ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ نواب شاھه جي نوجوان کي ڪراچي مان اغوا ڪري ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪرڻ جي الزام بابت ٻڌڻي ٿي . نوجوان جي والد درخواست ۾چيو ته سندس پٽ کي ايس ايس شهيد بينظير آباد تنوير تنيو ۽ ان جي ٽيم پٽ کي ڪراچي کڻي ڪري جعلي مقابلي ۾ قتل ڪري ڇڏيو. عدالت ۾ جاچ آفيسر ايس ايس پي سکر امجد علي شيخ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، جاچ آفيسر ايس ايس پي امجد شيخ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته درخواستگذار پاران فراهم ڪيل سي سي ٽي وي وڊيو رپورٽ فرانزڪ لاءِ موڪلي وئي آهي.مقتول جي پيءَ امير بخش مري چيو ته جاچ آفيسر اسان جو بيان رڪارڊ نه ڪيو آهي. عدالت کي استدعا ڪيون ٿا ته اسان جو قلم 164 جو بيان رڪارڊ ڪيو وڃي. عدالت جاچ آفيسر کي حڪم ڏيندي چيو ته درخواستگذار ۽ ٻين شاهدن جا 164 بيان قلمبند ڪيا وڃن.عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ايس ايس پي امجد علي شيخ کي گواهن جي بيانن سميت ذاتي حيثيت ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .