ڇا ٽئين عالمي جنگ ڇڙي چڪي آهي ؟

تحرير: رياض ابڙو 

صليبي جنگين کان وٺي مغرب جي اها مڳي رهندي آئي آهي ته هو جيئن سلطنت عثمانيا کي سبوتاز ڪري ويا تئين هاڻي به اسلامي ملڪن کي تباھه ڪري ويندا، انهن جي اڪانامي کي، انهن جي سياست کي، انهن جي معيشت ۽ معاش جي ذريعن کي ختم ڪري ڇڏيندا ۽ ائين اهي زيونسٽ ۽ سيهوندي جنگين ۾ سوڀارا ٿيندا. آمريڪا جيئن عراق تي بم ڪيرايا ۽ 2012 ۾ ٽوني بليئر اها  ڳالهه مڃي هئي ته انهن غلط ڪيو، پر اهي سيهوني ۽ زيونسٽ طاقتون هڪٻئي سان ٻِٽُ آهن. اهي چاهين ٿيون ته شخصي نرم دلي ۽ ندا ڀلي مسلمانن جي حق ۾ هجي جيئن ٽوني بليئر جڏهن حڪومت ۾ هيو ته اهو عراق تي حملي جو حامي هيو يا انهن نائين اليون جهڙيون سازشون ڪيون يا جيڪڏهن انهن سازشن ۾ رڳو يهودي لابي ٻِٽُ هئي ته به اهي حڪومت ۾ رهي آمريڪا سان سينو نه ساهي سگهيا ۽ انهن جي ڪانگريس ۽ يهودي ٿنڪ ٽينڪ کي نندين نه، پر اهي به ڪانگريس مان قراداد پاس ڪرائي مسلمان ملڪن تي حملا ڪرائي ويا ۽ مسلمان ملڪن جي پنهنجي عيسائي ۽ يهودي يا گهٽ ۾ گهٽ غير مسلم ملڪن ۾ ساک، عزت ۽ ناموس داؤ تي هڻي ويا. اسلامي تبليغي ۽ توسيعي پروگرام پنهنجي جاءِ تي پر مسلمان ملڪن جي شهرين جي تعليم ۽ معيشت ۽ انهن مغربي ملڪن ۾ سندن آبرو ۽ عزت سان گڏ انهن جا روزگار، معيشتون ۽ تعليمي ڪارڪردگيون ڦٽائي ويا ۽ جنهن رفتار سان مسلمان انهن غير مسلم ملڪن ۾ پلجي ۽ وڌي رهيا هيا سي رڪجي ويا، نائين اليون کانپوءِ هاڻي آمريڪي ۽ يهودي بربريت مسلمان ملڪن جي نڙي تي لت رکي ڇڏي آهي، ڪير نه ٿو ڪچي ته فلسطينين جو رت سستو ڇو آهي، يا ايران جي ايمبيسيءَ تي بي سبب حملا ڇو؟ يا ايراني جرنيل ڇو ٿا ماريا وڃن؟

جنگين جي پراڻن اصولن ۾ اهو به هو ته ڪنهن به آبادي، ڪنهن به پوڙهي پڪي، ٻار ٻڍي، عورتن، معذورن ۽ بيمارن تي حملو نه ڪبو، ۽ جيڪي به حملا آور هوندا آهن  اهي سڀ کان پهرين بادشاھ جي تخت کي نشانو بڻائيندا هيا ۽ پوءِ عوام الناس کي اهو پيغام ملندو هيو ته هاڻي تخت اونڌو ٿي چڪو آهي، بادشاھ مري کپي ويا آهن، انهن جون منڍيون لاٿيون ويون آهن، اهي ان دشمن جي حملي ۾ ماريا ويا آهن، ان ڪري حملا آور هاڻي جي اعلان ڪري پنهنجي حڪومت هلائيندا ته رعايا به انهن جي ها ۾ ها ملائيندي، ان ڪري رڳو ان حڪمران کي رڳو تخت تان لاهڻ جي ضرورت هوندي هئي بس. پر هاڻي جي جنگين جا اصول ۽ ضابطا ٻيا آهن، اهي پهرين عوام جي مٿان بم ڪيرائي ان حڪومت کي اهو پيغام ٿا ڏين ته هاڻي پوئتي ٿيو جيڪو اصول 6 آگسٽ ۽ 9 آگسٽ 1945 تي آمريڪا پاران ناگاساڪي ۽ هيروشيما تي بم ڪيرائي ڪيو ويو.

هاڻي ايران تل ابيب جهڙي شهر ۾ انساني آبادين، ماڻهن جي گهرن، پلازن ۽ رهائشي علائقن کي نشانو نه بڻايو، پر رڳو اسرائيلي تنصيبات، هوائي اڏن ۽ فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ۽ اها درستگي ايتري ته متاثر ٿي جو ايران گڏيل قومن ۾ پنهنجي حملي جو جواز وڏي فخر سان پيش ڪيوته ”ايران دفاع جو حق استعمال ڪندي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ جنگي اصولن تي عمل ڪيو آهي ۽ اهڙا ميزائل فائر ڪيا آهن جيڪي خالي هنڌن، ميدانن، ريگستانن ۾ ڪري رهيا آهن، پر ڪي به رهائشي علائقو، انساني آباديون، گهر تباھه ناهن ڪيا. جنهن ۾ عام شهرين جا گهر ۽ دڪان ڊهي پيا هجن ڇاڪاڻ ته صهيونزم ۽ اسلام جيڪو امن جو مذهب آهي انهن ۾ فرق رڳو اهو ئي آهي ته اسرائيل غزه، يمن، شام ۽ لبنان ۾ شهري آبادي، انساني آبادين کي بيدردي سان تباھه ڪيو. پلازن، رهائشي علائقن، اسڪولن، اسپتالن، پناهگيرن جي ڪيمپن، بين الاقوامي ادارن جي آفيسن ۽ گڏيل قومن جي مرڪزن کي ڊاهي پٽ ڪري، ماڻهن کي ماريو پيو وڃي، جڏهن ته ايران اهڙو ڪجهھ به نه ڪيو ۽ ايران ڪنهن به اسڪول، اسپتال، ۽ ڪنهن به عام ماڻهوءَ کي قتل ناهي ڪيو يا حملي ۾ ڪنهن به عمارت کي نقصان ناهي پهتو. ڇاڪاڻ ته انسانيت ايران جو نشانو نه هيو، جڏهن ته يهودين جي فطرت ۽ تاريخ ان جي ابتڙ آهي، تنهن ڪري ايران، سخت صدمي، غم ۽ انتقام جي باوجود انسانيت جو مظاهرو ڪندي، اسرائيل جي طاقت تي حملو ڪرڻ لاءِ تل ابيب جي شهري علائقن جي بدران صرف تنصيبات تي حملو ڪيو، اهو ئي سبب آهي جو اسرائيلي شهري خود پنهنجي گهرن مان ايراني ميزائلن جون وڊيوز پنهنجي موبائيل فونن سان ٺاهي رهيا هيا.

1945 ۾ مغربي ملڪن اسرائيلين جي مغربي ملڪن مان هٿ وٺي ڀاڄ ڪرائي هئي ۽ پنهنجن ملڪن ۾ يهودي جي اميگريشن تي پابندي هنئي هين ته جيئن اهي ”عاليه“ جي نعري تحت رڳو فلسطين ۾ وڃي رهن ۽ آمريڪا، فرانس، برطانيا ۽ اٽليَ پاڻ انهن جي الڳ وطن جي گهر ڪئي هئي ته فلسطين جي ڌرتي انهن کي موٽائي ڏني وڃي ۽ انهن کي مسلمان ملڪن وانگي پنهنجو ملڪ ٺاهڻ جي اجازت ملي، جنهن ۾ عرب به راضي هيا ۽ سعود بن عبدالعزير توڙي جو اعترض واريا هيا پر انهن يهودين کي آخر اجازت ملي وئي ۽ انهن فلسطينين کي سوري پوَري پنهنجو ملڪ ٺاهيو ۽ دنيا يا خاص مسلمان ملڪن ۽ عرب ملڪن جي لاءِ عذاب ڪري ويهي رهيا.

آمريڪا هاڻي ڄڻ ايران کي زوريءَ جنگ ۾ ڌڪڻ ٿو چاهي، آمريڪا چاهي ٿو، ٻيا نه سهي پر ايران گهٽ ۾ گهٽ نشاني تي هجي، ان ڪري ته جيئن نائين اليون ۾ دنيا جا مسلمان نشاني تي رهيا، هاڻي فلسطين جي جنگ جو ڪو کڙتيل نه ٿو نڪري ته تل ابيب ۽ گولان هائيٽس تي به ايرائي ڊرون بم، بيليسٽڪ ميزائيل پڄي ٿا وڃن ته هاڻي اسرائيل ۽ ان جي پويان بيٺل آمريڪا ان  ڳالهه ۾ راضي آهن ته جنگ جو دائرو ايران ۽ ڪجھه عرب ملڪن تائين وڌي جنهن ۾ ايران پنهنجي پراسڪي ملڪ جن ۾ ايران جا گروھ ڪم ڪن ٿا جنهن ۾ بحرين، يمن، لبيا ۽ اردن شامل آهن، اتان ويهي اها سستا پر ججهي مقدار ۾ ڊرون حملا ڪري سگهي، جو اسرائيل جو وايون بتال ٿي وڃن ۽ اسرائيل پاڻ پريشان ٿي وڃي ته آخر اهي بم ڪٿان ڪٿان اڏي ٿا اچن ۽ اهي اسرائيل آمريڪي مدد سان انهن کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وڃن، سمجهن ته هاڻي انهن جي دال نه ڳرندي، ان ڪري ته ان سموري جنگ ۽ وارتا ۾ سهڪي رڳو آمريڪا ٿو جنهن ۾ اسرائيلي ڪنهن به آرمي چيف، جنگي سائنسدان يا ڪنهن يهودي ڏاهي جو ڪو بيان نه ٿو اچي ته اهي هاڻي ايران يا پاڪستان کي نه ڇڏيندا. ان ڪري ته اها جنگ پاڻ آمريڪا پنهنجي ليکي ٿو وڙهي ۽ سمجهي ٿو ايران تي بي سبب حملا ڪري سگهي جيئن 3 جنوري 2020 تي قاسم سليماني جيڪو هڪ ايراني جنرل هيو ۽ عراق جي بغداد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ويجهو آمريڪي ڊرون حملي ۾ مارجي ويو، جڏهن عراقي وزيراعظم عادل عبدالمهدي سان ملاقات ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هو ۽ ان کانپوءِ وري آزربائيجان جي هٿان ابراهيم رئيسي جو هيليڪاپٽر تباھ ڪيو ويو.

پهرين مهاڀاري لڙائي يا ان کان اڳ مغربي جنگيون ۽ جنون انهن جي مٿي جا سور هيا ۽ انهن کي اهي ڳالهيون طئي ڪيون ته پهرين مهاڀاري لڙائي ڪٿي ختم ٿي ۽ ٻي ڪڏهن شروع ٿي، پر اسان مسلمان جي سوچ ۽ ٽين مهاڀاري لڙائي آمريڪا جي اچڻ سان ئي شروع ٿي ڪي هئي سا جاري ۽ ساري آهي ۽ تيستائين هلندي جيستائين آمريڪا جو زوال نه ٿو اچي.

پهرين مهاڀاري لڙائي يا ان کان اڳ مغربي جنگيون ۽ جنون انهن جي مٿي جا سور هيا ۽ انهن  اهي ڳالهيون طئي ڪيون ته پهرين مهاڀاري لڙائي ڪٿي ختم ٿي ۽ ٻي ڪڏهن شروع ٿي، پر اسان مسلمان جي ٽين مهاڀاري لڙائي آمريڪا جي اچڻ سان ئي شروع ٿي چڪي هئي سا جاري ۽ ساري آهي ۽ تيستائين هلندي جيستائين آمريڪا جو زوال نه ٿو اچي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.