ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ هاڪس بي منهوڙي ويجهو پڪنڪ لاءِ ويندڙ هڪ ئي خاندان جي ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا سمنڊ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا. اختيارين موجب ماڙي پور جي علائقي هاڪس بي منوره وٽ سمنڊ ۾ ويھنجڻ جي دوران 4 ڄڻا ٻڏي ويا، واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ريسڪيو ۽ غوطه خورن سان گڏ واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪاروايون شروع ڪيون ۽ ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ رضاڪارن سمنڊ ۾ ٻڏي ويل ٻن ڇوڪرين ۽ هڪ نوجوان جا لاش هٿ ڪيا ويا. هن چيو ته لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا، جن جي سڃاڻپ 24 ورهين جي معاذ، 20 ورهين جي حفصه ۽ حبا جي نالن طور ٿي آهي، جڏهن ته ڇوٿين لاش جي سڃاڻپ 24 ورهين جي غلام مصطفيٰ طور ٿي آهي. جنهن جي لاش نه ملي سگهيو آهي ۽ ٻڌايو پيو وڃي ته سمنڊ مان ڪڍيل لاش ڀائرن ۽ ڀينرن جا آهن.