اسلام آباد(پ ر)جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته اسرائيل پنهنجي ناپاڪ ارادن جي پورائي لاءِ اڳتي وڌي رهيو آهي، امت مسلمه جا حڪمران خاموش تماشائي بڻيل آهن، جماعت اسلامي هي هفتو فلسطين ۽ لبنان جي عوام سان يڪجهتي طور ملهائيندي. 7 آڪٽوبر تي وفاقي گادي واري شهر سميت سڄي ملڪ ۾ يوم سوڳ ملهايو ويندواسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته هن وقت پاڪستان جي اعليٰ ترين عدالت واضح طور تي ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، منصور علي شاهه نئون چيف جسٽس آف پاڪستان آهي. آئيني ترميمن تي اجلاس رات جي اونداهي ۾ ڳجهي طرح نه ٿيڻ گهرجن.هن چيو ته فارم 47 ذريعي ٺهندڙ حڪومت جي ڪا به ساک ناهي، اها آئين ۾ ترميم نٿي ڪري سگهي، سياسي پارٽيون حڪومت جي چڪر ۾ نه اچن ۽ آئيني ترميمن کي مڪمل رد ڪن، نئين چيف جسٽس جي اچڻ کانپوءِ ئي ترميمن جو معاملو اٿندو.