ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي پوليس شھر جي مختلف علائقن ۾ الڳ الڳ پوليس مقابلن ۾ 6 زخمي ڦورن سميت 9 جوابدارن کي گرفتار ڪري ھٿيار ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪري ورتو. عيد گاھه ٿاڻي جي پوليس مطابق عيد گاھه اورنگزيب مارڪيٽ ڀرسان بلوچ پارڪ لڳ پوليس ۽ ڦورن جي وچ ۾ پوليس جي جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڦورو عديل کي زخمي حالت ۾ پوليس گرفتار ڪندي پستول گوليون ۽ موٽرسائيڪل ھٿ ڪري ورتي آهي. سھراب ڳوٺ ٿاڻي جي پوليس موجب جنت گل ٽائون ندي ڪناري ڀرسان الآصف لڳ پوليس ۽ ڦورن جي وچ ۾ پوليس مقابلي ۾ پوليس جي جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڦورو روشن علي کوسو کي زخمي حالت م پوليس گرفتار ڪري پستول گوليون ، روڪ رقم ۽ موٽرسائيڪل ھٿ ڪري ورتي آهي. قائد آباد ٿاڻي جي پوليس مطابق قائد آباد جي علائقي مسلم گرائونڊ اسپتال چورنگي لڳ پوليس ۽ ڦورن جي وچ ۾ مقابلي دوران پوليس جي جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ زخمي جوابدار بابر کي ٻن ساٿين ذيشان ۽ خاور سميت گرفتار ڪري وٽس پوليس قبضي مان 2 پستول گوليون، ڦر ڪيل موٽرسائيڪل ھٿ ڪري ورتي آهي. ڪلري ٿاڻي جي پوليس موجب علائقي ۾ ڪاروائي ڪندي پوليس مقابلي جي بعد ملزم نواز علي ولد فقير محمد کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري پستول ۽ ڦر ڪيل موٽر سائيڪل ھٿ ڪري ورتو. بغدادي ٿاڻي جي پوليس مطابق بغدادي لياري تاميلا اسٽاپ سلاٽر هائوس يارڊ روڊ جي ڀرسان پوليس مقابلي ۾ زخمي ڦورو محمد شريف ساٿي جوابدار عبدالباري کي گرفتار ڪري پستول گوليون ۽ موٽرسائيڪل ھٿ ڪري ورتي آهي.