اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 63 اي جي نظرثاني اپيل جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته هڪ طرف چيو ويو ته اختلاف ڪندڙ ميمبر ڊي سيٽ ڪيا ويندا ته ٻئيطرف چيو ويو ته نااهلي جي مدت جو فيصلو پارليامينٽ ڪري، اهو تضاد آهي، لڳي ٿو ته 63 اي جو فيصلو بي اعتمادي رٿ کي غير موثر ڪرڻ لاءِ هو، جڏهن ته وفاقي حڪومت ۽ پيپلز پارٽي آرٽيڪل 63 اي تي نظرثاني واري اپيل جي حمايت ڪري ڇڏي، ڪيس ۾ نئين بئنچ جوڙڻ بابت چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته جسٽس منيب اختر جي معذرت کانپوءِ جسٽس منصور علي جو نالو تجويز ڪيو ويو، پرهن به بينچ ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪيو جنهن تي جسٽس نعيم اختر افغان کي شامل ڪيو ويو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ لارجر بينچ آرٽيڪل 63 اي جي تشريح بابت نظرثاني اپيل جي ٻڌڻي ڪئي، بينچ ۾ جسٽس امين الدين، جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس مظهر عالم ميان خيل شامل آهن.ٻڌڻي جي شروعات تي چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته جسٽس منيب اختر کي بينچ ۾ شامل ٿيڻ جي درخواست ڪئي وئي پر هن پنهنجو پراڻو موقف برقرار رکيو.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اڄڪلهه سڀني کي خبر آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، سپريم ڪورٽ ۾ بند دروازن پٺيان ڪجهه نه پيو ٿئي.چيف جسٽس چيو ته ڪيس جو فائل مون وٽ آيو، مون جسٽس منصور علي شاهه جو نالو تجويز ڪيو، جسٽس منصور علي شاهه بينچ ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي جسٽس نعيم اختر کي بينچ ۾ شامل ڪيو ويو، هاڻي لارجر بينچ مڪمل ٿي چڪي آهي، ڪارروائي شروع ٿيڻ گهرجي.عدالت جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو آهي ته رجسٽرار آفيس معلوم ڪري تفصيلي فيصلو ڪڏهن جاري ٿيو، عدالتي فيصلي ۾ چيو ته وڪيل علي ظفر چيو ته منهنجو مئوڪل جيل ۾ آهي، جيڪڏهن مون کي نوٽيس مليو ته هدايت وٺندس، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته هي آئيني معاملو آهي، هدايتون ڪهڙيون وٺندا، ڇا هو توهان کي چوندو ته آئين کي نه مڃو، ڇا اسين سڀني جو دروازو کڙڪائي نوٽيس ڏيون؟ايڊووڪيٽ علي ظفر استدعا ڪئي ته مان بينچ تي اعتراض اٿارڻ چاهيان ٿو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته پنهنجي سيٽ تي وڃو، بعد ۾ توهان کي ٻڌنداسين.چيف جسٽس سپريم ڪورٽ بار جي صدر شهزاد شوڪت کان پڇاڻو ڪيو ته فيصلي تي ڪهڙو اعتراض آهي؟، جنهن تي هن جواب ڏنو ته اسان کي اڪثريت واري فيصلي تي اعتراض آهي.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته فيصلي ۾ ڪٿي لکيل آهي ته ووٽ نه ڳڻڻ جي صورت ۾ ميمبر نااهل ٿي ويندو، اهو معاملو پارٽي اڳواڻ تي ڇڏيل آهي اهو چاهي ته کيس نااهل نه ڪري، جيڪڏهن پارٽي سربراهه نااهلي جي ڊڪليئريشن نه موڪلي ته ڇا ٿيندو؟ جنهن تي شهزاد شوڪت جواب ڏنو ته پوءِ اهو معاملو ختم ٿي ويندو.چيف جسٽس چيو ته بي اعتمادي ۾ جيڪڏهن ووٽ نه ڳڻيو وڃي ته پوءِ وزيراعظم کي هٽائي ئي نٿو سگهجي، يعني آرٽيڪل 95 غير فعال ٿي ويو آهي.چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا عدالت فيصلي ۾ آرٽيڪل 95 تي ڪجهه چيو آهي، جيڪڏهن ڪنهن پارٽي جو ميمبر پارٽي سربراهه کي پسند نٿو ڪري ۽ هٽائڻ چاهي ته ڇا ڪيو ويندو، جيڪڏهن ميمبرن جا ووٽ نه ڳڻيا وڃن ته ڇا ٿيندو؟ .جسٽس جمال مندوخيل چيو ته انهن ڏينهن ۾ بلوچستان ۾ وڏي وزير خلاف پنهنجي ئي پارٽي بي اعتمادي آندي، برطانيا ۾ تازو هڪ پارٽي پنهنجي ئي وزيراعظم کي تبديل ڪيو، ان دوران ان پارٽي ايوان ۾ اڪثريت به نه وڃائي.سپريم ڪورٽ بار جي صدر شهزاد شوڪت چيو ته فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته انڪار ڪرپٽ پريڪٽس جيئن آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ڪنهن جي ضمير جو فيصلو ڪرڻ ڏکيو آهي، حقيقتن تي فيصلو ڪرڻ آسان آهي، ڇا آرٽيڪل 63 اي سان لاڳاپيل فيصلو آئين جي آرٽيڪل 95 ۽ 136 جي ابتڙ ناهي؟شهزاد شوڪت چيو ته ها اهو فيصلو آرٽيڪل 95 ۽ 136 جي خلاف آهي، چيف جسٽس چيو ته ضمير جو فيصلو ڪير ڪندو؟ ماڻهن جي ضمير ۾ وڃي ڪير ڏسندو؟ ڇا جيڪي روز پارٽيون تبديل ڪندا آهن اهي پنهنجي ضمير جي آواز تي فيصلا ڪندا آهن يا بي ايمان آهن؟ان جو فيصلو ڪير ڪندو، اسان ججن جي حيثيت ۾ ڪيئن فيصلو ڪري سگهون ٿا ته ڪو ماڻهو ضمير جي حساب سان ووٽ ڏئي رهيو آهي يا نه، اسين ڪير ٿيندا آهيون ڪنهن جو ضمير جو فيصلو ڪرڻ وارا؟شهزاد شوڪت چيو ته پارٽي سربراهه ۽ پارلياماني پارٽيءَ جو سربراهه الڳ الڳ هدايتون ڏين ته ڇا ٿيندو، اهڙي صورت ۾ اهو ڪيئن طئي ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن جي هدايتن کي مڃڻ ضمير جو آواز آهي؟چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته آرٽيڪل 62/1 ايف تي جسٽس منصور علي شاهه جو فيصلو موجود آهي، جنهن ۾ وضاحت موجود آهي ته نااهلي بابت ڪهڙي شقون پاڻمرادو لاڳو ٿينديون آهن ۽ ڪهڙيون نه، آمريڪي آئين ۾ انحراف بابت ڇا آهي؟شهزاد شوڪت درخواست ڪئي ته اسان جي درخواست آهي ته فيصلو واپس ورتو وڃي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته فيصلي ۾ ڇا غلط آهي، جنهن تي هن جواب ڏنو ته اهو فيصلو آئين کي ٻيهر لکڻ برابر آهي.چيف جسٽس چيو ته فيصلي ۾ رڳو اهو نه چيو ويو ته اوهان جو ووٽ ڳڻيو نه ويندو، فيصلو چوي ٿو ته جيڪڏهن پارٽي چوي ته ووٽ ڏيڻ لازمي آهي، پارٽي جي چوڻ تي ووٽ نه ڏيڻ تي ميمبر خلاف ڪارروائي جو چيو ويو آهي، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته نظرثاني جي مخالفت ڪير ڪري رهيو آهي؟علي ظفر عدالت کي ٻڌايو ته هو پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جو وڪيل آهي پر اڃا تائين نوٽيس ناهي مليو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان ٻڌايو ته اوهان نظرثاني جي حق ۾ آهيو يا خلاف.بئريسٽر علي ظفر چيو ته نظر ثاني جي مخالفت ڪندس، پ پ جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته آئين ۾ لکيل ناهي ته ووٽن جي ڳڻپ نه ڪئي وڃي، جيڪڏهن ووٽن جي ڳڻپ ئي نه ڪئي وڃي ته ان جو مطلب آهي ته مون ڪجهه غلط ڪم ناهي ڪيو. ڀڃڪڙي تڏهن لاڳو ٿيندي جڏهن ووٽن جي ڳڻپ ڪئي وڃي.چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته فيصلي ۾ جن ملڪن جو حوالو ڏنو ويو آهي، انهن ملڪن ۾ ڀڃڪڙي جي سزا آهي، اتي جي صورتحال جي وضاحت ڪريو، نظرثاني جي منظوري جو مطلب اهو ناهي ته فيصلو غلط آهي، ڪارڻ غلط ٿي سگهن ٿا، نظر ثاني جو دائرو تمام محدود هوندو آهي، توهان صرف سبب ڏسي سگهو ٿا ۽ فيصلي جو نتيجو نه، چيف جسٽس چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪجي ٿي، رهيل وڪيلن کي سڀاڻي ٻڌو ويندو، بعد ۾ سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 اي تي نظرثاني واري ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.