ڪراچي ۾ اسپتالون زڪوات ۽ سرندي وارن جي خرچن تي هلي رهيون آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ جر مان پاڻي ڪڍڻ تي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن پاران چارجز وٺڻ خلاف داخل درخواست تي فيصلو  محفوظ ڪري ورتو، عدالت ۾ سنڌ فورڊ اٿارٽي ۽ صحت کاتي سميت ٻيا پيش ٿيا. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ شهريار مهر عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪندي چيو ته سنڌ فوڊ اٿارٽي 463 آر او پلانٽ جو دورو ڪيو آهي. صحت کاتي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري اسپتالن ۾ 4 سئو کان وڌيڪ ڊائيلاسز مشينون موجود آهن، سنڌ حڪومت جي سهڪار سان 3 وڏيون اسپتالون هلن پيون، جن ۾ 450 کان وڌيڪ ڊائيلاسز مشينون آهن، جن ۾ ايس آءِ يوٽي، انڊس ۽ ڪڏني سينٽر شامل آهن، جڏهن ته  108ڊائيلاسز مشينون خراب آهن. جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته مشينن کي آپريٽ ڪرڻ لاءِ نيفلوروجسٽ مقرر ڇو نه ڪيا ويا آهن؟، صحت کاتي عدالت کي ٻڌايو ته اسان ان تي ڪم ڪري رهيا آهيون صوبي ۾ 50 کان وڌيڪ عمارتون موجود آهن پر اسٽاف مقرر نه آهي. عدالت چيو ته هڪ ارب جي عمارت ٺاهيندا آهيون، ڏهه لک ۾ اسٽاف نٿا رکي سگهيو. جسٽس امجد علي سهتو پڇاڻو ڪيو ته اسپتال تي زڪوات ۽ مخير ماڻهن جي خرچن تي پيا هلن، عدالت وڌيڪ چيو ته ايمبولينس ايڌي جي آهي، کاڌو سيلاني جو آهي ۽ وهيل چيئر هڪ خيراتي اداري پاران مهيا ڪئي پئي وڃي، عدالت چيو ته اسان چيف سيڪريٽري سنڌ کي زمين مان پاڻي ڪڍڻ بابت قانون سازي جو چيو هو. سرڪاري وڪيل جو چوڻ آهي ته قانون سازي جي لاءِ وقت ڏنو وڃي گهٽ ۾ گهٽ 3 مهينا هجن، عدالت وڪيلن جي دليل ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.