واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن امدادي رقم جي استعمال ۾ شفافيت برقرار نه رکي وئي ته امداد بند ڪري ڇڏينداسين، آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان پريس ڪانفرنس دوران پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ آمريڪي امداد ۾ مبينا ڪرپشن بابت سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته آمريڪا ڪنهن به ملڪ ۾ امداد ۾ ڪرپشن کي سنجيده وٺندو آهي.پاڪستان سميت دنيا جو هر ملڪ جتي به آمريڪي ٽيڪس جو پئسو امداد طور ڏنو وڃي ٿو اتي چيڪ اينڊ بيلنس جو نظام آهي ۽ ان جي نگراني ڪئي وڃي ٿي، واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري الزام مڙهيو هو ته وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ عالمي امدادي فنڊ پنهنجي کيسي ۾ رکي ڇڏيو آهي.
-
چيف جسٽس سان بدتميزي ڪندڙ مصطفين ڪاظمي گرفتار
اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد پوليس ٻه ڏينهن اڳ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان بدتميزي ڪندڙ پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل وڪيل مصطفين ڪاظمي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس پهريان مصطفين ڪاظمي کي ڀاڪر پائي هٿ ملايو، جنهن کان پوءِ کيس گرفتار ڪيو، پوليس مصطفين ڪاظمي کي پوليس اسٽيشن سيڪريٽريٽ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.