ڀارتي پرڏيهي وزير 9 سالن بعد پاڪستان ايندو

نئين دهلي ( م ڊ ) ڀارت شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پرڏيهي وزير سبرامنيم جي شنڪر کي پاڪستان موڪلڻ جو اعلان ڪيو آهي. رپورٽ موجب، سبرامنيم جي شنڪر اسلام آباد جي دوري ۾ ڀارتي وفد جي اڳواڻي ڪندو، اهو 9 سالن ۾ ڪنهن اعليٰ ڀارتي شخصيت جو پاڪستان جو پهريون دورو هوندو. ان ڳالهه جو اعلان ڀارتي پرڏيهي آفيس جي ترجمان رنڌير جيسوال صحافين کي هفتيوار بريفنگ ۾ ڪيو، جنهن ۾ هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڀارتي پرڏيهي وزير سبرامنيم جي شنڪر جي اڳواڻي ۾ وفد پاڪستان روانو ٿيندو،  شنگهائي تعاون تنظيم جو سربراهي اجلاس 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ 29 آگسٽ تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني هئي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.