ڳڙھي ياسين (رپورٽ : حبيب الله ڪمبوھه ) ڳڙھي ياسين ڀرسان حبيب منگراڻي ۾ منگراڻي ٻن ڌرين ۾ سردار شفقت خان منگراڻي ۽ آسير خان منگراڻي جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو چيف سردار عبدالله خان منگراڻي ابڙو ، آغا شجاع الدين دراني، وڏيرو حاڪم علي منگراڻي، وڏيرو عيدن خان منگراڻي، وڏيرو نظير خان منگراڻي، مير اسماعيل خان ڇلگري ۽ وڏيرو افغان خان منگراڻي جن جي سرپئنچي ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ سردار شفقت خان مٿان آسير خان جي ڌر جا هڪ ڪروڙ 30 لک رپيا ڏنڊ پيو جڏهن ته آسير خان جي ڌر مٿان سردار شفقت خان جو 60 لک رپيا ڏنڊ پيو . جڏهن ته آسير خان جي ڌر سردار شفقت خان تي پيل سموري ڏنڊ جي رقم قران پاڪ تي بخش ڪري ڇڏيو ڌريون کير کنڊ ٿي ويون.