آخري رائونڊ : گهرو ويڙهه وڌندڙ اهڃاڻ

تحرير: غلام حسين لغاري

حڪومت لڳي ٿو ته هاڻ شڪست تسليم ڪري چڪي آهي ۽ اهڙي شڪست کي منهن ڏيڻ لاءِ بغاوت جو پهريون ۽ آخري حربو استعمال ڪري پي ٽي آءِ کي قانوني طور جڪڙڻ چاهي ٿي جنهن جا ملڪي حالتن تي منفي اثر پئجي سگهن ٿا جنهن جو اڳتي هلي ازالو ڪرڻ ممڪن نه ٿيندو ۽ ملڪ هڪ صدي پوئتي هليو ويندو.هونئن به هن وقت هر ڳالهه ۾ پوئتي پيل آهي ۽ دوست ملڪ به هٿ ڪڍي چڪا آهن.حڪومت پي ٽي آءِ کي بغاوت جهڙن ڪيسن ۾ جڪڙڻ لاءِ ڪاغذي ڪارروائي مڪمل ڪري ڇڏي آهي ۽ اتحادي پارٽين سان صلاح مشورو مڪمل ڪرڻ بعد ڏينهن اڌ ۾ پي ٽي آءِ تي بندش وجهي باني سربراهه سميت مک قيادت خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.

هن ڪيس ۾ اسلام آباد جي سنجاڻي ۽ لاهور جي جلسن ۾ ٿيل جلسن ۽ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي تازي وڊيو بيان کي بنياد بڻايو ويندو.اهڙي طرح نائين مئي وارن واقعن کي به بغاوت لاءِ بنياد بڻايو ويندو.جيئن وزيراعظم واپس پهچندو ته وفاقي ڪابينا جو اجلاس ڪوٺائي ان مان منظوري ورتي ويندي.حقيقت ۾ جمهوريت ۽ سياسي حڪومتن ۾ بغاوت جا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ مخالفن کي هيسائڻ وارا طريقا ڪڏهن به ڪامياب ناهن ويا جنهن سان نفرتون پئدا ٿين ٿيون. وقت جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو به نيشنل عوامي پارٽي جي اڳواڻن ۽ بلوچ قيادت خلاف به بغاوت جهڙا ڪيس هلايا کين جيلن ۾ بند رکي سزائون ڏنيون ويون جبلن تي باغين خلاف آپريشن ٿيا پر پوءِ به ڳالهيون ٿيون پ پ پ کي بلوچستان جي ماڻهن کان معافي وٺڻي پئي اڳتي هلي پ پ پ نيشنل عوامي پارٽي سان حڪومتي اتحاد به ڪيو.

ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي تباهي ته اڳ ۾ ئي آيل آهي هاڻ آئين ۽ قانون جي حڪمراني به ڏسڻ وٽان نٿي ملي جو عدالتن ۾ جج پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن ۽ هڪ قسم جي ڇڪتاڻ پئدا ٿيل آهي جو عدل انصاف جي ڪا به اميد نظر نٿي اچي.عدالتن ۾ هزارن جي انگ ۾ ڪيس التوا ۾ پيل آهن سائلين پريشان حال آهن جن جو قانوني ۽ معاشي استحصال الڳ ٿي رهيو آهي.سپريم ڪورٽ جا فيصلا حڪومت خود مڃڻ کان نابري واريو ويٺي آهي ته ٻيا ادارا ڪيئن مڃيندا.سپريم ڪورٽ جي سينئر ججن پنهنجي ئي چيف جسٽس جي روين تي تحفظات ظاهر ڪري رهيا آهن ۽ انجي هر قدم کي غيرآئيني ۽ غيرقانوني ڪوٺي رهيا آهن.

عام راءِ اها آهي ته جج چيف جسٽس ۽ حڪومت خلاف ڪنهن وقت به پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي سگهن ٿا.جيڪڏهن ايئن ڪجهه به ٿيو ته عالمي سطح تي ملڪي عدليه جو وقار مجروح ٿي سگهي ٿو جنهن لاءِ چيف جسٽس ۽ سيبئر ججن کي پنهنجو آئيني ۽ قانوني ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ڪنهن به تڪراري فيصلن جو شڪار ٿيڻ نه گهرجي.حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کي به گهرجي ته ملڪ جي هڪ مک ۽ وڏي آئيني اداري سپريم ڪورٽ جي بقا ۽ سلامتي لاءِ آئيني ڪردار ادا ڪن انجي هر فيصلي کي مڃين عمل ڪن ڪنهن به متنازعه ترميم کان پاسو ڪن جنهن سان آئين جو بنياد ئي ختم ٿي وڃي.هونئن به 73 جي آئين ۾ آئي ڏينهن ترميمون ڪري انجو هليو بگاڙيو ويو آهي جنهن سان ملڪ جي انتظامي ۽ ڪاروباري هلائڻ واري راه کي منفي نقصان پهتو آهي ۽ ملڪ آمريت طرف وڌي چڪو آهي.ڏٺو وڃي ته ن ليگ کي اها ڳالهه ورثي ۾ مليل آهي ته جڏهن به حڪومت ۾ اچي تي آئيني ترميمون ڪرائي پسند  جا جج ۽ جنرل لڳائي اڳتي هلي انهن تي حملا ڪرائي الزام مڙهي ۽ مخالفن تي ڪيس داخل ڪرائي جيئن هن وقت ٿي رهيو آهي.

پي ٽي آءِ ايندڙ ڏينهن اڌ ۾ فيصل آباد ميانوالي ۽ ملتان ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ باني ڊي چوڪ اسلام آباد ۾ ڌرڻي هڻڻ ۽ احتجاج جو الڳ سڏ ڏنو آهي جنهن مان لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ هاڻ حڪومت خلاف آخري رائونڊ ڪرڻ وڃي رهي آهي جنهن سان حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون ۽ اهڙين حالتن جو فائدو حڪومت کي گهٽ ٻين کي وڌيڪ پئجي سگهي ٿو.پنڊي احتجاج جو جائزو وٺبو ته حڪومت ڀلي ان کي ناڪام تصور ڪري پر اهو ڪامياب ويو جو سڄو ڏينهن پنڊي جو شهر بند رهيو سون جي انگ ۾ ڪارڪن گرفتار ٿيا ۽ منجهن وڏو جوش جذبو ڏسڻ ۾ آيو.ميانوالي فيصل آباد ۽ ملتان به پي ٽي آءِ جو ڳڙهه آهي ۽ هنن شهرن جو احتجاج به حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيندو ۽ هڪ ئي ڏينهن احتجاجن کي منهن ڏيڻ حڪومت لاءِ مٿي جو سور ثابت ٿيندو.ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو وڊيو بيان به صاف ظاهر ڪري ٿو ته ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ٿيڻ وڃي رهي آهي جنهن سان رت وهي سگهي ٿو ۽ حڪومت اهڙي بيان کي بغاوت جي حد تائين تصور ڪري ٿي.ڪي پي ڪي ۾ عوامي جرڳو ڪوٺائڻ وارو بيان به ڪنهن عوامي ويڙهه جي نشاندهي ڪري ٿو ۽ خطرناڪ ثابت ٿيندي.

بهتر آهي ته علي امين گنڊاپور اهڙو بيان واپس وٺي ۽ ڪا به امڪاني حرڪت نه ڪري جنهن سان ملڪ گهرو ويڙهه طرف هليو وڃي ۽ ملڪ و قوم نتيجا ڀوڳي.هڪ وڏي عرصي بعد ڊي چوڪ تي احتجاج وارو اعلان به ڪو معمولي ناهي ڀلي حڪومت ڪنٽينر لڳائي يا گرفتاريون ڪري پوءِ به پي ٽي آءِ باني جا رانديگر اتي سر سان ڪفن ٻڌي پهچي سگهن ٿا ۽ حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون.اهڙي ڪنهن به ممڪنه احتجاج کان اڳ حڪومت پنهنجو هوڏ ۽ ضد هڪ پاسي ڪري پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي ميز تي آڻي ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ هن وقت پنهنجا ٻيڙا ساڙي حڪومت سان آخري ويڙهه وڙهڻ جو پروگرام ٺاهي ورتو آهي جيڪڏهن اهڙي ڪا ويڙهه شروع ٿي ته اها ملڪ جمهوريت ۽ عوام لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي.پي ٽي آءِ کي به ڳالهين جي ميز تي اچڻ گهرجي.

ملڪي حالتون جنهن طرف وڃي رهيون آهن جتي سياسي ۽ عدالتي انتشار هجي اتي جيڪڏهن جنهن به قسم جي ڪا ويڙهه وڙهي وئي جنهن جي ڌمڪي علي امين گنڊاپور سخت انداز ۾ ڏني آهي اتي پي ٽي آءِ باني ۽ انجي قيادت خلاف بغاوت جهڙا ڪيس پاڻي ۾ ڌوپجي ويندا. بغاوت جا ڪيس داخل ڪرڻ سياسي ڌرين کي اجايو جيلن ۾ بند رکڻ يا پسند جا جج آڻڻ آئيني عدالتون جوڙڻ جو ڪو به فائدو نه ٿيندو اهو وقتي قدم ٿيندو.بهتر ڳالهه اها آهي ته سياسي ڳالهيون ٿين جنهن ۾ سياستدان ويهن ملڪ ۽ قوم جي مفاد وٽان فيصلا ٿين مفاهمتي ڪردار کي محدود رکڻ بدران وسيع رکجي.ن ليگ ۽ پ پ پ گهڻو وقت حاڪميت جا مزا چکيا آهن هاڻ ٻين کي به موقعو ڏين.ملڪ ۽ جمهوريت بچائڻي آهي ته انتقامي ڪاروايون ختم ڪرڻ گهرجي.بهتر اهو ٿيندو ته ملڪ ۾ آزاد عدليه ۽ آزاد اليڪشن ڪميشن جي نگراني ۾ نيون چونڊون ڪري اقتدار حقيقي نمائندن حوالي ڪيو وڃي.هارس ٽريڊنگ لاءِ رستا بند ڪيا وڃن جنهن لاءِ ججن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ اجائي اختلاف درگذر ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.