گهوٽڪي(ن ع آ ) گهوٽڪي ڀرسان قادرپور جي رهواسي 25 ورهين جي نوجوان سراج ولد غلام سرور سندراڻي کي هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته سراج سندراڻي پنهنجي مائٽ سان گڏ موٽرسائيڪل تي سي پيڪ روڊ سان اچي رهيو هو ته ڳوٺ عظيم چاچڙ وٽ هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هو قتل ٿي ويو، واقعي بعد نوجوان جو لاش تعلقي اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارث لاش قادرپور کڻائي ويا، نوجوان جو لاش تعلقي اسپتال پهچڻ جو اطلاع ملندي ئي سندراڻي برداري جا وڏي انگ ۾ ماڻهو هٿيارن سان پهچي ويا، ان کانسواءِ قادرپور شهر به خوف سبب بند ٿي ويو، ماڻهو پنهنجو ڪاروبار بند ڪري هليا ويا.