ڪوئيٽا(م ڊ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آئيني ترميم لاءِ جدوجهد موجوده چيف جسٽس لاءِ نه پيا ڪريون، آئيني عدالت ۾ قاضي فائز عيسيٰ ويهي يا جسٽس منصور، اسان کي ڪو مسئلو ناهي، ڪوئيٽا بار ايسوسيئيشن کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئيني عدالت جي مخالفت ڪندڙن کي وڪالت ۽ سياست ڇڏڻي پوندي، هن چيو ته 1973ع جي آئين کي ميثاق جمهوريت ذريعي بحال ڪيو، ڪنهن به جج ۾ اها جرئت نه هئي ته هو ڊڪٽيٽر جي قانون کي غير آئيني چوي، پر ان وقت سياسي ماڻهو ظلم برداشت ڪري رهيا هئا، منهنجو والد ڪنهن سزا کانسواءِ قيد ڀوڳيو، تنهن وقت به هي ساڳيو عدالتي نظام هو، مڪمل انصاف ڪٿي هو؟ هن چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري، جنرل ڪياني، ان وقت جي آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل پاشا وچ ۾ اهو معاهدو ٿيو هو ته جيڪڏهن آئين کي اصل شڪل ۾ بحال ڪيو ويو ته ان جي جمهوريت تي ضابطو ڇا رهندو؟ ان وقت اهو سوچيو ويو ته سياستدانن کي سياست کان پري رکڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن بهاني تي 62، 63 تي نااهل ڪيو وڃي ۽ پوري آزاد عدليه اسان جي 30 سالن جي جدوجهد جي جمهوري سفر ۾ 18 هين ترميم ۽ 1973 جي آئين جي بحالي بعد اهڙا مثال قائم ڪيا جيڪي ناقابل بيان آهن.بلاول ڀٽو چيو ته مان سمجهان ٿو ته اڄ حالتون تمام خراب آهن پر ان وقت به حالتون خراب هيون جڏهن هڪ فرعون ويٺو هو جنهن خلاف توهان ڪجهه به ڳالهائي نه ٿي سگهيا، ٻڌايو ته توهين عدالت جو مطلب ڇا آهي؟ جيڪڏهن توهان ڪنهن جج خلاف ڳالهايو ته عمر قيد جي سزا ملندي، ڇا اها آهي اظهار جي آزادي؟ توهان فيصلو ڏيو، هن چيو ته توهان ڪنهن وزيراعظم کي هٽائي ڇڏيو ۽ اسان هڪ لفظ به چئون، ائين نه ٿيندو، چيو ويو ته رياست ماءُ جيان هوندي پر پوءِ رياست پيءُ جهڙي ٿي وئي ۽ ان ۾ افتخار چوڌري جو وڏو هٿ هو، سندس دور ۾ بينچ رات 12 وڳي ويهي رهندي هئي. هن چيو ته 63 اي جو آئين اسان لکيو آهي، تنهن ڪري سڀ کان وڌيڪ مون کي خبر آهي ته 63 (A) جو مطلب ڇا آهي؟ اهو ڪهڙو مذاق آهي ته پاڪستان ۾ جيڪڏهن توهان وٽ يونيفارم ۽ بندوق هجي ته توهان جي مرضي هوندي؟! پرويز مشرف کي عدالت اجازت ڏني چيو ته سو بسم الله جيڪڏهن آئين ۾ ترميم ڪرڻي آهي ته ڪريو، اها آهي توهان جي عدالت جي تاريخ.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن آئين چوي ته آئيني عدالت هوندي ته توهان مڃيندا، عدالت جو ڪم آئين ۽ قانون تي عملدرآمد ڪرائڻ آهي، هنن 30 سالن جي جدوجهد کانپوءِ فيصلو ڪيو ته آئيني عدالت ٺهي، ملڪ ۾ ڪنهن کي مقدس ڳئون نه بڻجڻ گهرجي.هن چيو ته ميثاق جمهوريت ۾ پهريون مطالبو آهي ته وفاقي آئيني عدالت بڻجڻ گهرجي، ڇا اوهان يقين ڏياريندا ته پوري 18 هين ترميم اڏائڻ جي ڌمڪي نه ڏني ويندي.هن چيو ته هن ۾ عدالتن ۾ ايترا ڪيس آهن جيڪي نٿا ٻڌا وڃن، هر ڪجهه مهيني هڪ سياسي ڪيس سامهون اچي ٿو، انڪري چاهيون ٿا ته صوبائي سطح تي به آئيني عدالت هجي، پر حڪومت سان هينئر تائين طئي ڪري چڪا آهيون ته وفاقي آئيني عدالت هجي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چاهيون ٿا ته ڪميٽي اتفاق راءِ سان جج جو فيصلو ڪري، ڪميٽي جنهن کي اتفاق راءِ سان جج بڻائي تنهن کي جج ٿيڻ گهرجي، اسين اهڙو نظام ٺاهڻ چاهيون ٿا جيڪو اڳتي هلي اسان تحفظ ڏئي سگهي،