آڪٽوبر 1989ع ۾ نوابشاهه ضلعي کي ٽوڙي نوشهرو فيروز کي نئون ضلعو ٺاهي پهرئين چئن ۽ بعد ۾ هڪ وڌيڪ تعلقي جو اضافو ڪيو ويو جنهن ۾ نوشهرو فيروز، ڀريا مورو ڪنڊيارو ۽ محرابپور شامل آهن. ساهتي پرڳڻي جو هيءُ خطو عالمن، اديبن، درسگاهن ۽ خانقاهن وغيره سان سرشار رهيو آهي. اوائلي دور کان ھيءُ پرڳڻو علم، تهذيب ۽ تمدن جو اهم مرڪز رهيو آهي. تاريخي لحاظ کان هي علائقو سنڌي ٻوليءَ جو وچولو ڪوٺيو ويو آهي؛ هتان جي ٻولي معياري ليکي وڃي ٿي.
هيءُ ساهتي پرڳڻو اوائلي دؤر کان وٺي علم، تهذيب ۽ تمدن جو اهم مرڪز هو. ساهتي پرڳڻي جو تاريخي احوال سنڌ جي ڪنهن به مورخ تفصيل سان بيان نه ڪيو آهي. هن پرڳڻي جو ماضي ڏاڍو شاندار رهيو آهي.ساهتيءَ وارو علائقو سنڌ جي ٻين علائقن کان وڌيڪ سرسبز ۽ شاداب رهندو آيو آهي. هتي جي ماڻهن جون رسمون ۽ رواج، ڳالهائڻ جو لهجو، معيارِ زندگي، علم و ادب، فيض و فڪر سڀ مخصوص نوعيت وارا آهن. سنڌيءَ جو ساهت پڻ هتان پروان چڙهيو. عربن جي قبضي کانپوءِ هتي انيڪ درسگاهون ۽ خانقاهون قائم ٿيون.
وچ واري دور ۾ پڻ ساهتي پرڳڻي کي سنڌ جي مرڪزي خطي واري حيثيت حاصل رهي. انگريزن جي زماني ۾ جيئن ئي نصابي طور لکت جي ابتدا ٿي ۽ نئون رسم الخط عمل هيٺ آيو ته ان وقت حيدرآباد ويجهو وچولي لهجي ۽ ساهتي لهجي کي سامهون رکي هڪ معياري لهجو مقرر ڪيو ويو، جيڪو هينئر به نصابي ڪتابن ۽ ادبي زبان لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي. هتان جي لهجي کي ’ادبي لهجو‘ سڏيو وڃي ٿو، جنهن ۾ سنڌ جي باقي ٻين سڀني علائقائي لهجن واريون صوتي خوبيون موجود آهن. ساهتي پرڳڻي بابت، مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته هتي اسريل سنڌ جي ساهت (ادب)، علم ۽ زندگيءَ جي ٻين پاسن سنڌي ماڻهن جي سدائين نمائندگي پئي ڪئي آهي. ساهتي پرڳڻي کي مجموعي طور سنڌ جي دانش علم، ادب توڙي سماجي قدرن جي لحاظ کان وڏي اهميت حاصل آهي. ان جي باوجود سڄي ضلعي اندر اڄ ڏينهن تائين هائير ايڊيوڪيشن لاءِ ڪا يونيورسٽي نه ملي سگهي آھي. جيڪا نهايت ڏکوئيندڙ ڳالهه آھي ته علمي ميدان ۾ سرسبز ضلعو ، وڏن وڏن عهدن تي پهتل هتان جا ماڻھو ان طرف ڌيان نه ڏئي سگهيا آھن.
سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس نوشهرو فيروز گورنمينٽ مدرسه هاءِ اسڪول جي احاطي ۾ 2013ع ۾ قائم ڪئي وئي، هي ڪيمپس بزنس ايڊمنسٽريشن، ڪمپيوٽر سائنس، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ انگلش لٽريچر جا چار سالا ڊگري پروگرام ڪرائي رهي آھي پر ان ۾ ڪلاس رومز، آڊيٽوريم جي جاءِ نه هجڻ، ٽرانسپورٽيشن جي سهولتن ۽ چئلينجز جو فقدان آهي.ان سان گڏ فيڪلٽي اسٽاف ۽ شاگردن لاءِ رهائشي سهولتن جي کوٽ جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ضلعي ڪائونسل ۽ ڊي سي آفيس جي ڀرسان موجود 10 ايڪڙ زمين مدرسه هاءِ اسڪول نوشهروفيروز جي نالي تي رجسٽر ٿيل آهي. جڏهن ته شھيد محترمه بينظير ڀٽو يونيورسٽي بينظير آباد ڪيمپس پڻ 2013 ۾ نوشهروفيروز جي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جي احاطي تي قائم ڪئي وئي، هي ڪيمپس انفارميشن ٽيڪنالاجي بزنس ايڊمنسٽريشن ۽ انگريزي ادب ۾ چار سالن جا ڊگري پروگرام پيش ڪري ٿي. سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس وانگر، ان ۾ ٽرانسپورٽ ۽ رهائش جهڙين ضروري سهولتن جو فقدان آهي. شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور لا ڪاليج 2003ع ۾ نوشهروفيروز گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جي احاطي تي قائم ڪيو ويو، ڪاليج 5 سالن جو ايل ايل بي ڊگري پروگرام پيش ڪري ٿو. بهرحال، اهو به فيڪلٽي جي باقاعده نقل و حمل، رهائش ۽ ٻين ضروري سهولتن جي کوٽ ۽ چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آھي. اھو چڱي طرح سمجھيو ويو آھي ته ھڪڙو عام /جامع يونيورسٽي ماڊل جيڪو انجنيئرنگ، ميڊيڪل ۽ قانون سميت تمام شعبن ۾ تدريس ۽ تحقيقجي پيشڪش ڪري ٿو. هونئن به سائنس، آرٽس، تعليم، ڪاروبار ۽ انتظام، فلسفو، دينيات وغيره، جا مضمون تمام گهڻو فائديمند آهن ۽ وسيلن جي بھترين استعمال جي اجازت ڏين ٿا، اھڙي طرح عالمي يونيورسٽي جي درجه بندي جي حيثيت کي وڌائڻ دوران مالي ۽ وقت جي اوور هيڊ کي گھٽائي ٿو. خاص طور تي روس ۽ چين، جهڙا ملڪ ان جي فائدن کي تسليم ڪن ٿا، عام / جامع يونيورسٽي ماڊل طرف واپس وڃي رهيا آھن۔ برطانيه، آمريڪا ڪئنيڊا، آسٽريليا، جرمني ۽ فرانس وانگر ترقي يافته ملڪن گهڻو وقت هن نموني کي اپنايو آهي. تازو مٿيون HEIS جي سربراهن جي نمائندن سان هڪ مشاورتي اجلاس منعقد ڪيو ويو ۽ انهن ادارن کي هيڪ ۾ ضم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ عوام جي وسيع مفادن خاطر ”يونيورسٽي جو نالو يونيورسٽي آف نوشهروفيروز“ تجويز ڪيو ويو. ان ڪري چونڊيل نمائندن کي اپيل ٿي ڪجي ته ”يونيورسٽي آف نوشهروفيروز “ بل 2024 سنڌ ڪابينا ۾ پيش ڪيو وڃي ته جيئن نوشهروفيروز ضلعي جي عوام کي معياري اعليٰ تعليم فراهم ڪري سگهجي. هن بل ۾ نوشهروفيروز يونيورسٽي جي قيام ۽ ان کان اڳ قاعدن ۽ قانونن سان گڏ طب، انجنيئرنگ، قانون، قدرتي سائنس، فارميسي، نظريه، سماجي سائنس، ڪاروبار ۽ ڪامرس جهڙي فيڪلٽيز جو قيام شامل ٿيڻ گهرجي. اميد ته سنڌ سرڪار پيش ڪيل تجويزن تي عمل ڪري ٻنهي ڪئمپس کي گڏ ڪري ”يونيورسٽي آف نوشھروفيروز“ جو قيام عمل ۾ آڻي مڪمل يونيورسٽي جي عمارت ٺاهي نوشھروفيروز جي عوام جون دليون کٽيندا ته جيئن ايندڙ نسل کين سدائين سونهري اکرن ۾ ياد ڪندو رهندو.
ان سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس نوشهرو فيروز جي موجود پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن جنهن ڏينهن رات نه رڳو يونيورسٽي لاءِ خط و ڪتابت ڪئي آهي ۽ وزيراعلي سنڌ توڙي ٺهيل ڪاميٽي جي منظوري پڻ ٿي چڪا آهي. ان سان گڏ پاڻ ڪئمپس ۾ شاگردن توڙي شاگردياڻين جي ايڪٽوٽيء کي پڻ وڌايو آهي۔ پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه هڪ تجربيڪار شخص آهي جنهن لاڙڪاڻو ۽ دادو يونيورسٽي جي قيام لاءِ تمام وڏو ڪم ڪيو آهي۔ سنڌ سرڪار کي سندس تجربي مان فائدو وٺي نوشهروفيروز يونيورسٽي جو قيام عمل ۾ آندو وڃي ته جيئن ضلعي نوشهروفيروز جو عوام تعليم يافته بڻجي وڃي.