خبرون گردش ڪن پيون ته ڪنهن به حوالي سان آئين ۾ ترميمون ڪرڻ وارو ڪم ٿي گذرندو.سياڻن جو چوڻ آھي ته جيڪڏهن موجوده وفاقي حڪومت ايئن نٿي ڪري سگهي ته پوءِ سندن لاءِ جتي امتحان هو اتي سندن حڪومت لاءِ به رهڻ نه رهڻ ڏکيو ٿي پوندو.ڇوته هاڻي ايوان صدر ۽ وزيرعظم هائوس واري ويڙھ آئيني ترميمن جي ڪري ختم ٿي چڪي آھي.هاڻي 1997 واري نواز شريف حڪومت ۾ ٻھ ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان ختم ڪيل 8 ترميم هاڻي پنهنجي صورت ۾ ناهي رهي.اڳي نوي جي ڏهاڪي ۾ بينظير ڀٽو صاحبه ۽ نوازشريف جون حڪومتون 8 ترميم جو شڪار ٿيون.
ان حوالي سان نوازشريف 1997 ۾ جيئن ئي ڀاري اڪثريت کڻي آيو ته هن سڀ کان پهريان 58 ٽو بي جا اختيار صدر پاڪستان کان واپس وٺي ڇڏيا.ان جي باوجود 1999 ۾ ميان نوازشريف جي حڪومت گهر ڀيڙو ٿي وئي.ان کانپوءِ جيڪي به حڪومتي سيٽ اپ ۽ اپ سيٽ جا معاملا ٿيا آھن سي پڻ عدالتي ڇڪتاڻ معرفت ٿيا آھن. پرويز مشرف جو گهر ڀيڙو ٿيڻ ،چيف جسٽس افتخار چوڌري جو سامهون اچڻ،وزيراعظم يوسف رضا گيلانيءِ جو سامهون ٿي اچڻ ۽ عدالت مان سزايافته ٿي نااهل ٿيڻ،پرويز اشرف جو وزيراعظم ٿيڻ اهو سڀ عدالتي وهنوار ۽ اختلافي سبب ڪارڻ ٿيا.وري 2013 واري نواز حڪومت اچڻ ۽ وري نوازشريف کي پاناما ڪيس ۾ نااهل ڪرڻ عدليه پڻ سامهون آئي.اهڙي ئي نموني عمران خان جو حڪومت مان نڪرڻ ۽ سندس خلاف عدم اعتماد کان پوءِقاسم سوري ۽ عدليه واري ڪهاڻي ساڳي آھي.هن وقت به پارليامينٽ عدليه جي رحم وڪرم تي ويٺي آھي.اليڪشن ڪميشن،پي ٽي آءِ جي مخصوص سيٽن بابت آيل فيصلو ۽ ان فيصلي تي ججز جو پاڻ ۾ سامهون ٿي اچڻ ۽ وري پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن مان نيون آئيني ترميمون پاس ڪرائڻ وارو معاملو ڪنهن معمي کان گهٽ ناهي.حڪومتي ڌر جي ٻنهي حلقن پي پي پي پي ۽ نوازليگ جي اهم حڪومتي زميوارن ان سلسلي ۾ جي يو آءِ سربراھ مولانا فضل الرحمان سان ملاقاتون ڪري آئيني ترميمي بلز تي حمايت وٺڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي پر هو عين وقت تي ناڪام رهيا.انهن ڳالهين ٿيڻ کان پوءِ مسلم ليگ ق جو مرڪزي صدر اڳوڻو وزير اعظم چوڌري شجاعت حسين به لاهور ۽ خاص طور اسلام آباد ۾ سرگرم رهيو۽ سينيئرسياسي ۽ پارلياماني اڳواڻن سان ظاهري ۽ لڪل ملاقاتون ڪيون.ان سموري رام ڪهاڻيءِ جو وڏو مقصد ججز جي ريٽائرمينٽ واري عمر ۾ واڌ ڪرڻ کان علاوه ڪجهھ ٻيا سياسي مقصد به سامهون اچن ٿا.جنهن لاءِ حڪومتي ڌر وڏي ڪوشش ۾ آھي ته ڪامياب وڃون.ان جي باوجود هن وقت تائين جي يو آءِ (ايف)پي ٽي آءِ ۽ جماعتي اسلامي ان لاءِ راضي ناهي.ان حوالي سان تازو هڪ خبر گردش ڪري رهي آھي ته پارلياميٽ ۾ پارلياماني سربراهن جو گڏيل هنگامي اجلاس گهرايو ويو آھي جيڪو 2آڪٽوبر 2024 تي ٿيندو.ان سلسلي۾ اها به خبر آئي آھي ته ملازمن کي اجلاس واري ڏينهن آفيسن ۾ اچڻ لاءِ روڪيو ويو آھي.هن غير معمولي اجلاس ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير ۽ حساس ادارن جي سربراهن جي اچڻ جا امڪان ٻڌايا وڃن ٿا.هن اجلاس جو ميزبان وزير اعظم ۽ نائب وزير اعظم جن هوندا.جڏهن ته اجلاس پارلياماني ڪميٽيءِ روم ۾ ٿيندو.اجلاس لاءِ انتهائي سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويندا.اجلاس جا دعوت ناما به جاري ڪيا ويا آھن.جڏهن ته ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي تي به غور ويچار ڪيو ويندو.۽ آئين ۾ دستياب اپاءِ جي تناظر ۾ جائزو وٺي فيصلا ڪرڻ جو امڪان آھي.
هن سڄي پريڪٽس مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سياسي ۽ پارلياماني ڌريون ۽ سندن اڳواڻ آئيني ترميمن کي پارليامينٽ مان پاس ڪرائڻ ۾ گڏ ٿي سگهڻ جا واضع اشارا ملي رهيا آھن.ان سلسلي ۾ جڏهن 15 ڏينهن پراڻي سرگرميون مولانا فضل الرحمان ۽ چوڌري شجاعت حسين جون ڏسندا ته ڳالھه سمجهھ جي دائري کان ٻاهر نظر نه ايندي.ان ڪري مٿي بيان ڪيل ڳالهين مان اشارا اهي ملي رهيا آھن ته ڪجهھ آئيني ترميمون ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان منظور ٿينديون.مخصوص سيٽن تي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ اليڪشن ڪميشن سان اختلاف رکندڙ ججز لاءِ ضابطه اخلاق جيڪو پڻ ججز لاءِ هوندو آھي سو پڻ سامهون اچي سگهي ٿو.انهيءِ ضابطه اخلاق جي دائري ۾ سڀ ججز اچي وڃن ٿا.هن عدالتي هنوار ۽ ترميمي بلز جي منظوريءِ واري اشوز تي ججز لاءِ قائم ڪيل Code of Conduct سامهون اچي سگهي ٿو.جيڪو پڻ منحرف ججز تي لاڳو ٿي سگهي ٿو.
ان کان علاوه گذريل ڏينهن جي يو آءِ ف سربراھ مولانا فضل الرحمان هڪ بيان ۾ لچڪ ڏيکاريندي اشارتن چيو آھي ته جيڪڏهن آئيني ترميمن پارلياماني ڌريون متفق نه ٿيون ته ممڪن آ پارلياماني نظام ڊي ريل نه ٿي.اهو اشارو ٻڌائي ٿو ته اڄ 2 آڪٽوبر 2024 تي ٿيندڙ پارلياماني پارٽين جي سربراھن واري هنگامي اجلاس ۾ ڪو ضابطه اخلاق تي رضامندو ٿي سگهي ٿو.اهو به ممڪن آھي ته ملڪ ۾ خاص طور بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي حملن وارين سازشن کي بينقاب ڪرڻ ۽ اتي انهن دهشتگرد ڪاررواين کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سڀني پارلياماني پارٽي سربراهن کان ڪا رضامندي ورتي وڃي.ان پس منظر ۾ ممڪن آ ته آئيني ترميمي بلز جي منظوريءِ وارو اشو به سامهون اچي وڃي.اتي ويٺل حساس اداري جي سربراهن سان گڏ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ ميزباني جا فرائض رکندڙ وزيراعظم ۽ نائب وزير اعظم به اتي موجود هوندو.رياستي معاملن جي بنياد تي اهڙا اجلاس هنگامي بنيادن تي به ٿيندا آھن ته ڪڏهن ڪڏهن معمول موجب به ٿي پوندا آھن.
آخرڪار رياست جيڪا ادارن جي بهتر ڪارڪردگيءِ تي دارومدار رکندي آھي جو پڻ ڇا ٿيندو.ترميمون آڻڻ يا نه آڻڻ پنهنجي جاءِ تي پر هيءِ ادارن جي سربراهن جي ڇڙواڳي،سياسي ڌرين ۾ نا اتفاقي،آئيني ۽ پارلياماني ادارن جو پاڻ ۾ متفق نه ٿيڻ گهڻو ڪجھ سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو.اميد بهتريءِ جي قائم رکندي اهو يقين رکون ٿا ته اڄ گهرايل هنگامي پارلياماني سربراهن جي اجلاس ۾ قومي مسئلن ۽ رياستي ڀلائيءِ وارن اشوز کي سامهون رکي فيصلا آندا ويندا.ته جيئن ملڪ مان سڀ کان پهريان نااتفاقي وارو عمل خم ٿئي،ادارن کي پنهنجي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ کپي،آئين ،قانون ۽ سڌارا پارليامينٽ جو ڪم آھي،عدليه کي ان تي پنهنجي فيصلن ذريعي عمل ڪرڻ کپي.اجائي ۽ بيجا مداخلتون ادارن جون ادارن سان ۽ ادارتي سربراهن جون ادارتي سربراهن سان ٽڪراءِ واري پاليسي اختيار ڪرڻ سٺو سنوڻ ناهي.اميد ٿي ڪجي ته ملڪ جي زميوار ۽ بااختيار سربراهن کي رياست جي حساسيت تي ڌيان ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آھي.