آءِ جي پاران رزاق آباد ٽريننگ سينٽر جو دورو، پاس آئوٽ ٿيندڙ اهلڪارن کي مبارڪون

ڪراچي ( رپورٽر ) شهيد بينظير ڀٽو ايلٽ ٽريننگ سينٽر رزاق آباد ۾ ٺهيل آڊيٽوريم هال جو افتتاح، ايگلٽ ڪورس جي 02 بيچز جي  پاسنگ آئوٽ تقريب منعقد ڪئي وئي. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. آءِ جي سنڌ پهچڻ تي ڪمانڊنٽ ايس بي اي پي ٽي سي ۽ ٻين آفيسرن سندس آجيان ڪئي. ان موقعي تي پوليس جي جوان کيس جنرل سلامي ڏني. آءِ جي سنڌ پاسنگ آئوٽ تقريب جي مختلف تقريبن سميت مارچ پاسٽ/پريڊ جو معائنو ڪيو ۽ مختلف تربيتي معاملن جو عملي مظاهرو ڏٺو. آءِ جي سنڌ چيو ته ڪامياب ٽريننگ مڪمل ڪرڻ تي سمورن پوليس اهلڪارن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. ڪمانڊنٽ رزاق آباد سينٽر ۽ سندس ٽيم جون بهترين ۽ معياري تربيتي شروعات ۽ ٻين سهولتن لاءِ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. اميد ته توهان پنهنجا فرض نڀائيندا. آءِ جي سنڌ چيو ته پوليس بهترين ڪم ڪيو آهي، شهري ۽ ميڊيا توهان جي ڪم کي ساراهيو آهي, امن امان جي صورتحال بابت ناقص ڪارڪردگي تي ماڻهو اوهان تي تنقيد ڪن ٿا. تنقيد ان ڪري ڪئي وڃي ٿي جو عوام کي توهان مان اميدون آهن. پاسنگ آئوٽ ٿيندڙ اسڪواڊ پنهنجي يونٽن ۾ شامل ٿي پوليس جو نالو ۽ شهرت قائم ڪندو.  آءِ جي سنڌ چيو ته  هيلٿ انشورنس اسڪيم تحت هر پوليس آفيسر ۽ ملازم پنهنجو ۽ پنهنجي خاندان جو ڪنهن به معياري اسپتال ۾ 10 لک رپين تائين علاج ڪرائي سگهندا.آءِ جي سنڌ ڊيوٽي ڪندي شهيد ۽ زخمي به ٿيا آهيون. شهيد پيڪيج جيڪو 10 ملين جو هو، سنڌ حڪومت ان کي وڌائي 23 ملين ڪيو آهي, شهيدن لاءِ هي بنيادي پيڪيج آهي .پر اعليٰ آفيسر جي شهادت تي اها رقم 7 ڪروڙ رپين تائين آهي،  شهيد پيڪيج، هيلٿ انشورنس، توهان جي پگهار، توهان جي ڀلائي، پوليس اسپتالن جي اپ گريڊيشن ۽ ٻيا قدم توهان جي ڀلائي لاءِ نه پر عوام جي خدمت جي بهتري لاءِ به کنيا پيا وڃن. مون کي يقين آهي.

ته منهنجو هر سپاهي محنت ڪري عوام جي اميدن تي پورو لهندو. اسان جو بنيادي يونٽ پوليس اسٽيشن آهي جيڪڏهن اسان پوليس اسٽيشن تي بهتر ڪم ڪنداسين ته پوءِ حڪومت ۽ پوليس کاتي جو نالو روشن ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.