ڪراچي( رپورٽر ) يوٿ ايڪشن ڪميٽي سنڌ جي چيئر پرسن سنڌو نواز گهانگهرو،انيس هارون، هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جي قاضي خضر حيات، تحريڪ نسوان جي اڳواڻ شيما ڪرماني، هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جي قاضي خضر حيات، جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو، الاهي بخش بڪڪ، مهناز رحمان، ناصر منصور۽ ڪالهه خميس جي شام جو سنڌ ۾ مذهبي انتها پسندي خلاف، ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قاتلن جي گرفتاري، سنڌ ۽ ملڪ ۾ حقيقي اسلامي روادري جي قيام لاءِ 13 نومبر تي ڪراچي ۾ ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪندي سنڌ جي سياسي جماعتن، سول سوسائٽي، شاگردن، شاگردياڻين ۽ مزدورن کي شرڪت ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. انهن عمر ڪوٽ ۾ سنڌ پوليس هٿان ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀرکي پوليس مقابلي ۾ مارڻ بابت جوڙيل سنڌ حڪومت جي پوليس آفيسرن تي ٻڌل تحقيقاتي ڪميٽي کي رد ڪندي ميرپور خاص جي ڊي آئي جي، امر ڪوٽ جي ايس پي ،ايس ايڇ او۽ مولوي عمر سرهندي کي ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل ۾ ملوث قرار ڏيندي مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر جي پوليس هٿان عدالت کان مٿانهين قتل جي جوابدارن کي سزا ڏيارڻ ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنڌهاءِ ڪورٽ جي حاضر سروس ججن تي ٻڌل عدالتي تحقيقاتي ڪميٽي جوڙي وڃي، هن قتل ۾ ملوث عمر سرهندي، جاويد جسڪاڻي، ايس ايس پي عمر ڪوٽ، ايس ايس پي ميرپورخاص، ايس ايڇ او سنڌڙي کي گرفتار ڪيو وڃي، قاتلن کي هار پارائيندڙ،قاتلن جي حوصلا افزائي ڪرڻ۽ عمر ڪوٽ ۾ ڪالهه خميس ڏينهن تي قاتل مولوين جي ريلي جي مدد ڪرڻ تي پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرادري کي قاتلن جي سهولتڪار قومي اسيمبلي جي ميمبر امير شاهه جيلاني کي پارٽي مان خارج ڪري سندس قومي اسيمبلي جي ميمبرشپ واپس وٺي هن مٿان قتل جي ايف آئي آر داخل ڪئي وڃي . سنڌو نواز گهانگهرو چيو آهي ته هن کي مولوين طرفان واٽس اپ، فونين ۽ سوشل ميڊيا تي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن ۽ دهشتگردن هن جي ڪنڊياري واري گهر تي حملو ڪيو ۽ گذريل سومر تي ڪورٽ جي حاضري تي سنڌ حڪومت ۽ پوليس جي موجودگي ۾ دهشتگرد عمر سرهندي ، غير قانوني هٿيارن سان دهشتگردن جي ٽولن سان ڪورٽ ۾ پيش ٿيو ، جنهن جو عمر ڪوٽ ۽ سنڌ هائي ڪورٽ جي ججن ۽ آئي جي سنڌ پوليس کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ها، ان مان لڳي ٿو ته قاتلن کي سنڌ حڪومت ۽ رياست جي ڀرپور پٺڀرائي حاصل آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس ۽ سڀني کي خبر آهي ته ڊاڪٽر شاهنواز جو ظالماڻو قتل ڪيو ويو ۽ پوءِ لاش کي ساڙيو ويو اسان عمرڪوٽ ۾ گڏجي اهو واضع ڪيو ته سنڌ شاھ عبداللطيف ڀٽائي، مخدوم بلاول، شاهه عنايت شهيد، سائين جي ايم سيد، حيدربخش جتوئي ۽ رسول بخش پليجو جي ڌرتي آهي جنهن کي انتها پسندي جي حوالي ٿيڻ نه ڏنو ويندو.جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ چيو ته سنڌ ۾ مذهبي انتها پسندي کي رياستي پٺڀرائي حاصل آهي، جيئن هو سنڌ کي وڌيڪ غلام رکي ڪارونجهر ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪري سگهن ۽ پنجاب سنڌ جو پاڻيِ ارسا ترميم وسيلي وڌيڪ چوري ڪري سگهن. انيس هارون چيو ته سنڌ امن ۽ مذهبي روادري جي ڌرتي رهي آهي آهي، جنهن کي ملڪ جي ٻين صوبن وانگر انتها پسندن مولوين ۽ پوليس آفيسرن جي حوالي ڪيو ويو آهي. شيما ڪرماني چيو ته رياست جي نگراني ۾ سنڌ ۾ مذهبي انتها پسندي کي هٿي وٺرائي وئي آهي، جنهن جو نتيجو عوام جي تحفظ ڪندڙ ڪندڙ اداري جي اعلي آفيسرن ۾ مذهبي انتها پسندي جي لاڙي جي پرورش ٿي رهي آهي. قاضي خضر حيات چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل تي جوڙيل سنڌ حڪومت جي پوليس جي انڪوائري تي شڪ آهن. سنڌ جي عوام جو مطالبو آهي ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي واقعي م ملوث پوليس عملدارن کي گرفتار ڪيو وڃي هڪ قاتل جو قافلو نڪري ٿو هٿيار بندن سان گڏ ان کي گرفتار نه ٿو ڪيو وڃي عمر سرهندي پهريان به ماڻهن کي قتل جون فتوائون جاري ڪري چڪو آهي ان کي گرفتار ڪيو وڃي ها ته ڊاڪٽر شاهنواز وارو واقعو نه ٿئي ها. سنڌو نواز جي ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي. اسان انتها پسندي کان نه ٿا ڊڄون .ان موقعي تي عاليه بخشل ٿلهو ، ناصر منصور، جونيئر ذوالفقارڀٽو ۽ ٻين چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي خاندان کي انتها پسند دهشتگردن کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي .
عمرڪوٽ واقعي خلاف جسقم جي حيدرآباد ۾ ريلي
حيدرآباد(رپورٽر) جسقم شھيد بشير خان قريشي ضلعي حيدرآباد پاران جسقم حيدرآباد اڳواڻ لياقت ملاح جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، اڳواڻن چيو ته عمرڪوٽ واقعي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ججن تي مشتمل تحقيقاتي ڪاميٽي جوڙي عمرڪوٽ واقعي جي اڻ ڌري جاچ ڪرائي واقعي ۾ ملوث ڌرين تي ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪري عدالتن آڏو پيش ڪيو وڃي. هنن چيو ته سنڌو جو پاڻي اسان لاءِ ٿڃ برابر آھي ۽ ٿڃ تي ڌاڙو ڪنھن به صورت برداشت نه ڪيو ويندو. پنجاب پاران سنڌو درياءَ جو پاڻيءَ روڪڻ سنڌين جو جياپو کسڻ آھي. جنھن جي ھر محاذ تي روڪ ڪئي ويندي۽ ريلي ۾ جسقم شھيد بشير خان ضلعي حيدرآباد اڳواڻ لياقت ملاح، ماما حسن بروهي، شاھجھان ملاح، اي بي سنڌي، فوٽو ملاح، غلام رسول پنھور، الله ڏنو پنھور، ڌيشي مصطفي درس، عبدالحسين درس، شاھنواز چٽو جي اڳواڻي ۾ وڏي انگ ۾ قومي ڪارڪنن جي شرڪت ڪئي.
مذهبي جماعتن جي ميرپورخاص کان عمرڪوٽ تائين امن ريلي،سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي:اڳواڻ
عمرڪوٽ/ميرپورخاص (نمائندا )مذهبي جماعتن پاران ميرپورخاص کان عمرڪوٽ تائين تاجدار ختم نبوت امن ريلي جلسي ۾ تبديل ٿيڻ کان پوءِ مفتي جان محمد نعيمي، مفتي حق نبي سڪندري،مفتي جلال الدين امجدي،مفتي علي نواز امجدي، مولانا عاشق شاھ جيلاني،پير ايوب جان سرهندي،مفتي ايوب سڪندري، پير عمر جان سرهندي، غلام رضواني جيلاني، پير عبدالخالق عرف ميان مٺو ، پير غلام مجدد سرهندي، جنيد شاهه جيلاني، مفتي سعيد،ثروت اعجاز قادری خطاب ڪندي چيو ته سنڌ محبت پيار امن ۽ صوفين جي ڌرتي آهي ڪجهه ڌريون سنڌ جو امن خراب ڪرڻ چاهين ٿيون انهن جي سازشن کي ناڪام ڪنداسين سنڌ جا ماڻهو نبي ڪريم صليُ الله وسلم جن جي شان ۾ گستاخي ڪڏهن به برادشت نه ڪندا سنڌ ۾ مذهبي جهيڙا وڌائڻ لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪيا پيا وڃن ڪجهه ڌريون فساد ڦهلائي ملڪ کي ٽوڙڻ چاهين ٿيون پوليس مقابلي ۾ ماڻهو مارڻ واري عمل کي سٺو عمل نٿا سمجهون پر مذهب جي نالي تي امن امان خراب ڪرڻ نه ڏينداسين گستاخ جي سزا ملڪ جي آئين ۽ قانون ۾ موجود آهي عدالتون ۽ ادارا بروقت پنهنجو ڪم ڪن ته اهڙا واقعا پيش نه اچن مذهبي جماعتن جي اڳواڻن جون گرفتاريون ۽ ڪيس داخل ڪرڻ وارو عمل سمجهه کان مٿي آهي اسان قانون جو احترام ڪيون ٿا پر ناانصافي برادشت نه ڪبي گستاخ جي حق ۾ سوشل ميڊيا تي مهم هلائي انتشار ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اسان پرامن آهيون اسان جا ڪارڪنن پرامن آهن هنن چيو ته اڄ جي جلسي ۾ هزارين ماڻهن جي شرڪت اهو ثابت ڪيو آهي ته سنڌ باب السلام آهي نظرون کٽي ٿيون وڃن پر ماڻهن نٿا کٽن اهو نبي ڪريم صليُ الله وسلم جن سان محبت جو ثبوت آهي، عبدالحق ميان مٺو خطاب ڪندي چيو ته آءِ جي سنڌ کي عرض ڪندس جنھن ھٿيار سان شاھنواز ڪنڀر کي ماريو آھي اھو ھٿيار مونکي ڏنو وڃي، ان عيوض ٻه ڪروڙ ڏيندس ان کان اڳ ميرپورخاص جي اسٽيشن چوڪ کان مرڪزي ريلي ۾ شريڪ هزارين ماڻهو اهلسنت جي عالمن جي اڳواڻي ۾ عمرڪوٽ روانا ٿيا پير ايوب جان سرھندي چيو سڀ کان وڏي ڳالھ اھا آھي ته (ڊاڪٽر شاھنواز) جڏھن ڪيفر ڪردار تي پھتو ته ھن جو جنازو کڻي ويا ته ماءُ ۽ مائٽن جنازو وصول نه ڪيو، ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ اوچتو ھن معاملي کي اسڪينڊلائيز ڪيو ويو آھي، پھرين ھو به ٺيڪ ھئا، سندس والدين، مٽ، مائٽ، عزيز ۽ اقارب سڀ ٺيڪ ھئا، ان کان پوءِ ھي نئون شوشو ڇڏيو ويو، ڇاڪاڻ ته ڪجھ ملڪ دشمن ۽ اسلام دشمن قوتون پاڪستان کي نقصان ڏيڻ چاھين ٿيون، سو ان ڪري اسان انھن کي ڪامياب ٿيڻ نھ ڏينداسين. ھي امن مارچ آھي،هنن چيو ته ھي پاور شو ناھي، جيڪي ماڻھو ائين چون ٿا اھي افواھ آھن، پروپيگنڊا آھي، ائين ڳالھيون ھلائين پيا ته ڀلي پيا ڪن، ھي ڪيس ميرٽ تي ھلندو.
ڊاڪٽر شاهنواز جي واقعي کي ٻيو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش پئي ٿئي: پير خالد سلطان
گهوٽڪي( ت ر )گهوٽڪي مرڪزي ناظم اعليٰ جماعت اهلسنت پاڪستان، ميمبر اسلامي نظرياتي ڪائونسل پاڪستان، امير جماعت الصالحين پاڪستان صاحبزاده الحاج پير محمد خالد سلطان سروري القادري چيو آهي ته ربيع الاول جي مهيني ۾ پيغمبر اسلام جي شان ۾ گستاخي جا واقعا پيش آيا آهن، جنهن سبب سڄي ملڪ ۾ بي چيني پکڙجي وئي سنڌ حڪومت ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل کي ٻيو رنگ ڏئي رهي آهي اسان کي اسلام انتها پسندي نه سيکاري آهي ان موقعي تي نياز احمد سومرو سلطاني، جعفر علي دايو سلطاني ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل ۾ ملوث پوليس اهلڪار ڊرائيور گرفتار
ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) آءِ جي سنڌ پاران ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي ڪيس جي جاچ لاءِ ڊي آءِ جي ميرپورخاص جي اڳواڻي ۾ جوڙيل ٽيم پاران عمرڪوٽ ۾ ڇاپو ھڻي ايس ايس پي عمرڪوٽ پوليس اسڪواڊ جي پوليس اھلڪار ڊرائيور عطا محمد کي گرفتار ڪرڻ بعد گذريل ڏينھن ميرپورخاص جي دھشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪري سندس ستن ڏينهن جو رمانڊ وٺي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني آهي ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي گرفتاري لاءِ جوڙيل ٽيم جي ميمبر ڊي ايس پي اسلم جاگيراڻي ٻڌايو ته سنڌڙي ٿاڻي تي داخل ٿيل ڊاڪٽر شاھنواز جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار پوليس اھلڪار عطا محمد پوليس وٽ پنهنجي گرفتاري پيش ڪئي آهي جنهن جو عدالت مان ستن ڏينهن جو رمانڊ پڻ ورتو ويو آهي جڏهن ته وڌيڪ گرفتاريون عمل ۾ اينديون.