اسلام آباد(اعزاز سيد+آصف بشير چوڌري) پارليامينٽ جي ان ڪئميرا سيشن جي اجلاس ۾ آرمي چيف ۽ ڳجهن ادارن جا سربراهه شرڪت ڪندا جنهن ۾ پارليامينٽ ميمبرن کي خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي،ڪي پي جي 5 ڊويزنز ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي ،پوليس ۽ فوج جي موجودگي باوجود ماڻهو ڏينهن جو ٻاهر نڪرڻ کان به لنوائڻ لڳا، بلوچستان ۾ عليحدگي جي تحريڪ هلي رهي آهي،اتي افغان ۽ ايراني سرحدن تي عسڪريت پسند گروپ ترسيل آهن.
-
پاپوليشن ويلفيئر کاتي کي بند ڪرڻ جو فيصلو
اسلام آباد(م ڊ) وفاقي حڪومت پاپوليشن ويلفيئر کاتي کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا رائيٽ سائيزنگ جي قدمن تحت اهڙي تجويز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا جي فيصلي تي عمل ڪرائڻ جي ذميواري صحت واري وفاقي وزارت کي ڏني وئي آهي ۽ اهو فيصلو وفاقي حڪومت جي پگهارن ۾ گهٽتائي کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.
-
جسٽس منصور کي ڪميٽي جو حصو بڻائڻ تائين بينچ قبول ناهي: علي ظفر
اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ جي سينيٽر بئريسٽر علي ظفر چيو آهي ته آرٽيڪل 63 اي جي تشريح تي نظرثاني واري بينچ کي غير آئيني قرار ڏيندي چيو آهي ته جسٽس منيب اختر اڄ جي بينچ ۾ نه هو، جيستائين جسٽس منصور علي شاهه بينچ ٺاهڻ واري ڪميٽي جو حصو نه هوندو، بينچ قبول ناهي، اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر علي ظفر چيو ته پي ٽي آءِ باني کي به بينچ تي تحفظات آهن، هو اڄ سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجا دليل پيش ڪندو، اميد آهي ته عدالت بئنچ جي قيام تي سندس دليلن سان متفق ٿيندي.
-
پنجاب جي گورنر پاران عمران خان کي زرداري جي سربراهي ۾ ويهڻ جي صلاح
راولپنڊي (م ڊ) پنجاب جي گورنر سليم حيدر خان پي ٽي آءِ باني عمران خان کي صلاح ڏني آهي ته هو ضد ڇڏي صدر آصف علي زرداري جي سربراهي ۾ ويهي ته سمورا معاملا بهتر ٿي ويندا، راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان کي پنهنجي ضد مان نڪرڻو پوندو، ان کان اڳ راولپنڊي وومين يونيورسٽي جي پهرئين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي سردار سليم حيدر خان قومي معيشت سميت مختلف شعبن ۾ بهتري لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو.