سامارو /عمرڪوٽ(نمائندن وٽان)بودرفارم ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ سيف الله پلي موڙ وٽ باغ ۾ وڻ ۾ ٽن پٽن معصوم ٻارن ۽ ھڪ پيءُ چمن ڪولهي جو ڦاهو کاڌل لاش ھٿ آيا، ڳوٺاڻن لاش ڏسي بودرفارم پوليس کي اطلاع ڏنو پوليس جاءِ واقعي پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪيون پيا، ٻئي پاسي چئوٻول آھن ته فوتي زال مڙس ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن بعد پيءُ ٽن معصوم ٻارن کي ڦاهو ڏئي پاڻ به ڦاهو کاڌو آھي.