اسرائيل هن وقت اهو طئي ڪري ڇڏيو آهي ته هاڻ سندس وجود فقط توسيع پسندي سان ممڪن آهي آمريڪا برطانيا ۽ يورپ جا ڪجهه ملڪ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ھو سموري عرب خطي ۾ هڪ ئي وقت پنهنجي مخالف قوتن تي ٽن طرفن کان حملو ڪري ڏنو آهي لبنان ايران شام يمن تي حملا ڪيا ويا آهن
ايران جي اهم ڪمانڊرن کان پوء حسن نصرالله اڳواڻ حزب الله کي به ماريو ويو آهي هي سڀ واقعا هن دور جا تمام اهم واقعا آهن هن صورتحال ۾ دنيا وڌيڪ غير يقيني واري صورتحال ۾ آهي وڌيڪ جنگون ڦهلجڻ جي ڪري لکين ماڻهن جي مارجڻ دربدر ٿيڻ جا واقعا وڌيڪ تيزي سان ٿي رهيا آهن
وچ اوڀر هن وقت دنيا جو وڏو جنگي محاذ آهي يورپ ۾ يوڪرائن جنگ به جاري آهي هن وقت سامراجيت عروج تي آهي آمريڪا ۽ سندس اتحادين جي ڪوشش آهي ته سموري دنيا تي وري ڪنٽرول حاصل ڪريون هاڻ مزاحمت ڪئين ٿيندي يا اها ڪمزور ٿيندي اهو سوال پڻ وڌي ويو آهي دنيا وڌيڪ تشدد جبر بربريت جو شڪار ٿي رهي آهي
هن وقت آدرش نظريا تحريڪون عوامي قوتون آهي سڀ هڪ نئين فڪري شعوري ۽ عملي جنگ ۾ آهن هي دور ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏکيو دور آهي اسرائيل ۽ لبناني ويڙھاڪ تنظيم حزب الله جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌندي پئي وڃي.
اسرائيل ۽ حماس جو تازو تڪرار ستين آڪٽوبر تي تڏھن شروع ٿيو، جڏهن حماس اسرائيل تي دهشتگرداڻو حملو ڪيو جنهن ۾ ٻارنهن سئو ماڻهو مارجي ويا هئا. اسرائيلي جوابي ڪاررواين ۾ حماس جي انتظام هيٺ غزا جي صحت کاتي موجب 41 ھزارن کان وڌيڪ فلسطيني اجل جو شڪار ٿي چڪا آھن.حسن نصرالله جي مارجڻ تي عرب ملڪن جي خاموشي لبنان جي ويڙھاڪ تنظيم حزب الله جي سرواڻ، سيد حسن نصر الله جي اسرائيلي حملي ۾ مارجي وڃڻ تي خطي جي پاڙيسري سُني عرب ملڪن خاموشي اختيار ڪئي آهي.اها خاموشي انهن ملڪن جي عوام ۽ حڪومتن جي ورهاڱي ۽ اختلاف کي ظاهر ڪري ٿي.
عرب ملڪن ۾ عوامي سطح تي اسرائيل خلاف ڪاوڙ وارا جذبا موجود آهن، جڏهن ته حڪومتون يا ته اسرائيل سان ناتا معمول تي آڻڻ گھرن ٿيون يا وري حزب الله جي سرپرست ايران جون سخت مخالف آهن.
حسن نصرالله 32 ورھن تائين حزب الله جو اڳواڻ رهيو. ان دوران هن اسرائيل ۽ مغربي ملڪن کان سواءِ خطي ۾ به پنھنجا ڪيترائي دشمن پيدا ڪيا.عرب ملڪن توڙي عرب ليگ 2016 ۾ حزب الله کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو هيو، پر پوءِ عرب ليگ هن سال اھو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو.
سعودي عرب ھڪ بيان ۾ لبنان جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته لبنان جي سلامتي جو احترام ٿيڻ گھرجي، پر ان بيان ۾ حسن نصرالله جي موت جو ذڪر نه هيو. قطر، گڏيل عرب امارات ۽ بحرين حسن نصرالله جي قتل تي مڪمل خاموشي اختيار ڪري ڇڏي آهي.امارات ۽ بحرين 2020 ۾ اسرائيل سان لاڳاپا بحال ڪيا. بحرين 2011 ۾ جمهوريت جي حمايت ۾ شروع ٿيل شيعا ڪميونٽي جي تحريڪ کي دٻائي ڇڏيو ھو.
بحرين ۾ ايران جي حامي ھڪ ٽي وي چينل مختصر عوامي ميڙاڪن جا ڪجهھ ويڊيوز ڏيکاري دعويٰ ڪئي آھي ته اھي ماڻهو حسن نصرالله جي سوڳ ۾ گهرن مان نڪتا آهن. چينل چيو ته بحرين حڪومت انھن مان ڪجھ ماڻھن کي گرفتار به ڪيو آھي.بحرين ۾ مخالف ڌر جي ويب سائيٽ ’بحرين مِرر‘ موجب حسن نصرالله جي موت تي تعزيت ڪندڙ هڪ شيعا عالم کي بحرين حڪومت گرفتار ڪيو آهي.
حسن نصرالله جي قتل کانپوءِ پنهنجي پهرين تقرير ۾ مصري صدر عبدالفتاح السيسي چيو ته سمورو علائقو ڏکين حالتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جيتوڻيڪ هن به حسن نصرالله جو نالو نه کنيو.شام ۽ عراق حزب الله اڳواڻ جي مارجڻ تي ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.ڏک ۽ تنقيد حسن نصر الله جو نالو گذريل هفتي کان وٺي عرب ملڪن جي سوشل ميڊيا تي ’ٽرينڊ‘ ڪري رھيو آهي.
عمان جي مفتي اعظم شيخ احمد بن حماد سوشل ميڊيا تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته حزب الله جيسيڪريٽري جنرل جي مارجڻ تي عمان سوڳ واري حالت ۾ آهي، ڇاڪاڻ ته هو 30 ورھن کان صهيوني منصوبن جي رستي ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل هو.
سوشل ميڊيا تي ڪيترن ئي ماڻھن شام جي گهرو ويڙھ ۾ ڪردار جي بنياد تي حسن نصر الله کي تنقيد جو نشانو پڻ بڻايو، ۽ چيو ته ايران ۽ روس سان گڏجي حزب الله شامي صدر بشار الاسد جي مدد ڪئي آهي.متحده عرب امارات جي ھڪ صحافي، سيف الدرعي هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي، جنهن ۾ شام جي شهر ادلب ۾ ماڻهن کي حسن نصرالله جي مارجڻ تي ’خوشي‘ جو اظهار ڪندي ڏيکاريو ويو آهي.هن چيو ته ”حزب الله اهو ڪجھ ڪيو آهي جيڪو يهودين به اسان جي شامي ڀائرن سان ناھي ڪيو.“ ھڪ سعودي شاعر عبداللطيف الشيخ ’ايڪس‘ تي لکيو ته ”حسن نصرالله جي موت تي خوشي ڪنهن مخالفت جي ڪري نه پر انهن پاليسين سبب آهي جن ماڻهن کي ڪاوڙايو آهي.“ ڪجهه ماڻھن حسن نصرالله ۽ اسرائيل تي تنقيد ڪرڻ ۾ وچٿرائي اختيار ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي.
هڪ مصري ٽي وي چينل جي ميزبان، لامس الحديدي ’ايڪس‘ تي لکيو ته ”هن مھل خوشي جو اظهار دشمن جي ڪاميابي جو جشن ملهائڻ برابر آهي. اها ڳالهھ عرب قوم کي ورهائڻ ۽ لبنان توڙي غزا جي ماڻهن سان غداري ڪرڻ جي برابر آهي.“ هن لکيو ته اسان کي پنهنجا اختلاف هڪ پاسي رکي ۽ ايران کي وساري اهو سوچڻ گهرجي ته هن وقت هڪ عرب ملڪ تي حملو ٿي رهيو آهي.