ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پٽ ، شهيد بينظير ڀٽو جي ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس جي جوابدارن جي اپيل تي ٻڌڻي ٿي . فوت ٿيل جوابدارن جي رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي ايس ايس پي اوڀر کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي .عدالت ۾ جوابدارن جي وڪيل چيو ته اڳوڻي پوليس چيف واجد دراني ۽ راءِ طاهر بيماري سبب عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيا آهن .جوابدارن جي وڪيل چيو ته اڳوڻو آءِ جي شعيب شڊل سپريم ڪورٽ ۾ اسائنمنٽ تي ويل آهي.عدالت چيو ته جيڪڏهن هو سپريم ڪورٽ ويل آهي ته ڇا هو عدالت ۾ پيش نه ٿيندا؟ وڪيل چيو ته ڪيس ۾ ڪيترائي جوابدار فوت ٿي ويا آهن، جن ۾ اڳوڻي پوليس چيف شاهد حيات، شبير احمد قائمخاني، آغا محمد جميل، مسعود شريف ۽ ٻيا لاڏاڻو ڪري ويا آهن .وڪيل چيو ته عدالت ڪيترن ئي ٻڌڻين تي جوابدارن جي وڪيلن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.اڃان تائين رپورٽ پيش نه ڪئي وئي آهي، عدالت ۾ رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي ايس ايس پي اوڀر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو رمارڪس ۾ چيو ته مرتضيٰ ڀٽو ڪيس جون اپيلون 2010ع کان التوا هيٺ آهن. عدالت اڳڀرائي واري رپورٽ طلب ڪندي اپيلن جي وڌيڪ ٻڌڻي 7 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .