ڪوئيٽا ۾ ڄاڃين سان ڀريل بس حادثي جو شڪار، 7 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا جي علائقي اولهه باءِ پاس تي ڄاڃين جي بس بي قابو ٿي کاهيءَ ۾ ڪِري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ٻارن سميت 7 ڄڻا فوت، جڏهن ته 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب اولهه باءِ پاس تي هزارا ٽائون مان ڄاڃين سان ڀريل بس بليلي وڃي رهي هئي ته ٽائر ڦاٽڻ سبب بي قابو ٿي کاهيءَ ۾ ڪِري پئي.
ريسڪيو ذريعن ٻڌايو ته حادثي ۾ 3 ٻارن سميت 7 ڄڻا فوت، جڏهن ته 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
ذريعن موجب زخمين کي بولان ميڊيڪل ڪامپليڪس اسپتال ۽ ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي، جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.