شڪارپور(رپورٽ: ذوالفقار مگسي) شڪارپور ضلعي جي ڪوٽ شاھو ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي مان پنجاب جي علائقي صادق آباد واسي مغوي طاھر محمود آرائين کي ھٿياربندن قتل ڪري ڇڏيو، سندس لاش ڪوٽ شاھو جي ڪچي مان ھٿ ڪيو ويو، پوليس مطابق اطلاع مليو ته ھڪ نامعلوم شخص جو لاش پيل آھي جنھن بعد ھنن فوري طور تي پھچي لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي لاءِ خانپور اسپتال منتقل ڪيو، جتي ھن جي قميص مان ھڪ پرچي ملي جنھن ۾ سندس وارثن جو رابطي لاءِ نمبر لکيل هو، وارثن جو چوڻ آھي 20 ڏينھن اڳ گھر اھو چئي نڪري ويو ڪنھن ڪم سان وڃي رھيو آھي جيڪو واپس نه موٽيو ۽ ڪجھه ڏينھن اڳ ڏوھارين رابطو ڪرائي ھڪ ڪروڙ ڀنگ طلب ڪيو، نه ڏيڻ جي صورت ۾ مارڻ جي ڌمڪي ڏني ھئي، ڏوھارين اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو آھي، پوليس جو چوڻ آھي ته مقتول مغوي جي وارثن پھچڻ شرط پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ چيو آھي انھن جي اچڻ بعد لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويندو، جڏھن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي.
-
گهوٽڪي واسي ٻن مغوين تي ڌاڙيلن جو وحشياڻو تشدد،ڪپڙن کان آجو ڪري وڊيو رڪارڊ
گھوٽڪي/ميرپورماٿيلو/داد لغاري (نمائندن وٽان) هڪ هفتي دوران ضلعي گهوٽڪي مان 2 مينگهواڙ برادري جي ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو آهي، آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد مان عطر مينگهواڙ جڏهن ته ڳوٺ مولودي مهيسرو واسي نذير عرف گرمک کي پڻ اغوا ڪيو ويو آهي. ڌاڙيلن انسانيت جا ليڪا لتاڙيندي مغوي نظير جا وار ڪوڙي کيس ڪپڙن کان آجو ڪري وڊيو جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ مغوي مٿان بدترين تشدد ڪيو پيو وڃي. ڌاڙيلن پاران مغوي نظير عرف گرمک جي وارثن کان 50 لک روپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ مغوي جي والد ٺاڪرو جو چوڻ آهي ته هو غريب مسڪين ماڻهو آهن روز اٽو وٺي گذر سفر ڪرڻ وارن وٽ ايتري رقم ئي ڪونهي جو هو ڌاڙيلن کي ڏئي سگهن انڪري پوليس جون اعلي اختياريون نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪن. ياد رهي ته گهوٽڪي پوليس گذريل ڏينهن پريس رليز جاري ڪندي مغوي نذير واري واقعي کي ڊرامو قرار ڏنو هو پر ڌاڙيلن پاران جاري ڪيل وڊيو بعد پوليس جي پت پڻ وائکي ٿي وئي آهي. ضلعي گهوٽڪي ۾ ڌاڙيلن پاران اقليتي برادري خلاف ڪارروائين سبب ساڃاهه وند طبقي ۾ ڳڻتي ڇائنجي وئي آهي جڏهن ته اقليتي برادري جا ماڻهو پڻ خوف ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.
-
ڪنڌڪوٽ ۾ هڙتال جي سڏ تي پوليس جون منٿون، آپريشن لاءِ هفتي جي مهلت طلب
ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ: عرفان علي کوسو)ڪنڌڪوٽ ۾ ڀتاخوري ۽ ڌاڙيل ڪلچر خلاف 7 ڏينهن به شھري روڊن تي نڪتا، اي ايس پي جي خاطري بعد هڙتال جو سڏ واپس ورتو ويو، ڪنڌ ڪوٽ شھر سميت ضلعي اندر ڏوھارين پاران واپارين، معززين ھندو برادري جي ماڻھن کان ڀتو وصول ڪرڻ ضلعي ۾ بدامني، غنڊاگردي، بدمعاشي خلاف آل پارٽيز موومينٽ جي سڏ تي وڏي تعداد ۾ شھرين امن جا جھنڊا کڻي گھنٽاگھر چوڪ کان پريس ڪلب تائين بتيون ھٿن ۾ کڻي احتجاج ڪيو، ان دوران ڏوھارين جو يار آهي غدار آ غدار آ، ڀتاخوري بند ڪيو، غنڊاگردي بند ڪيو، ماڻھو مارڻ بند ڪيو، ھي اغوا ڪرڻ بند ڪيو جي نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن ڊاڪٽر مھر چند، دلمراد ڏاھاڻي، عزيز سومرو، طارق خان باجڪاڻي، شمن علي باجڪاڻي، غلام مصطفي ميراڻي، سجاد بروھي، والي ڏنو سنڌي، شاھنواز مرھٽو، ڇوٽو خان جکراڻي، اشوڪ سونارو ، عبدالفتاح مغل، حافظ عبدالقادر سيال، فيض محمد لوھر، ڪامريڊ عباس، سنتوش اگروال ۽ ٻين چيو ته قانون جي رٽ ڪمزور ھجڻ ڪري ڌاڙيل ڪلچر طاقتور ٿيو آهي، ڏوھاري بي خوف ٿي شھر اندر ڪلاشنڪوف سان داخل ٿي وارداتون ڪن ٿا، پوليس ۽ سيڪورٽي ادارا گم آهن، اڄ کان ٽن ڏينهن تائين شٽربند ھڙتال ڪري ضلعو ضلعو مڪمل بند ڪيو ويندو، ريلي دوران اي ايس پي عتيق الرحمان پهچي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري مهلت ورتي ته هڙتال جو سڏ واپس ورتو وڃي، ڏوهارين خلاف آپريشن هلي رهيو آهي اڃان به آپريشن کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو، جنهن بعد اڳواڻن اي ايس پي کي هفتي جي مهلت ڏني ۽ چيو ته امن امان جي صورتحال بهتر نه ٿي ته هفتي بعد هڙتال جو سڏ ڏنو ويندو، اڳواڻن اعلان ڪيو ته روزاني جي بنياد تي احتجاج جاري رهندو.
-
ڪنڌڪوٽ ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ وارثن جو انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻو
ڪنڌڪوٽ/غوثپور (نمائندن وٽان )ڪنڌڪوٽ تنگواڻي غوثپور لنڪ روڊ کان پنج ڏينهن اڳ اغوا ٿيل بگٽي برادري جي منظور احمد، اسد الله بگٽي کي پوليس ظالم ڌاڙيلن جي قيد مان بازياب نه ڪرائي سگھي، بلوچستان جي شهر سوئي مان وارث ۽ بگٽي برادري جي ماڻھن پهچي گذريل ڏينهن تنگواڻي بعد غوثپور لڳ انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻو ھنيو، جنهن سبب سنڌ کان ٻين صوبن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.ايم اين اي پارلياماني سيڪريٽري پيٽروليم ميان خان بگٽي پنهنجن جي مالڪي ڪرڻ ۽ ساٿ ڏيڻ لاءِ وڏي قافلي جي صورت ۾ ڌرڻي واري ھنڌ پھتو جتي ميڊيا سان ڳالھائيندي وفاقي پارلياماني سيڪريٽري پيٽروليم ايم اين اي وڏيرو ميان خان بگٽي چيو ته سنڌ اندر بگٽين سان بار بار ظلم ڪري ڪاروبار ڪندڙن کي ڏوھاري اغوا ڪري رھيا آهن اڳ به اسان جي ماڻھن کي اغوا ڪيو ويو ھاڻي به ٻن ڄڻن کي اغوا ڪيو آهي، هن چيو ته مغوين جي بازيابي تائين احتجاج جو سلسلو جاري رهندو، جنهن بعد ايم اين اي ميان خان بگٽي ايس ايس پي بشير بروھي سان ملاقات ڪئي، ايس ايس پي مغوين کي جلد بازياب ڪرائڻ جو واعدو ڪيو.
-
سکر ۾ معصوم نينگر اصغر مڱريو جي بازيابي لاءِ احتجاج جاري
سکر(رپورٽر) پراڻي سکر جي معصوم علي اصغر مڱريو جي بازيابي لاءِ سندس وارثن پاران 363 ڏينهن به سکر پريس ڪلب ٻاهران جاري لڳاتار رات ڏينهن احتجاج جاري آهي. احتجاجي ڪئمپ تي ويٺل مغوي جي والد زاهد حسين مڱريو جو چوڻ ھو ته علي اصغر منڱريو کي 2015 ۾ سکر جي ايوب گيٽ تان اغوا ڪيو ويو ھو جيڪو اڄ تائين بازياب نه ٿي سگهيو آهي 10 سال جو عرصو گزري چڪو آھي پر سکر پوليس علي اصغر جي اغوا ڪري ڀنگ گھرندڙ خالد مڱريو ،منظور مڱريو ،سعيد مڱريو ۽ جنيد مڱريو آھن.مختلف وقتن تي ٿيل جي آءِ ٽي اجلاس ٿيا، انڪواري ۾ سڀ جوابدار ڏوھي ٿيا آهن، علي اصغر کي 10 سال ٿي ويا آھن پر اڃان تائين پٽ کي بازياب ناهي ڪرايو جيسي تائين علي اصغر مڱريو بازياب نه ٿيندو ان وقت تائين پر امن احتجاج جاري رهندو.
-
شڪارپور پوليس پاران قلات واسي ٻن مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ
شڪارپور (رپورٽ: ذوالفقار مگسي) ڪجھ عرصو اڳ هرکجي اغوا ٿيل بلوچستان جي علائقي قلات واسي غلام مصطفي بروھي ۽ عبدالقادر رند کي ٽارگيٽڊ آپريشن ذريعي سعدخاناڻي گينگ وٽان بازياب ڪرائڻ جي دعوي ڪئي آهي, هوڏانهن علائقي ۾ ٻنھي مغوين کي لکين رپيا ڀنگ عيوض بازياب ڪرائڻ جا پڻ چوٻول ھلندڙ آھن, ياد رھي ته ڄاڻايل مغوي غلام مصطفي بروهي ڏيڍ مھينو اڳ عورتاڻي آواز تي ھرکجي شاديء جي چڪر ۾ ڪار ڊرائيور عبدالقادر رند سميت ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ پهتو هو جتان کيس ڏوهاري اغوا ڪري ويا هئا.
-
کوکرا پار ۾ بگٽي برادري جو ٻن نوجوانن جي بازيابي لاءِ مظاهرو
کوکراپار (ن ع آ) ڪشمور جي ڪچي ڪچي تنگواڻي ۾ پنج ڏينھن اڳ بگٽي برادري جي ٻن نوجوانن جي اغوا خلاف ڪراچي ۾ بگٽي برادري جي سوين ماڻھن سھتاڻي اسٽاپ تي پيدل مارچ ڪري احتجاجي مظاھرو ڪيو مظاھرين ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ڪشمور پوليس خلاف سخت احتجاجي مظاھرو ڪيو، ڊاڪٽر امام بخش بگٽي.وڏيرو قادر خان بگٽي، حضوربخش بگٽي ۽ ٻين چيو ته ڌاڙيل ھٿيارن جي زور تي چار ڏينھن اڳ ٻن نوجوان منظور بگٽي ۽ اسد الله بگٽي کي اغوا ڪري ويا آھن ۽ ڏھه ڪروڙ ڀنگ گھري رھيا آھن، اسان غريب مسڪين ماڻھون آھيون ايترا پيسا ڪٿان آڻيون، ھنن وڏي وزير مراد علي شاھه، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ .ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ٿا ڪيون ته بگٽي برادري جا پنج ڏينھن پھريان ڪشمور ضلعي جي تنگواڻي ڪچي مان ٻه نوجوان اغوا ڪيا ويا آھن جن کي فوري طور تي آزاد ڪرايو وڃي .