دلاري بنت دلاري

تحرير: امر جليل

صبح سويري شير محمد جو فون آيو.آواز مان گھٻرايل ۽ پريشان لڳو پئي.ھڦندي ڪنبندي  شير محمد چيو”يار گپوڙي غضب ٿي ويو آهي.آفيسر صاحب جي لاءِ مان جيڪا قربانيءَ جي ڳئون آندي ھئي سا عورت بڻجي وئي آھي.“  مون شير محمد کان پڇيو، ” اڙي سچ ٻڌاءِ. ڪالهه رات تون ڪنھن ايمبيسي  جي فنڪشن ۾ تھ نه ويو هئين؟“  ”ويو ھوس“  شير محمد چيو. ”پر قسم سان ، مان ُٽن نھ ٿيو ھوس. ” اڙي جي تون ُٽن نھ ھئين تھ پوءِ  قرباني واري ڳئون عورت ڪيئن بڻجي وئي“  شير محمد چيو ” ڳئون تي جن ڀوت جو اثر آهي. ھو بھو عورت جھڙي آواز ۾ ڳالھائي ٿي. مون کي لڳي ٿو ته ڪنھن عورت جو روح  ڳئون ۾ سمائجي ويو آهي.“  مون وري پڇيو. سچ سچ ٻڌاءِ. شيري، مونکي اڃان بھ لڳي ٿو تھ، تون ُٽن آھين“ ”گپوڙي مان دنيا کي چڪر ڏئي سگھان ٿو، پر توکي چڪر ڪو نھ ڏيندس“ شير محمد چيو.”مان ُٽن نھ ھوس ۽ ھاڻي بھ ُٽن نھ آھيان“ شير محمد کي ُجٺ ڪندي مون چيو ”تون جيڪڏھن ُٽن نھ آھين تھ پوءِ ڳئون عورت جي آواز ۾ ڪئين ڳالھائڻ لڳي آھي ؟“ مان ڏاڍو پريشان آھيان گپوڙي ڀاءُ“

شير محمد ٻاڏائيندي چيو ” تڪڙو مون وٽ پھچي وڃ“ مان تڪڙي کان تڪڙو ڪنبندي  شير محمد جي گھر پھتس.اھو گھر ڪھڙو ھو،اصل ۾اهو ھڪ آفيسر صاحب جي ڊگھي ۽ ويڪري ڪوٺي  جو پٺيون حصو ھو، منهنجو دوست شير محمد سينٽرل بورڊ آف روينيو ۾ وڏي آفيسر بنام آفيسر جو  پرائيويٽ سيڪريٽري هو. بورڊ آف روينيو ھڪ تمام وڏو ادارو آهي ۽ ان جو  عمل دخل  پاڪستان جي هر صوبي ۾ نمايان نظر اچي ٿو.

روينيو بورڊ  جي وسيع اداري جي ڪنھن ھيٺين کاتي جو ڪرتا ڌرتا  شير محمد اعتماد  جوڳو ۽ ڀروسي لائق پرائيويٽ سيڪريٽري هو. ماتحت کاتي جو آفيسر  روينيو بورڊ جي ٻن مشهور زمانا  آفيسن يا ادارن يا کاتن  ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن، ڪسٽم ۽ انڪم ٽيڪس  جي کاتن جو ڊگھي عرصي تائين ڪرتا ڌرتا رھي چڪو ھو.آفيسر جي ڪم ڪرڻ جو پنهنجو انداز ۽ طريقو هو. هو عوامي  لاڳاپن يعني پبلڪ رليشنز ۾ پڪو يقين رکندو ھو. ۽ منهنجو دوست شير محمد اعليٰ آفيسر جو مڪمل اعتماد وارو ماڻهو هو. هو پنهنجي آفيسر جا اهڙا سمورا ڪم ڪندو ھو جيڪي اعليٰ آفيسر پاڻ ڪڏھن نھ ڪندو ھو.۽ نه وري ڪنهن ٻئي ملازم تي اعتبار ۽  اعتماد  ڪندو هو. شير محمد پنهنجي اعليٰ آفيسرن لاءِ غيب کان موڪليل آمدني وصول ڪندو هو ۽ ان آمدنيءَ جو حساب ڪتاب رکندو هو.بااثر ماڻھن کي  اعليٰ آفيسر پاران  تحفا، سوکڙيون پھچائيندو ھو.اقتدار اعليٰ جي ايوانن تائين تازو ۽ خشڪ ميوات جا کوکا پھچائيندو ھو.اعليٰ  آفيسر جي اعليٰ شخصن جي لاءِ رقص و موسيقي

۽ ناچ و سرور جون محفلون سجائيندون ۽ ڄمائيندو ھو.رنگين محفلن ۾ھم پلھ ادارن  جا ڪرتا ڌرتا گرمجوشي سان پنهنجي ھئڻ جو احساس ڏياريندا ھئا.  اڄ ڪلهھ  جي وزيرن ۽ مشيرن جي باري ۾ مان ڪجھه نٿو ڄاڻان، پر گذريل زماني جا وزير ڪبير اھڙيون دلفريب محفلن ۾ مستانا بڻجي حصو وٺندا ھئا.

شير محمد هن ملڪ جو ماڻهو هو، تنهن ڪري هن ملڪ جا طور طريقا ڄاڻندو ھو. رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ شير محمد گڏجاڻين ھئيت تبديل ڪري ڇڏيندو ھو.ملڻ جلڻ جو سلسلو  افطار سان  شروع ٿيندو ھو.افطار جا طعام طريقا اھڙا جو خود دعوتيل  طعام و قيام مان لطف اندوز ٿيندي حيران ٿيندي گھڙي گھڙي  آسمان ڏانهن نھاريندا ھئا.شھر جي نالي وارن عالمن کي  تراويح پڙهائڻ لاءِ دعوت ڏني ويندي ھئي تراويح جو بندوبست ڪوٺي جي ڦھليل لان تي وڇايل عاليشان  قالينن  تي ٿيندو ھو. تراويح کان پوءِ  نئين رنگ ۽ ڍنگ جون محفلون ڄمنديون ھيون.اھڙين محفلن جي باري ۾ مان ڪجهھ نٿو ڄاڻان ۽ سچي ڳالھه ھي  آهي ته آئون ڪجهه چوندي ڊڄان ٿو. ڪٿي غائب نه ٿي وڃان. بس ايترو ٻڌائي ڇڏيان تھ اھڙيون محفلون افطار کان شروع ٿي سحري تي ختم ٿينديون آهن.

عيد الاضحيٰ جي اچڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ شير محمد پنهنجي اعليٰ آفيسر لاءِ اٺ ڏهه ٻڪرا، دنبا ۽ ھڪ ڳئون وٺي ايندو هو. سڀني اعليٰ آفيسرن جو ڪوليسٽرول تمام گھڻو وڌيل ھوندو ھو. تنهنڪري ڳئون جي گوشت کائڻ کان پرھيز ڪندا آھن.ڳئون جو گوشت ڊرائيورن،پٽيوالن،مالھين ۽ اردلين ۾ ورھايو ويندو ھو. اڄوڪو قصو اھڙي ئي ڪنھن موقعي جو آهي. مون زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو شير محمد جي زبان  مان ٻڌو ته ڳئون تي بھ جن ڀوت جو اثر ٿي سگھي ٿو. مون ڊوڙ لڳائي، تڪڙي کان تڪڙو   شير محمد جي گهر پهتس. مون شير محمد کي چيو  ”مون اجڙيل گھر ۽ ماڻھن تي جنن ڀوتن جو اثر ڏٺو آھي.ڪڏهن به ڪنهن جانور تي جنن ڀوتن جو اثر ناھي ڏٺو،تون مون کي  اثر اوري ڳئون ڏيکار“ جنن ڀوتن جي اثر واري ڳئون  گھر جي پٺين پاسي ھڪ وڻ سان ٻڌل بيٺي ھئي. هوءَ ڏاڍي صحتمند ۽ خوبصورت ڳئون هئي. مون ڳئون کي ُڇهيو. اوچتو ڳئون ڪاوڙ مان ڳالهايو. ”مون کي هٿ نه لڳاءَ ،غليظ انسان“ ڊڄندي مان ٻھ قدم پوئتي ھٽي ويس،” ڳئون چيو. الله تو کي اکيون ڏنيون آهن پر تون  ڏسي نٿو سگهين. تنهنجا  ٻه ڪن آهن، پر ٻڌي نٿو سگهن. تنھنجي  وات ۾ زبان آهي، پر تون ڳالهائي نٿو سگهين،“ شير محمد ڳئون کي چيو. ”قيامت جي ڏينهن منهنجو دوست  گپوڙي نھ، بلڪھ منهنجو آفيسر،افسر علي افسر تنهنجي پٺيءَ تي سوار ٿي پل صراط پار ڪندو.“  ”تنھنجي آفيسر کي مان پل صراط جي ھيٺ ٽھڪندڙ سمنڊ ۾ ڪيرائي ڇڏينديس“

ڏسڻ  ۾ وڻندڙ  ڳئون مڇرجي چيو تھ  ”تو جهڙن ماڻهن مون کي دلاري بنت دلاري بڻائي هر جنم ۾ قربان ڪيو آهي.“

(روزاني جنگ جي ٿورن سان)

صبح سويري شير محمد جو فون آيو.آواز مان گھٻرايل ۽ پريشان لڳو پئي.ھڦندي ڪنبندي  شير محمد چيو”يار گپوڙي غضب ٿي ويو آهي.آفيسر صاحب جي لاءِ مان جيڪا قربانيءَ جي ڳئون آندي ھئي سا عورت بڻجي وئي آھي.“  مون شير محمد کان پڇيو، ” اڙي سچ ٻڌاءِ. ڪالهه رات تون ڪنھن ايمبيسي  جي فنڪشن ۾ تھ نه ويو هئين؟“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.