هونئن ته ڪنڌڪوٽ جي ضلعي ۾ ڀتي لاءِ ڌاڙيلن سڀني واپارين ۽ معزز شهرين کي تنگ پئي ڪيو آهي جنهن بدامني خلاف ڇهن ڏينهن کان احتجاج به هلي رهيو آهي پر سڀ کان خراب صورتحال هندو برادري جي آهي.رپورٽون آهن ته گهوٽڪي ۽ ڀرپاسي وارن ننڍن شهرن قادرپور، عادلپور ۽ سرحد سميت ٻين علائقن جي هندو ڪاروباري ماڻهن کي ڌاڙيلن پاران ڀتي لاءِ پرچيون موڪليون وڃن ٿيون.جنهن ڪري هندو برادري ۾ هڪ روايتي خوف آهي جيڪو عام مسلمانن کان وڌيڪ هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته اقليتي طور اهي پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪندا آهن. اهي ڀتي جون پرچيون هندو واپارين کي سندن گهرن، دڪانن، فيڪٽرين تي موڪليون وڃن ٿيون، ۽ کانئن پنج کان پنجاهه لک رپين تائين ڀتو گهريو وڃي ٿو. گهُربل رقم نه ملڻ جي صورت ۾ کين جاني ۽ مالي نقصان پهچائڻ جون پڻ ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون.
هونئن ته اسان جي هندو برادري سان ورهاڱي کان وٺي ناحق جاري آهي پر جيئن جيئن اسان جي سنڌ ۾ انتها پسندي ۽ ڌاري آبادڪاري وڌي رهي آهي تيئن تيئن هندو برادري کي تنگ ڪرڻ جو لاڙو به وڌندو رهيو آهي ان جا بنيادي طور ٻه سبب آهن هڪ ته کين غير مسلم سمجهي ڪري ڪجهه وڌيڪ ئي تنگ ڪيو وڃي ٿو، ٻيو ته جيئن ته هي ڪاروباري طبقو آهي تنهن ڪري وڌيڪ نشاني تي رهي ٿو. ان ڪري به سنڌ حڪومت کي هندو برادري جو جنهن کي اسان سنڌ جو اٽوٽ حصو سمجهندا آهيون تنهن جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ وڌيڪ ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اهي ڏوهارين ۽ انتها پسندن جي هٽ لسٽ تي وڌيڪ آهن.
اسان ته هن ايڊيٽوريل ۾ ڪافي ڀيرا پ پ جي سنڌ حڪومت کي اهو پاسو به ڏيکاريندا رهيا آهيون ته هندو برادري ته هونئن به پ پ جي ووٽر رهي آهي جڏهن ته سنڌ ۾ رهندڙ ٻي غير سنڌي آبادي گهٽ ئي پ پ جي ووٽر رهي آهي سو ان حساب سان پ پ کي پنهنجي ووٽر برادري جو وڌيڪ خيال ڪرڻ گهرجي پر حيرت جي ڳالهه آهي ته پ پ جو ان پاسي ڄڻ ته خيال ئي ناهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو پ پ هندو برادري جي عدم تحفظ جو غير معمولي طور ڪو نوٽيس وٺندي آهي ۽ نه ئي هندو ڪٽنب جي لڏڻ کي اها پنهنجي ووٽر جو لڏڻ وارو هاڃو ڀائيندي آهي.جڏهن ته پ پ کي پنهنجي مفاد ۾ به هندو برادري جو خاص خيال رکڻ گهرجي ۽ ان جي لڏڻ کي پنهنجو سياسي نقصان سمجهڻ گهرجي. پ پ کي هندو برادري جي تحفظ جو ان ڪري به وڌيڪ خيال ڪرڻ گهرجي جو اها هن وقت اقتداري ۽ پارلياماني جماعتن مان ملڪ جي سڀ کان وڏي سيڪيولر جماعت آهي.
جڏهن ته اسان لاءِ هندو برادري سنڌ جي اصل وارثن مان هڪ آهي. سنڌ جي وڻج واپار ۾ سندن تاريخي ۽ يادگار حصو آهي ۽ هندو برادري جي دم سان ئي سنڌ ورهاڱي کان اڳ مالي ۽ معاشي طور خوشحال هئي پر جيئن جيئن هندو برادري سنڌ مان لڏڻ لڳي ته تيئن تيئن سنڌ غريب ٿيندي وئي ڇاڪاڻ ته سنڌ جا ڪمائو فرد هڪ هڪ ڪري هتان جي بدامني ۽ اڻ تحفظ ڪري لڏندا ويا.
هاڻي به رپورٽون آهن ته ڪشمور – ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾هندو برادري پاڻ کي جاني ۽ مالي طور غير محفوظ سمجهي رهي آهي، تنهن ڪري پ پ حڪومت کي خاص طور تي هندو برادري کي تحفظ ڏيڻ لاءِ غير معمولي قدم کڻڻ گهرجن. هونئن به عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ جي اولين ذميواري حڪومت جي ئي آهي. اميد ته پ پ جي حڪومت ڪشمور – ڪنڌڪوٽ ضلعي جي مجموعي بدامني ۽ خاص ڪري هندو برادري جي تحفظ لاءِ سنجيدگي اختيار ڪري اتي حڪومتي رٽ قائم ڪندي لاقانونيت کي ختم ڪري ڏيکاريندي جنهن سان ان جي حڪومتي ڪارڪرگي به بهتر ٿي ويندي.
سنڌ جو قومي ۽ مزاحمتي شاعر گدا حسين خاصخيلي وڏي عرصي کان بيمار هو پر جيڏو وڏو هو شاعر هو جيڏو سندس شاعري ۾ مقام هو ته ڏسجي ته سندس بيماري ۾ اوڏو خيال نه ڪيو ويو جنهن سبب چئي سگهجي ٿو ته اسان سڀ گدا حسين خاصخيلي جا مياري آهيون.سندس علاج لاءِ جيڪا سگهاري مُهم هلڻ گهرجي ها ۽ سرندي وارن کي جيئن اڳتي اچڻ گهرجي ها سو ڪجهه نظر نه آيو. سنڌي ادبي سنگت به ان معاملي ۾ ڪو سگهارو ڪردار ادا نه ڪيو ۽ نه ئي پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ان معاملي کي ڀرپور انداز سان اٿاري سگهي.
اها اسان سڀني لاءِ شرم جي ڳالهه آهي ته سنڌي ٻولي جو ايڏو وڏو شاعر غربت سبب اعليٰ سطح جو علاج نه ڪرائي سگهيو ۽ گهر ۾ ئي گذاري ويو. سنڌ جي ثقافت کاتي کي ته اصل ۾ اهڙن غريب اديبن جو اوليتي بنياد تي خيال ڪرڻ جي پاليسي اختيار ڪرڻ گهرجي پر ان جو گدا حسين خاصخيلي جي حوالي سان ڪو سٺو ڪردار نظر نه آيو جڏهن ته سندس بيماري ۾ سڀ کان وڌيڪ اپيل سنڌ ثقافت کاتي کي پئي وئي ته سندس سهائتا ڪئي وڃي.
رپورٽون آهن ته گدا خاصخيلي صاحب ڪافي عرصي کان جگر جي بيماري ۾ ورتل هو. غريبي ۽ مسڪيني حال هوندي سندس ڪٽنب وس آهر ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين شهرن مان علاج ڪرائيندو رهيو آخري ڀيرو به کيس سول اسپتال نوشهرو فيروز ۾ داخل ڪرايو ويو پر ڊاڪٽرن کيس ڪراچي مان علاج ڪرائڻ جي صلاح ڏني ۽ ڪراچي مان علاج ڪرائڻ لاءِ وري سندس مالي حيثيت اجازت نه پئي ڏني اهڙي صورت ۾ يا ته ثقافت کاتو سندس مڪمل علاج جي ذميواري کڻي ها يا وري سنڌ جو قومي ۽ ادبي حلقو، ادبي سنگت مرڪز وغيره ڪا سنجيده اڳڀرائي ڪن ها پر ايئن نه ٿي سگهيو ۽ ايئن سنڌ جي هڪ تمام وڏي شاعر کي نظرانداز ڪري ساڻس ظلم ڪيو ويو. ادبي لحاظ کان به ڏسجي ته سندس شاعري جو رڳو هڪ ڪتاب شايع ٿيو جڏهن ته سندس شاعري جو تمام وڏو مواد هر لحاظ کان ڪيترن ڪتابن ۾ ڇپجڻ جو حقدار آهي پر اتي به مفلسي جو عمل دخل رهيو.
جڏهن ته سندس شاعري جي مقام تي ڪا ٻي راءِ ناهي. سندس شاعري کي تمام گهڻو ڳاتو به ويو ۽ ريفرنس طور ڪتب به آندو ويو پر ايڏي وڏي شاعر جي جيڪا مالڪي ٿيڻ گهرجي ها سا نه ڪئي وئي يا نه ٿي سگهي جنهن جو ارمان رهندو.