺٽو، سجاول ۽ بدين ۾ ٿيندڙ شعوري مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪن. اجلاس ۾ سنڌ ۾ وڌندڙ لاقانونيت ۽ امن امان جي خراب صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته سنڌ حڪومت جون امن امان جون دعوائون اڌوريون رهجي ويون آهن ۽ شهرن ۽ ڳوٺن ۾ چوريون ۽ ڦرون ڏينهن رات ٿي رهيون آهن ڪير به عوام جي سار لهڻ وارو ناهي.