اسلام آباد (م ڊ) ناليوارو اسلامي اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ پاڪستان جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو آهي. اسلام آباد ايئرپورٽ تي مذهبي معاملن واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري سيد ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان ۽ مذهبي معاملن واري پارلياماني سيڪريٽري شمشير علي مزاري معزز مهمان جو استقبال ڪيو. حڪومت جي دعوت تي پاڪستان آيل ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ مختلف پروگرامن کي خطاب ڪندو ۽ اهم شخصيتن سان ملاقاتون به ڪندو. ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ ذريعي پاڪستان جي دوري جو اعلان ڪيو هو، جنهن ۾ هن چيو ته هو ۽ شيخ فاروق نائيڪ حڪومت جي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪندا. شيڊول موجب ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ 5 کان 6 آڪٽوبر تي ڪراچي، 12 کان 13 آڪٽوبر تي لاهور ۽ 19 ۽ 20 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ تقرير ڪندو. سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ چيو ويو آهي ته سندس خطاب مذهبي چئنل پيس ٽي وي تي به لائيو نشر ڪيو ويندو.