بيروت/ تل ابيب/ تهران( م ڊ) اسرائيل پنهنجا حملا تيز ڪندي لبنان کان پوءِ شام تائين وڌائي ڇڏيا آهن. ايران پاران اسرائيل تي 400 بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا ويا، ايراني ميزائلن جي سامهون آئرن ڊوم ڍير ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ اسرائيل جي مختلف علائقن ۾ ڪيترائي ميزائل ڪريا آهن، جنهن ڪري اسرائيلن ۾ خوف حاوي ٿي ويو آهي ۽ اسرائيلي شهرين کاڌي پيتي جو ذخيرو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.حملي بعد اسرائيل ۾ جنگي گهگهو وڄي رهيا آهن. اسرائيلي ميڊيا موجب تل ابيب ۽ شيرون ۾ راڪيٽ فائر ڪيا ويا ۽ اسرائيلي ايمبولينس سروسز 2 ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي. اسرائيلي ايمبولينس سروسز جو چوڻ آهي ته ميزائل حملن دوران پناهه گاهه ڏانهن وڃڻ جي رش ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا جن کي طبي امداد ڏني وئي. اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيل جي فضائي حدن کي بند ڪيو ويو آهي ۽ هوائي اڏن تي موجود سمورن مسافرن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. اسرائيلي فوج سائرن جو آواز ٻڌڻ سان ئي پنهنجي شهرين کي محفوظ هنڌن ڏانهن وڃڻ جي هدايت ڪئي آهي. اسرائيلي فوج شهرين کي گهرن مان ٻاهر نه نڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته شهري احتياط ڪن ۽ جيڪڏهن سائرن ٻڌڻ ۾ اچن ته محفوظ جاءِ تي وڃي پناهه وٺن ۽ وڌيڪ هدايتون ملڻ تائين ٻاهر نه نڪرو. تل ابيب ۾ فائرنگ ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجڻ جا اطلاع آهن. اسرائيل تي حملي کانپوءِ ايراني پاسداران انقلاب اهم بيان جاري ڪيو آهي. ايران اڱاري تي اسرائيل تي حملو ڪيو ۽ ڪيترائي بيلسٽڪ ميزائل شروع ڪيا. اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته ايران کان اسرائيل طرف 102 ميزائل فائر ڪيا ويا آهن، جنهن کانپوءِ والاريل بيت المقدس ۾ سائرن وڄڻ شروع ٿي ويا آهن. اسرائيلي ميڊيا موجب ايران طرفان اسرائيل طرف 400 ميزائل فائر ڪيا ويا. اسرائيلي حملي کانپوءِ ايراني پاسداران انقلاب هڪ بيان جاري ڪندي چيو آهي ته اسرائيل تي حملو حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه ۽ حزب الله جي سيڪريٽري جنرل حسن نصر الله جي شهادت جو بدلو آهي. ايراني پاسداران انقلاب چيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيل جوابي ڪارروائي ڪئي ته ان کي ٻيهر نشانو بڻايو ويندو.ايراني فوج موجب ميزائلن اسرائيلي فوجي هدفن کي نشانو بڻايو. هوڏانهن آمريڪا حملي جي مذمت ڪندي قومي سلامتي جو اجلاس گهرائي ورتو آهي، آمريڪي صدر جوبائيڊن آمريڪي فوج کي اسرائيل جي حفاظت ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. اسرائيلي فوج جي ترجمان ڊينيئل هگاري ايراني حملي جي خاتمي جي خبر ڏني ۽ پنهنجي شهرين کي پناهگاهن مان نڪرڻ جي اجازت ڏني. ايراني حملي کانپوءِ پنهنجي آخري ٽيليويزن خطاب ۾ ڊينيئل هگاري چيو ته اسرائيلي فوج دفاع ۽ جوابي ڪارروائي لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي. هن زور ڏنو ته جواب مناسب وقت تي ڏنو ويندو. ٻئي طرف اسرائيلي فوج جي ذريعن چيو آهي ته ايران کي هاڻي پنهنجو ايٽمي پروگرام ختم ڪرڻ تي غور ڪرڻ گهرجي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته جنگ بندي جي ضرورت آهي.
بيروت، دمشق( م ڊ) اسرائيل پنهنجا حملا تيز ڪندي لبنان کان پوءِ شام تائين وڌائي ڇڏيا آهن، اسرائيلي فوج شام سان گڏ غزه ۽ لبنان تي به حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ عورت صحافي سميت 3 شهري شهيد جڏهن ته 19 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽن موجب شام جي راڄڌاني دمشق تي اسرائيلي حملن کانپوءِ باهه لڳي وئي، جنهن فوري طور تي ڪيترين ئي گاڏين کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. شام جي ٻن فوجي ذريعن پرڏيهي خابرو اداري رائٽر کي ٻڌايو ته اسرائيل ڏکڻ شام ۾ ٽن اينٽي ايئر ڪرافٽ راڊار اسٽيشنن تي حملو ڪيو. ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي حملي ۾ شام جي سرڪاري نيوز ايجنسي صنعا جي هڪ عورت صحافي پڻ مارجي وئي، جڏهن ته ٻه ٻيا شهري پڻ مارجي ويا. اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ 19 شهري پڻ زخمي ٿي پيا، جن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. اسرائيلي فوج چيو آهي ته هن سومر جي رات کان لبنان تي حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن. جنهن ۾ 98 هين ايلٽ ڊويزن جا ڪمانڊوز ۽ نيم فوجي دستا شامل آهن، جن کي 2 هفتا اڳ غزه کان اتر محاذ تان هٽايو ويو آهي. حزب الله پنهنجي سيڪريٽري جنرل حسن نصرالله جي شهادت کانپوءِ اڄ اسرائيل تي پهريون وڏو حملو ڪيو، اسرائيلي فوجي انٽيليجنس بيس کي نشانو بڻايو. حزب الله پنهنجي حملي ۾ فادي 4 ميزائل استعمال ڪيا، جيڪي اڳ ۾ استعمال نه ڪيا ويا آهن، جيتوڻيڪ حزب الله ان کان اڳ فادي ميزائل جا ٻيا نسخا ضرور استعمال ڪري چڪو آهي. ٻئي طرف حزب الله لبنان ۾ اسرائيلي فوج جي زميني آپريشن جي بيان جي ترديد ڪندي ان کي ڪوڙو دعويٰ قرار ڏنو آهي. اسرائيلي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته شام جي صدر بشار الاسد جو ڀاءُ ميجر مهر الاسد دمشق ۾ اسرائيلي فوج جي بمباري ۾ شهيد ٿي ويو آهي. عرب ميڊيا جي رپورٽ موجب شام جي راڄڌاني دمشق جي علائقي المازا ۾ اسرائيلي فوج هڪ رهائشي عمارت تي بمباري ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 شهري مارجي ويا ۽ 9 زخمي ٿي پيا.