تعلقه ايليمينٽري سيڪنڊري (ميل۔في ميل) آفيس چمبڙ ۾ قائم ڪريو
چمبڙ ۾ چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميا جي بي ڌياني سبب تعلقه ايجوڪيشن آفيس سيڪنڊري ميل في ميل چمبڙ بدران ڪيترن ئي سالن کان ٽنڊوالهيار ۾ آهي جنهن ڪري شاگرد ۽ شاگردياڻيون سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيئي رهيون آهن، شاگردن ٻڌايو آهي ته تعلقه آفيسون چمبڙ ۾ نه هجڻ ڪري اسان کي هڪ سرٽيفڪيٽ تي صحي لاءِ 25 ڪلوميٽر پري ٽنڊوالهيار وڃڻو پوندو آهي، اسان جڏهن ضلعي جي آفيسر کي درخواست ڏني ته هن چيو چمبڙ ۾ آفيسن لاءِ جڳهه ناهي، انڪري آفيس ٽنڊوالهيار شفٽ ڪئي آهي، پر حقيقت اها آهي جو چمبڙ جي هائيرسيڪنڊري اسڪول ۾ به ڪيترائي روم خالي آهن، مختيارڪار آفيس ۾ به روم خالي آهن پر ايجوڪيشن ڊپارٽمنٽ جا آفيسر رڳو بهانا ڪري رهيا آهن، اسان جي ڀينرن کي هڪ ايجوڪيشنل ڊاڪيومينٽس لاءِ ٽنڊوالهيار وڃڻو پوندو آهي ايئن نياڻين کي بسن ۾ ڌڪا کائڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي۔ شاگردن وزير تعليم کان مطالبو آهي ته آفيسون چمبڙ ۾ شفٽ ڪري کين مشڪلاتن کان بچايو وڃي
ثوبيا کوسو / چمبڙ